8 مارچ عورتن جو عالمي ڏهاڙو

'سنڌياڻي' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2013۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    8 مارچ عورتن جو عالمي ڏهاڙو
    ````````````````````````````````
    1911ع کان ملهائجندڙ عورتن جي عالمي ڏينهن کي هڪ صدي ۽ ٻه سال اچي پڳا آهن نه عورتن جي تقدير تبديل ٿي نه مٿن تشدد بند ٿيو۔عورت اڄ به درد ڪهاڻي جو ڏيک ڏي پئي، اها اڄ به مرد جي تسڪين جو ذريعو بڻيل آهي۔
    ڏٺو وڃي ته عورتن جو عالمي ڏهاڙو نالي ماتر آهي پر ان کي فيشن بڻائي ڌنڌوڙي ماڻهن خوب ناڻو ڪمايو آهي۔اين جي اوز جيڪي سنڌ ۾ ۽ هند ۾ ڪم ڪن ٿيون، سي ناري، اٻلا ۽ مهيلا جي ڪهڙي عزت ڪن ٿيون، سي سڀ ميڊيا آڏو عيان اهن۔
    سنڌ ۾ پاڻ کي لکيل پڙهيل سمجهندڙ به عورت سان جيڪو رويو روا رکن ٿا، اهو اچرج جوڳو آهي، ڪامريڊ، ملا ۽ موالي ۾ هاڻي فرق ناهي رهيو، سڀئي عورت جي عزت جو جنازو ڪڍڻ ۾ پيش پيش آهن۔
    8 مارچ تي هن ڀيري عالمي فورم تان گهڻو ڪجهه پيش ٿئي پيو، اسان به اتي پاڻ کي جيتامڙا محسوس ڪريون پيا،
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد آهي ته اسان عورتن کي ان جو حق ڏيون انهن کي تعليم ڏانهن وٌٺي اڇون عورت ته هر روپ ۾ اسان جو ويساھ آهي هي زندگي ان عورت کان سوا۽ آڻ پوري آهي
    2292 اٽيچمينٽ ڏسو اسان جي گهر ۽ اسان جي معاشري جي سونهن اها ئي عورت آهي جيڪا اسان جي جڳ کي سونهن بخشي ٿي
    اسان کي انهن جو احترام ڪرڻ گهرجي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو