عورت لاء هڪ ڏينهن ڇو؟؟

'سنڌياڻي' فورم ۾ سنڌي نور طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2013۔

  1. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    سنڌ ۾عورتن جي پڙهڻ جي شرح 25 سيڪڙو آهي ۽ 75 سيڪڙو عورتون پڙهڻ کان محروم آهن. 25 سيڪڙو پڙهيل عورتن کي به اها آزادي ناهي ته هو پنهنجي مرضي جي تعليم ۽ هنر جي چونڊ ڪري سگهن ، اسان جي سڀني شعبن تعليم، صحت، ثقافت، ڪاروبار وغيره جو 100 سيڪڙو ئي مردن جي هٿن ۾ آهي جتي ڪم ڪرڻ لاءِ عورت کي مختلف مسئلن کي مونهن ڏيڻو پوي تو. عورت سماج کان صرف ٽي شيون گهري ٿي. (1) عزت (2) اعتماد (3) تحفظ جيڪڏهن عورت جي صلاحيت کي ڏسڻو آهي ته ان کي آزادي ڏيو جنهن سماج ۾عورت کي عزت ملي ٿي مردن برابر درجو ملي ٿو،


    ٻئي هنڌان کئيل۔

    ڀٽ ڌڻي ـ
    اَڄ پڻ اُميدُون، آگَم سَندِيُون اُڀَ ۾
    ساوَڻُ پَسِي، سَرَتِيُون! سَڄَڻُ سارِيو مُون
    آئُون آسائِتي آھِيان، مانَ ڀِڄائي ڀُون
    گَھرِ ته گُھرجِين توُن، مُندَ مڙيئِي ميِنھَن جِي
    [​IMG]
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    او ادي اسان ته سڄي عمر هڪ عورت سان گذاري ڇڏي اسان جو هڪ ڏينهن نه بلڪه پوري عمر هن لاءِ هاڻي ته بس ۔
    وسلام
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته آزادي ۽ تعليم کانسواء ڪنهن به سماج جي ترقي نا ممڪن آهي، عورت جو اهو حق آهي ته هن کي تعليم ۽ آزادي ڏجي ۔۔۔۔۔ پر ڀيڻ اسان ان معاشري جو حصو آهيون جتي مردن جا طبقا بڻجي ويا هن، هڪڙا آزاد آهن ته ٻيا زنجيرن ۾ جڪڙيل ۔۔۔ پر پوء به عورت کي پنهنجو مقام، عزت ۽ مڃتا ملڻ گهرجي۔

    مذاق مذاق ۾ ڪجهه ڳالهيون ٻيون به :

    عورت لاء هڪ ڏينهن ته مخصوص ٿيو آهي پر ويچاري مردن لاء ته اهو ڏينهن به مقرر ناهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ پوء به ڪاوڙ

    وسعت الله خان جي ٿورن سان:

     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    سُٺو جواب دوست سليمان وساڻ جو باقي وُسعت الله خان جون سِٽون تمام گهڻيون وڻندڙ آهن

    عورتن لا تعليم لازمي آهي پر اُن کان پهريان هِن معاشري ۾ سُڌارو آڻڻ لا سُجاڳي پيدا ڪرڻي پوندي
     
  5. وزير علي سومرو

    وزير علي سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 جنوري 2012
    تحريرون:
    49
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مان سول هاسپيٽل خيرپور جي ليبارٽري ۾ ليبارٽري اسسٽ
    ماڳ:
    ٺري ميرواهه ضلعو خيرپور ڊويزن سکر
    تمام سٺو ادا
     
  6. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    مذهب، سماج ۽ تقاضا ۾ وڏا تضاد آهن۔ ۔ ۔ ۔ جن جي هوندي ڪُجهه نه ٿيندو!
     
  7. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    او سائين لغاري صاحب

    تُسان به بادشاھ هو ڪجھ ڪرو ته سڀ ڪُجھ ٿي سي باقي ايون آکي سو ته واقعي ڪُجھ ڪو نه ٿي سي۔
    هاڻي جي تُسان ڊاڪٽر ٿي مريض ڪون آکو تُسا ڏا علاج ڪو نه ٿي سي ته ايھ غلط ڳالھ اي ڀرا ۔
    طبيب ڪڏهن اوين مريض دا دل هاريندا نهين ۔ جي مرندڙ مريض ڪون ڊاڪٽر آکي ته تو اڃان پنجاھ سال جيسين ته اوه گهٽ چون گهٽ پنجاھ ڏينهن تي ڪڍ ويسي۔
    هلو سائين جي برابري دي ڳالھ اي تي مايان ڪئون هل ڪهواؤ نه اوين ڪونه ٿي سي جيڪو جنهن دا ڪم هي اونهون ڪون اهو ڪرڻ ڏيوو مذهب مسماج سڀ مسئلي حل ڪرڻ چاهيندي پئي هن مسئلي پيدا نهين ڪرڻ چاهيندي ها تُسان ڊاڪٽر هوي ٻڌاؤ ته مذهب سماج ماڻهون لاءِ مسئلي ڪڏهن پيدا ڪريندي هن۔
    وسلام
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    ڏاڏا ڏاڍا ناراض لڳدا پيا ئي پر لغاري صاحب اَهدا بلڪل صحيع ئي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    آُ شآئِڻ ذڙِڻآنِ ضهٻ آُِڻ ڻ

    سائين زريناڻي صاحب اوين نا ڪرو جي مريض ڊاڪٽران ڪڻون ناراض ٿي ڳئي تي مرسن ٻيا ڪيه ڪريسن سو اسان ڊاڪٽر صاحب ڪڻون ناراض ڪونهي اوون۔
    وسلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    آُ شآئِڻ ذڙِڻآنِ ضهٻ آُِڻ ڻ

    سائين زريناڻي صاحب اوين نا ڪرو جي مريض ڊاڪتڙان ڪڻون ناراض ٿي ڳئي تي مرسن ٻيا ڪيه ڪريسن سو اسان ڊاڪٽر صاحب ڪڻون ناراض ڪونهي اوون۔
    وسلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    ههههههههههها مهربانيان ڀرا ديان __ اسان ته بابا تُساڏي نوڪر هَئون
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    افسوس اٿم ته منهنجي سجنده لکڻي کي ڏاڏا ۽ ادا وساڻ ۽ ٻين ڪٍجھ دوستن مزاق ڪري ڳالھ کي ڦيرائي ڇڏيو آهي مان ان کري هي ليک نه رکيو هو ٻئي ڳالھ ته اسان وٽ سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم ۽ تربيت طرف تمام گهٽ توجه ڏني ويندي آهي بنسبت پٽن جي، بلڪل ائين ئي اگر عورت کي تعليم گهٽ هوندي ته هن جي ذهن به اوترو ئي سوچيندو مقصد اهو ته اگر جي ڪن گهرن ۾ عورت صرف گهر جي ڪمن ۽ مخصوص دائري ۾ هوندي ته اوترو ئي سوچيندي ۽ ڳالهائيندي هيئر جي ڳالھ نه آهي پر ان ۾ صدين جو وقت لڳل آهي مون هڪڙي جي ان ڳالھ تي توهان مزاق ڪري ڳالھ ختم ڪرڻ جي همت به تڏهن ڪئي جو تعليم ۽ معاشري ڄاڻ توهان ۾ ً وڌيڪ آهي، ۽ مان اقليت ۾ آهيان توهان گهڻائي ۾، اگر گور ڪري ڏسنداسين ته ًگهمي فري سڄي ڳالھ جو مقصد اهو ايندو ته عورت جي تعليم ۽ سماجي زندگي تبديل آهي ۽ تمام گهٽ آهي، ڪيترا ميمبر آهن سنڌ سلامت ۾ پوء انهن ۾ عورتن جو تعداد ڇو گهٽ آهي صرف ان ڪري ته سنڌ سلامت جي انتظاميان جا افراد پاڻ ئي عورت جي نالي تي هر وقت مزاق لکندا رهندا آهن،
    لکڻ وارا پاڻ آهيون ۽ پڙهڻ وارا به پاڻ(مرد)آهيون، لڳي ٿو توهان جي هن دنيا(سنڌ سلامت) ۾ ڪنهن عورت کي اچڻ ئي نه ًرجي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    منهنجي ڀيڻ اوهان جي ڳالهه سو سيڪڙو سچ آهي۔ پر ڀيڻ انساني معاشري ۾ ڪجهه ريتون ڪجهه روايتون به هونديون آهن۔۔جيڪي انساني سماج ۾ وڏي اهميت رکن ٿيون۔ ٻين قومن بابت نٿو چئي سگهان پر سنڌي معاضري ۾ عورت هميشه عزت ۽ غيرت جو محور رهي آهي۔ ان جو سهو به وڏو سبب آهي ته جتي سنڌي معاشري ۾ عورت کي مان ۽ مرتبو آهي اهو شايد ٻئي ڪنهن قوم وٽ هجي۔۔ان جو مثال اهو آهي ته ڪنهن به ڳوٺ ۾ اڄ به ڪو اوڙي پاڙي جو عورتون گذرنديون آهن ته مرد ڀت طرف منهن ڪري بيهي رهندا آهن ۽ عورتن طرف نگاهه کڻڻ کي به ڏوهه سمجهندا آهن، بس اسٽاپن تي اڄ به عورتن لا منهڙا جوڙيل هوندا آهن ته بابا ٻارڙا آهن انهن کي عزت سان ويهارجي، بس ۾ سيٽن تي جيڪڏهن مرد ويٺل هوندا آهن ته ڪنڊيڪٽر انهن کي اٿاريندو آهي ته بابا اٿو ننگ ويهندا۔ مرد اهو صرف ان ڪري ڪندو آهي جو اهو اسان جي سماج ۾ سيکاريو ويندو آهي ته ننگن ۽ ٻارن جي عزت ڪرڻ سنڌي جي غيرت ۾ شامل آهي۔۔پر ڳالهه پابندين جي آهي ته اهو به اسان جي معاشري جو مسئلو آهي۔ جيڪا قوم پنهنجي ننگ جي حفاظت ڪرڻ لا غيرت مندي جو مظاهرو ڪري ٿو ته اها قوم پنهنجي قوم ڌرتي لا به اهڙي ئي غيرتمندي جو مظاهرو ڪرڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيندو۔۔ باقي ادي عورتن سان جٿي مسئلا ٿين ٿا ته ان حوالي سان ترقي يافته مغربي ملڪن ۾ به حشر اوهان پاڻ ڏسي رهيا هندئو۔۔ جتي هر 16 سالن جي ڇوڪري پنهنجي ڇڙواڳي جو ناجائز فائدو وٺي ڪنهن ناجائز ٻار کي جنم ڏئي ٿي۔ جيڪا ڳالهه رڪارڊ ۾ آهي۔۔ سعودي عرب جيڪو اڄ مهذب معاشرو سڏجي ٿو اتي جو به حشر ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي۔۔رهي ڳالهه تعليم جي ته تعليم جو اهو مقصد ڪونهي ته رڳو آزادي هجي، گهر کان ٻاهر نوڪري ڪجي۔ تعليم ته سنڌ جي مهان رهبر محترم سائين جي ايم سيد جي نياڻي محترمه سيده درشهوار به ورتي۔۔محترمه بينظير صاحبه به ورتي۔ اهي ايڏي آزادي هوندي به انهن پنهنجي ئي معاشري کي اپنائڻ کي عزيز رکيو۔ نه ڪي تعليم جي ڇڙواڳي کي مغربي تهذيب جي رنگينين کي ارپي ڇڏيائون۔۔جيڪڏهن اوهان تعليم جي نالي تي عورت جي اهڙي آزادي جا ڳالهه ڪيو ٿا ته اهو سنڌي معاشرو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو، باقي عورتن جي تعليم بابت اسلامي طور طريقن سان وڏا ذريعا موجود آهن۔۔جن کي حاصل ڪرڻ لا گهر کان ٻاهر نڪرڻ ضورري ڪونهي۔۔ مٿي تان پوتي لاهڻ تعليم حاصل ڪرڻ کي گهٽ ۾ گهٽ سنڌي معاشرو عورت جي آزادي ۽ ترقي ته نٿو چئي سگهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    اهڙي ڪا به مذاق منهنجي خيال ۾ ناهي تحرير ٿيل جنهن تي اسان جي ڀيڻ ايترو ناراض ٿي آ
    باقي خوش طبه طبيت هُجڻ کپي اُن سان پنهنجا توڻين مخاطب جا ڪجهه سور گهٽ ٿيندا آهن
    جيڪڏهن اسان کان ڪا غلطي ٿي آهي ته هِن فورم تي مان پنهنجي ڀيڻ توڻين سڄي سٿ کان معافي ٿو گهُران
    ڪجهه سَهپ به هُجڻ کَپي ، هِن جهان سان مُقابلو ڪَرڻ ايترو آسان ناهي ، وِک وِک تي ڪَنڊا وِڇايل هوندا آهن
    پر سياڻا چوندا آهن ٿڌو گهڙو پاڻ کي ڇان ۾ ويهاريندو آهي ، اُن ڳالهه کي سمجهي ويندڙ ڏُک گهٽ ڏِسندو آهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي


    الله معاف ڪري انتهائي معزررت سان مان اوهان کان شرمنده آهيان مون جنهن ڪانٽيسٽ ۾ لکيو هو ان وقت منهنجو مقصد ڪٍُجھ ٻيو هو جڏهن ته ان لکڻي ۾ به حقيقت هئي پر پوءِ به اوهان جي دل آزاري ٿي ان لاءِ معزرت۔
    جيڪي دوست مونکي سڃاڻن ٿا انهن کي خبر آهي ته الله مونکي چار نياڻيون رحمت طور ڏنيو آهن (آءُ هي ڳالھ صرف ادي جي دل آزاري ٿيڻ جي بنياد تي لکي رهيو آهيان) ته منهنجو سيلري جو گهڻو حصو نياڻين جي تعليم تي خرچ ٿيندو آهي ۔
    آءُ ڄاڻان ٿو ته پاڪ نبي صلعم جي آل سندن ڌي جي اولاد مان هلي جا اڄ سيدن جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آهي ۔
    نمبر ٻه ته مون قدرِ انساني جنهن ۾ عورت جا پنهنجا قدر آهن مرد جا پنهنجا قدر آهن ۔ هاڻي مردن جي قدر ۾ جي عورت کي اوهان ڏسڻ ٿا چاهيو ته سماج ۾ ان جا غلط اثرات مُرتب ٿيندا ۔ آءُ مثال ڏيان مرد جون جيڪي ٽي خوبيون آهن انهن جو ضد عورت جون خوبيون آهن جي اهي مرد جون خوبيون عورت ڏانهن وڃن ته عورت جي قدرن ۾ نقص ۽ جي خوبيون جون خوبيونمرد جي قدرن جون جاءِ وٺن ته اهي مرد ۾ عيب آهن مثال مرد کي مغرور نه هئڻ گهرجي جڏهن ته ان جو ضد عورت ۾ هجڻ گهرجي يعني عورت کي مغرور هجڻ گهرجي ۔ غرورعورت کي عورت جي زينت آهي ۔
    مرد کي دلير هئڻ گهرجي عورت کي بُزدل هئڻ گهرجي ۔
    مرد کي سخي هئڻ گهرجي عورت کي ڪنجوس هئڻ گهجرجي ۔
    انهن ٽنهي خوبين تي خوب بحث ٿي سگهي ٿي پر آءُ اختصار کان ڪم وٺندي
    مرد کي مغرو نه هئڻ گهرجي پر عورت کي مغرو هجڻ گهرجي ان جي وجھ اها ٻُڌائي وئي آهي ته جي عورت مغرور هوندي ته ان ڏانهن غير شهوت جي نگاه سان نه ڏسندو۔
    مرد کي دلير هئڻ گهرجي عورت کي ڇو نه ۔ جي عورت بهادري ڏيکارڻ شروع ڪئي ته پاڙي ۾ ٿوري به ڳالھ ٿي لٺ کنيو بيٺي هوندي پوءِ ڏيو منهن ۔
    مرد کي سخي ۽ عورت کي ڪنجوس هئڻ گهرجي ڇو جي عورت سخي هوندي ته مرد ڪمائي اچي هي سخاوت ڪيون بيٺي هجي پوءِ ته سبحان الله ۔
    سو ادي لبرل ٿيڻ لازمي آهي پر لبرل به ايترو ٿيڻ گهرجي جيسيتائين انسان ۾ وري جنس جون قدرون باقي رهي سهگن ۔
    باقي اسلام ته اهو چيو آهي علم جي طلب هر مرد توڙي عورت تي فرض آهي ۔
    مذڪوره گفتگو مان به جي اوهان جي دلاآزاري ٿي آهي ته معاف ڪجو۔
    وسلام
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    غلام صغرا سولنگي – جنهن تي سنڌ فخر ڪري ٿي
    خيرپور ضلعي سان واسطو رکندڙ سماج سڌارڪ عورت غلام صغرا سولنگي کي ڳوٺاڻن علائقن ۾ عورتن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ تي آمريڪا ۾ جرئت مند عورت جو عالمي ايوارڊ / انٽرنيشنل وومين آف ڪريج ايوارڊ ڏنو ويو. غلام صغرا کي اهو ايوارڊ آمريڪا جي صدر بارڪ حسين اوبامه جي گهر واري مشل اوبامه ڏنو آهي، ان موقعي تي آمريڪا جي پرڏيهي وزير هيلري روڍم ڪلنٽن به موجود هئي.
    غلام صغرا سولنگي خيرپور ميرس کان 30 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع ڳوٺ عارب سولنگي ۾ جنم ورتو. سندس والد گورنمنٽ اسڪول ۾ ماستر هو پر علائقي ۾ جهالت جي صورت حال اها هئي جو هيءُ پڙهيل لکيل شخص به نياڻين جي تعليم جي خلاف هو ۽ هن پنهنجي نياڻيءَ کي علم جي روشني کان پري رکيو. نه رڳو ايترو پر صغرا اڃا 12 ورهين جي مس ٿي هئي ته ان عمر ۾ جڏهن اڃا کيس گُڏين سان راند ڪرڻي هئي ۽ گُڏي گُڏيءَ جي شادي لاءِ سهرا چوڻا هئا مائٽن سندس ئي هٿن تي ميندي لائيندي سندس شادي ڪرائي ڇڏي ۽ ايئن هوءَ ننڍپڻ ۾ ئي ڪنوار بڻجي ٻالڪ پڻي مان يڪدم عورت بڻائي وئي. صغرا ته صبر ڪيو پر سندس قسمت کي مٿس رحم نه آيو. ساهرن ۾ هن ٻن ٻارن کي جنم ڏنو ته مائٽن پاران تعليم نه ڏيارڻ جو ڏوهه سندس قسمت ۾ لکيو ويو. سندس مڙس صغرا کي اهو چئي طلاق ڏئي ڇڏي ته صغرا بدصورت ۽ جاهل آهي [​IMG] صغرا ان آفت جو ثابت قدمي سان مقابلو ڪيو ۽ همت هارڻ بدران هن علم حاصل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو، هن گهر ۾ پڙهڻ شروع ڪيو ته سندس والد ۽ ڀائرن به سخت مخالفت ڪئي ۽ کيس سخت مارڪٽ ڪيائون صغرا رات جو ڪپڙا سبندي ۽ ڏينهن جو پڙهندي هئي. سندس اکين مان نير وهندا ها پر هن همت ۽ حوصلي سان پڙهڻ جاري رکيو. هن غير روايتي طريقي سان پهرين مئٽرڪ پوءِ انٽر، گريجوئيشن ۽ سوشالاجي ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي. نه رڳو ايترو پر هن پنهنجي ۽ علائقي جي ٻين نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. کيس ٽيچر ڀرتي ڪيو ويو. 1993ع ۾ هن اين جي او ماروي رورل ڊيولپمنٽ آرگنائيزيشن قائم ڪري نياڻين جي تعليم لاءِ جاکوڙ ڪئي. ان ڏس ۾ مردن ته مخالفت ڪئي پر عورتن همت ڪندي نياڻيون پڙهائڻ جي حامي ڀري. پر مسئلو ڪتابن ۽ يونيفارم جو پيدا ٿيو. صغرا 10،10 رپيا ڦوڙي ڪري ڪتاب ۽ يونيفارم جو بندوبست ڪيو. پوءِ ويسي / ڪميٽي رکي وئي جنهن جون شروعاتي طور 25 عورتون ميمبر بڻيون اهڙي ريت هن تنظيم جو ڪم اڳتي وڌندو رهيو. اڳتي هلي هن تنظيم ننڍا قرض ۽ بچت اسڪيم شروع ڪئي. گلاب پوکڻ، صحت ۽ خانداني منصوبابندي لاءِ قرض ڏنا. اڄ سڄو ڳوٺ ۽ تر صغرا جي تنظيم مان فائدو کڻي رهيو آهي ۽ ان تي فخر ڪري ٿو. تنظيم جو دائرو سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي 500 ڳوٺن تائين پکڙجي چڪو آهي. صغرا جي پنهنجي ڌيءُ اسلام آباد ۾ علم حاصل ڪري رهي آهي. هن محنت سان مردن جي ذهنيت به تبديل ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب مٿس سڄي سنڌ کي فخر آهي



    هن لنڪ تان کنيل عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان۔۔۔http://padidanherald.wordpress.com/category/heroes/
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڏاڏل شينو صاحب اسان سئي هڻڻ والي ڊاڪٽر ڪونهي هيئون ۔ ۔ ۔ ۔پر ماريا انهي ڳالهه هي ته اسان ڊاڪٽر آف فلاسافي ڪتي هي سا به ڪئمسٽري وچ ۔ ۔ ۔سو اها ڀيٽ ڪرڻ ته انصاف ڪونهي ڪو۔
    پر زماني تي وچ رهندي اهو ضرور ڏٺا هي ته اسان او نگاههِ ڪرم ساز ۽ سُر نال درگاهه تي ٻُڌ واهه واهه ڪريندي هون پر ساڳي ڪم مسجد وچ ڪو ڪرڻ دي ڳالهه ڪري ته اصل موت دي فتوي۔ ۔ ۔ٻِٽا معيار رُڳا پي پي دا ڪونهي پر هر ماڻهو ڪڻين ٻِٽي معيار هنِ۔ ۔ ۔ ۔ادي نور دي مرضي هي ته عورت ڪون آزادي ڏيئو ۔ ۔ ۔ٿي سگهي ادي دا مطلب ڪو ٻيا هووي پر جيڪو سمجهه وچ آندا هي اهو اهو ته هر ڪم وچ عورت مرد نال ڪُلها ڪُلهي وچ مِلا کڙي ۔ ۔ ۔ ۔تُسان ٻُڌايو ته هڪ پا پرده عورت لاءي اهين سماج وچ اهو ممڪن هي؟ جڏهن ته اڄ ادارين دي پهلي ترجيح اها هي ته عورت رکڻي ئي ماڻهوئان ڪون ڪشش ڪرڻ لاءِ هي۔ ۔ ۔ ۔۽ مذهب ديا ڪافي سريان پابنديان ۔ ۔ ۔ميڏا هڪ مسلمان دي حيثيت وچ اهو قطعي آکڻ ڪونهي ته مذهب رُڪاوٽ هي پر مذهب تي هلندي اهين سماج وچ گڏجي ڪم ڪرڻ کڻي نا ممڪن ڪونهي ته به مشڪلات دي انهي درجي تي ضرور هي جٿئون نا ممڪنات دي شروعات ٿيندي هي۔ ۔ ۔ جڏهن ته تقاضا اها هي ته سڀ گڏجي ڪم ڪرن ته گاڏا ٺيڪ هلسي۔

    سنڌي نور اوهان جي ڳالهه صحيح آهي ۽ مذاق ۾ چيل ڳالهه متان موضوع جي جواب طور ٺهڪندڙ يا مناسب نه به هُجي ته به انهي ۾ ڪا غلط ڳالهه ته ناهي۔ ۔ ۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    مان ڪنهن کان ڪا وضاحت نه آهي گھري بس پنهنجي جيء ۾ جھاتي پائي هڪ دفعو ضرور ڏسندا ته ڪٿي توهان هٿان ته عورت جي حق جي لتاڙ ته نه پئي ٿئي؟ اگر ان ڳالھ کي سمجھي وياسين ته هي معاشرو پاڻهي سڌري ويندو۔ پٽ ۽ نياڻي وچ ۾ تعليم، تربيت،۽ غذا ۾ فرق نه هجي اسان جي ايندڙ نسل تمام بهترين ۽ وطن لاء جاکوڙيندڙ نظر ايندي،
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو