1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

سنڌي سماج جي تاريخ، عورت جي عظمت جي ڪهاڻي

'سنڌياڻي' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2013۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    410
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    سنڌي سماج جي تاريخ، عورت جي عظمت جي ڪهاڻي
    زرقا انقلابي
    2287 اٽيچمينٽ ڏسو
    وس پڄي ته ان ماڻهوءِ کي قبر مان به اٿاري کائنس پڇان ته تو جو چيو هيو ته ”هر عظيم انسان جي جوڙڻ ۾ عورت جو هٿ ٿيندو آهي. اهو عورت ذات کي خوش ڪرڻ لاءِ چيو هيو ته هر انسان جي جوڙي ۾ عورت جو هٿ ٿيندو آهي اهو عورت کي خوش ڪرڻ لاءِ چيو هيئي يا مرد ذات جو عورت ذات ڏانهن ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ چيو هيئي. ”عظمت پٺيان منهنجي خيال ۾ نه مرد جو هٿ آهي ۽ نه وري عورت جو، هي محنت ۽ محبت جي پيداوار آهي انسان کي موقعا، ذريعا ۽ وسيلا ملن ته ڪک مان به لک ٿي سگهي ٿو، هونئن ته اسان سڀ برابر آهيون تاريخ ۾ اهي ئي وڏا ماڻهو ليکيا ويا جن کي موقعا، ذريعا ۽ وسيلا مليا.

    2288 اٽيچمينٽ ڏسو
    چوندا آهن ته ڪو زمانو هو جڏهن معاشري ۾ عورت ذات جو راڄ هوندو هو، پر هاڻي ان جي حقيقت ڏند ڪٿا کان مٿي ڪانهي. ان جي ابتڙ حقيقت اها آهي ته عورت ذات جنهن کي اڌ ڪائنات چيو ٿو وڃي، اها صدين کان ڏچي ۾ آهي. سچ ته اهو ئي آهي ته انساني تاريخ عورت جي عظمت جي ڪهاڻي آهي. عورت ذات سان هر دور ۾ ۽ هر روپ ۾ انياءَ ئي ٿيندا آهن.
    اها مغربي ملڪن جي مهرباني، جن صلاح بيهاري ۽ دنيا جي ڳچ ملڪن کي مڃرايو ته عورتن جو عالمي ڏهاڙو به ملهايو وڃي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهو ڏهاڙو رسم طور ملهائجي؟ ثقافتي يا سماجي سرگرمي طور ملهائجي؟ يا ملڪ ۽ معاشرا پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي پاڻ محسوس ڪن ۽ ٻين کي ٻڌائين ته ٻن عالمي ڏهاڙن جي وچ واري زماني ۾ عورتن کي ڪيتري ذهني، فڪري، سماجي ۽ اقتصادي ترقي ملي؟ هنن جي ڏکن ۽ دردن جي داستان ۾ ڪهڙي ۽ ڪيتري ڪمي آئي؟.
    2289 اٽيچمينٽ ڏسو
    آئيندي جي سماج يا اجتماعي روشن مستقبل لاءِ عورت ذات جي لياقتن ۽ صلاحيتن مان ڪهڙو ۽ ڪيترو ٻڌايو ويندو. اسان جيڪڏهن پنهنجي ذهن ۾ اهي سوال نه ٿا رکون ۽ انهن جا جواب نه ٿا تلاش ڪيون ته پوءِ انهيءَ ڏهاڙي واري رسم ڪنهن به صورت ۾ ڪا رخ واري ٿي نه ٿي سگهي. جيتري قدر سنڌي سماج ۾ عورت جي حيثيت جي ڳالهه آهي اها اسان جي فريب ۽ ٻچڙائپ جو مظهر آهي. ستن قرآنن سان ڀيٽ ڏيندڙ انهيءَ عورت سان اسان صدين کان وڃي ڇا ڪيو آهي؟ سسئي کي رُلائي ماريوسين، سهڻي کي ٻوڙي ماريوسين، مومل کي ڏاگهه تي چاڙهي ختم ڪيوسين، ڇا اهو عجيب نه آهي ته جيڪي عورتون مرد ذات جي ظلم جو نشانو بڻيو ۽ نسبتن خواهه رغبتن جي راڪاسن جو ٻل ٿيون، انهن جڏهن اکيون ٻوٽيون ته اسان لاءِ سورميون بڻجي ويون. پاڻ کي ماري پٽڻ جو انوکو رواج شايد اسان جي سماج ۾ آئي اسان پنهنجي روين سان ماريل عورت کي پوءِ سماجي،، ادبي۽ نظرياتي هيروئن يا سورمي ڪري پيش ڪندا آهيون. مردي شاعرن انهن کي رومانوي داستانن جي رونق ته بڻايو، پر وڏن سچن کي لڪائي ڇڏيو. اسان جا دانشور، اديب ۽ شاعر انهن ست سورمين کي پنهنجي ادب جو تاڃي پيٽو بڻائي عورتن جي دانهن ڪوڪن کي ته زندهه رکندا اچن ٿا، پر داستانن جي مرد ڪردارن جي عورت دشمنيءَ وارن عملن ۽ روين کي وائکو نه ٿا ڪن. اهو ڪهڙو مڙس پڻو آهي ته پنهل پنهنجي ونيءَ سان ويساهه گهاتي ڪري هليو وڃي، چون ٿا ته هن کي نشو ڏنو ويو ۽ سندس ڏوهه ڪونه هيو، پر نشو جڏهن ٽٽو هوندس ته هن ڪهڙا ڪوٽ ڪيرايا؟ اسان سندس اهڙي رويي ۽ عملن تي مزمتي شاعري ڇو نه ٿا ڪيون؟ منهنجي خيال ۾ مزمت تي مزاحمت کي جنم ڏيندي آهي. اسان تي ڏکن جا ڏونگر ڪيرايا وڃن ٿا ته مزاحمتي شاعري ڪيون ٿا، پر ستن سورمين جي اڪثريت تي ڪنهن به شاعر مزمتي شاعري نه ڪئي، ڇو ته ڏوهاري مرد ميهار کي سهڻي سان محبت هئي ته پوءِ هو هڪ ڏينهن يا هڪ رات به درياهه ڪونه ٽپيو، هڪ عورت ئي سر جو سانگو لاهي محبت جو مانُ مٿي ڪيو. اسان درياهه سان جهيڙو ٿا ڪيون ته اي درياهه! تو سهڻي ٻوڙي، پر ميهار کي ميار نه ٿا ڏيون ته هن محبت جي راهه ۾ ڪک به ٻيڻو نه ڪيو، هن پاڻ کي ڪُٽيءَ کائڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ تائين محدود رکيو. هن جي ڪري هڪ وفادار محبتڻ موت جي آغوش ۾ هلي وئي، ميهار به اوترو ئي ڏوهي آهي جيترو سهڻي جي سس، پر اسان مرد ڪردار تي ڪک رکي هن جي ڏوهن کان پڙدو کڻڻ ٿا گهرون. مظلوميت جي ساڳي صورتحال مومل کي ڏسڻي پئي، راڻو پاڻ مفروضو ٺاهيو، محبت تي بهتان مڙهيائين ۽ پوءِ به اسان جي تاريخ جو هيرو آهي. هي مرد معاشرو آهي ان ڪري مردن تي معيار نه ڏبي.
    هي ته ماضيءَ جون ڳالهيون هيون. موجوده دور تي نظر ڦيرائبي ته اها عورت جيڪا ونيءَ جي روپ ۾ ڏک سک جو ساٿي آهي، ڌيءُ جي روپ ۾ اکين جو ٺار آهي، ڀيڻ جي روپ ۾ لڄ ۽ حياءَ جو آدرش آهي ۽ ماءُجي روپ ۾ عظمتن جو مينار آهي، ان سان سنڌي معاشري ۾ ذري گهٽ عرب جاهليت واري دور جو ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو. هن کي چادر ۽ چؤديواريءَ ۾ جهڙوڪ جيئري پوريو ويو آهي. ڪابه ڌر ڪابه ذات ۽ ڪوبه گروهه عورت کي مرد جي برابريءَ واري بنياد تي معاشري ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو ڀرپور موقعو نه ٿو ڏئي، زندگي جا کوڙ سارا اهڙا شعبا آهن جن ۾ عورت اڃا پير پاتو ئي ڪونهي.
    درستي ڪتابن جا ورق ورائي ڏسو پاڻ ئي خبر پئجي ويندي ۽ انهن ۾ لهجي، موضوع ۽ مواد جي حوالي سان عورت ذات جو اولڙو ئي نظر نه ايندو. ڳوٺن ۽ شهرن جا نالا ڏسو، وڏن شهرن ۾ روڊن ۽ رستن جا نالا ڳڻيو، پتو پئجي ويندو ته اسان عورت جو پنڊيءَ تي به نالو لکرائڻ گوارا نٿا ڪيون. سنڌ جي وڏيرڪي ۽ جاگيرداراڻي نظام ۾ هنڌين ماڳين ”چڱا مڙس ته آهن پر راڄ ڌياڻين جو مثال ڇو نه ٿو ملي، صوبن ۽ مرڪز جون وزارتون ٺهن ٿيون انهن ۾ عورتن جو ڪيترو انگ ٿئي ٿو. آدم شماريءَ ۾ عورتن جي تناسب جي حوالي سان ته انهن جي مختلف ادارن ۽ ملازمتن وغيره ۾ حصو هئڻ گهرجي.
    2290 اٽيچمينٽ ڏسو
    سنڌ جون سُڄاڻ ڌريون ۽ عوام دوست ڌريون اهو پاڻ تي لازم ڪري وٺن ته سنڌي عورت سان پنهنجي معاشري ۾ جيڪا مردن طرفان چڱائي لڱائي ٿئي ٿي ته ان جو رڪارڊ گڏ ڪن، اسان کي پنهنجي اڳيان اهڙو آئينو رکڻ گهرجي ته سال ۾ ڪيتريون بي گناهه ڪاريون ڪري ماريون ويون، گوريون سمجهي ڀڄايون ويون، عوام دوست وڪيل برادريءَ کي اهڙن ڪيسن جي آڌار تي انگ اکر گڏ ڪري عوام آڏو رکڻ گهرجن.
    اڄ جي سنڌي عورت سماجي برابري ۽ ٻين ڪيترين ڳالهين ۾ دنيا جي باقي عورتن کان وڌيڪ پوئتي رکي وئي آهي، پر سنڌي عورت ذهني ۽ فڪري طور تي باقي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي عورتن کان اڳتي آهي، اسان جيڪڏهن ان جي اهڙي شعور بهترين صلاحيت ۽ بي مثال لياقتن مان فائدو نٿا وٺون ۽ عورت ذات کي ترقي ڪرڻ معاشري ۾ پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو نٿا ڏيون ته پوءِ هي عالمي ڏينهن ملهائڻ بي معنيٰ بڻجي پوندا.
    منهنجي صلاح آهي ته سنڌ ۾ ”وومين انسٽيٽيوٽ“ قائم ٿيڻ گهرجن، اهو ڪم سنڌ سرڪار ڪري يا سنڌ جا ساڃاهه وند ماڻهو ڪن. انهيءَ اداري ۾ عورتن جي تنظيمن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل عورتن تي ٻڌل هڪ مشاورتي بورڊ قائم ٿئي. اهو انسٽيٽيوٽ عورتن لاءِ رسالا به ڪڍي ۽ ڪتاب به شايع ڪرائي عورتن جي سماجي تعليمي، ثقافتي ۽ سياسي خدمتن جو رڪارڊ به گڏ ڪري ۽ عورتن سان لاڳاپيل مسئلن تي تحقيق به ڪري، ايئن ڪرڻ سان اسان عورت ذات جي اڌوري ڪهاڻي کي ڪنهن حد تائين پوري ڪرڻ لاءِ جاکوڙي سگهون ٿا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,695
    ورتل پسنديدگيون:
    3,859
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    263
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    شهيد نذير عباسي جي نياڻي زرقا جو بهترين ليک۔۔عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو