سنڌي شاعريءَ جو سفر

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2013۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    سنڌي ادبي سنگت جو هڪ اهم ڪارنامو


    `````````````````````````````
    سنڌي شاعريءَ جو سفر
    2295 اٽيچمينٽ ڏسو 2296 اٽيچمينٽ ڏسو

    منهنجي دوست ڊاڪٽر ذوالفقار سيال گهڻو قرب ڪري مونکي پنهنجي ڊگهي پورهئي تي ٻڌل ڪتاب ”سنڌي شاعريءَ جو سفر“ ڏيندي فقط اهو چيو هو ته ”پهرئين پڙهجانءِ پوءِ جيڪي محسوس ڪرين لکجانءِ“ هن جو ايترو چوڻ ڪافي هو. پر هن اهو جنهن اعتماد سان چيو شايد اهو سندس اندر ۾ موجود هو.
    ۽ هاڻ مان هن ڪتاب کي پڙهڻ کانپوءِ جيڪو ۽ جيئن محسوس ڪريان ٿو اهو بلڪل ايئن ئي لکان ٿو. پر اهو لکڻ کان اڳ سنڌي ادبي سنگت پاران ڇپايل هن دستاويز تي، ان کي ڪنهن به ريت ساراهڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. پڪ سان سنگت هن سال پنهنجي پبليڪيشن ۾ ڪجهه به نه آندو تڏهن به هيءُ ڪتاب ان سموري عرصي جو عيوضيپڻو ادا ڪندو؟
    سنڌي شاعريءَ جو سفر، سن 495ع کان 2012ع تائين معنيٰ اسان کي ميسر ٿيل تاريخ جي پهرئين دور راءِ گهراڻي کان اڄ تائين جي هن ڊگهي سفر جو هڪ يادگار دستاويز اسان جي دوست ۽ تخليقي شاعر ذوالفقار سيال تيار ڪريو آهي، دراصل جيڪو هن جو تحقيقي ۽ ترتيبي ڪم آهي، جيڪڏهن مان ڀلجان نٿو ته سنڌيءَ شاعريءَ جي سفر تي، لوڪ ادب جي تحقيق کي الڳ ڪرڻ کانپوءِ هيءَ پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ تمام ڊگهو سفر آهي، سنڌي شاعريءَ جو. جنهن لاءِ ممڪن آهي ته هن ڪتاب جيترا ڪيئي ڪتاب جڙي سگهن، پر هيءَ ڪتاب جنهن سان به اسهمتي ڏيکارڻ جو هر پڙهندڙ توڻي لکندڙ جو حق هوندو. پر اها ڳالهه وسارڻ نه کپي ته هيءُ ڪتاب سنڌي شاعريءَ جي پهرين مڪمل انٿلاجيءَ جون گهڻيون گهڻيون گهرجون پوريون ڪري ٿو ۽ ايئن هيءُ ڪتاب هڪ ٿيسز جيترو مان لهڻي، راءِ گهراڻي کان اڄ تائين سنڌ ۾ ٿيل سموري شاعريءَ جا مثال/نمونا هٿ ڪرڻ هڪ تحقيق جو ڪم ته آهي، جيڪو ڪتاب ۾ نمايان ٿي بيٺو آهي، پر سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان اهو ٿيو آهي، ان ڪري وڌيڪ خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ذوالفقار سيال جو هيءَ ڪم جلد جي اندر هڪ ڊگهي فهرست ڏسڻ سان ئي پڙهندڙ وٽ هڪ احترام جوڙي وٺندو هو اهو ته يقيني آهي، پر انهن کي تنقيد ڪرڻ جو حق هوندو جيڪي هن لاجواب ڪتاب ۾ شامل نه آهن
    مان ڀانيان ٿو ته هي ڪتاب هڪ اهڙي دستاويز جي شڪل وٺي بيٺو آهي، جيڪو ڪنهن نصاب لاءِ به اهميت وارو هوندو آهي، اڄ جي جديد دور ۾ هي ڪتاب سنڌي شاعريءَ جي سفر جو دستاويز آهي، جنهن کي اسان جي دوست ذوالفقار سيال الڳ دورن ۾ ورهايو آهي، جن جو تفصيل هيئن جڙيل آهي. باب پهريون اوائلي ۽ قديم سنڌي شاعري راءِ گهراڻي جو دور، سومرن جو دور، سمن جو دور، ارغونن جو دور، ترخانن جو دور، مغلن جو دور، ڪلهوڙن جو دور، ٽالپرن جو دور ۽ انگريزن جو دور، ڪتاب جو ٻيو دور، جنهن باب ۾ آهي، ان باب ۾ عنوان آهي، ورهاڱي کان اڳ۽ پوءِ جي شاعري ۽ ڪتاب جي ٽئين باب کي ليکڪ جديد دور ڪويو آهي، جنهن ۾ هن چار حصا الڳ الڳ رکيا آهن، جيتوڻيڪ ليکڪ لاءِ شاعرن کي ڪنهن نصابي ترتيب سان رکڻ جي ڏکيائي ان ڪري آڏو آيل آهي، جو هن کي جيڪو مواد جيئن ميسر ٿيو آهي، اهو ان ترتيب سان رکيو ويو آهي. جنهن ۾ سينئر ۽ جونيئر جو ويڇو نه رکيو ويو آهي. ۽ ايئن پيڙهي وڇوٽيءَ وارو جملو نه هن ڪتاب لاءِ استعمال ڪري نه سگهبو. هر شاعر جي جنم، جنم هنڌ ۽ وفات جي تاريخ ڪتاب کي هڪ وڌيڪ اهميت ڏياري آهي، ساڳئي وقت ڪتاب ۾ شامل شاعرن جون ڪي ناياب تصويرون پڻ هن ڪتاب کي هڪ تاريخي شاعراڻو دستاويز بڻائي ويون آهن ۽ هن سموري ٿڪائيندڙ ڪم پويان ذوالفقار سيال جيڪو وقت ۽ قوت ڏني آهي، ان لاءِ سچ ته هو گهڻين تعريفن جي لائق آهي. ڪتاب جي ٻي اهميت اها به آهي شاعر طور ڪي اهڙا نالا به هن دستاويز جي زينت بڻيل آهن جن جي مون سميت ممڪن آهي ته گهڻن پڙهندڙن کي سُڌ نه هجي. ساڳئي وقت هند ۾ رهندڙ گهڻن شاعرن جو ذڪر به هن ڪتاب ۾ آهي، ان ڪري هي ڪتاب سرحدي حد بندين کان به اڄ جي دور ۾ آجو آهي. ايئن هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن جي اهم ۽ ويڪري دائري ۾ پهرين انٿالاجي قبول ڪري سگهجي ٿي. مونکي هن ڪتاب کي ڏسي ۽ سنڌ ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ لکيل ڪيترن ڪتابن کي ڏسي، ايئن چوندي ڪنهن به قسم جي هٻڪ نٿي ٿئي ته سنڌ جي ڪابه يونيورسٽي هن ڪتاب کي پي ايڇ ڊي لاءِ ٿيسز طور قبول ڪري سهيڙيندڙ کي ڊگري ڏيندي ته اهو ان يونيورسٽي لاءِ فخر جوڳو ڪم هوندو. اهو قبول ڪري سگهجي ٿو ته اڄ انٽرنيٽ معلومات کي سهنجو ڪيو آهي. پر هن قسم جا ڪتاب سنڌي ادب ۾ وڌيڪ اچڻ کپن، جيئن اسان جي هن سنڌي شاعريءَ جي سفر وانگر مجموعي سنڌي ادب جي سفر جو دستاويز به ملي پوي. سنڌي شاعريءَ جي سفر ڪتاب ۾ ان سفر بابت مهاڪوي شيخ اياز ۽ علامه غلام محمد گراميءَ جا ڪي اهم ليک ڏنا ويا آهن جيئن هن سفر جي آساني سان ڄاڻ پئجي سگهي. ٻيءَ طرح دبل ديمي دائيز جي ٽي سئو ٻارنهن صفحن تي پکڙيل هن شاندار ڪتاب جي شاندار فهرست خود سفر جون نشانيون ڏسي ٿي، ڪنهن به حوالي ۾ هيءَ شاعراڻو سفر سهيڙي اسان جي دوست ذوالفقار سيال نهايت اهم تحقيقي ترتيبي ڪم ڪيو آهي، هونئن هو هڪ خوبصورت تخليقڪار ته آهي ئي ۽ ڊاڪٽر به آهي. هيءَ ٽيون اعزاز آهي کيس جي کاتي ۾ جنهن جو مرتبو بحرحال ڪنهن ٿيسز جيترو آهي، مان هوند هن تحقيقي ۽ ترتيبي ڪتاب تي کيس ڊاڪٽر ذوالفقار ڪوٺيان ۽ ايئن ئي لکان. منهنجي خواهش اهڙي آهي، پر هر خواهش ڪٿي ٿي پوري ٿئي، اها خواهش به آهي ته سنڌي ادبي سنگت هن ڪتاب جهڙا ٻيا ڪتاب به ڇپائي. ايئن هوءَ هڪ عاليشان ادب سنڌي پڙهندڙن کي ڏئي سگهندي. سنگت لاءِ ذوالفقار لاءِ نيڪ خواهشون.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي بهترين ڪاوش ۔۔۔ هي ڪتاب سڀني ادب ۽ شاعر دوستن کي پڙهڻ گهرجي۔
     
  3. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    ادا سليمان صاحب اهو ڪتاب
    سنڌ سلامت تي آهي يا نه؟؟
    اگر ناهي ته پوء جلدي آڻيندا
    ته مهرباني ٿيندي۔۔۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پيارا سائين مان ته سڀني پبلشرز، شاعرن ۽ اديبن کي عرض رکندو آهيان ته پنهنجي ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏين جيئن دنيا ۾ رهندڙ سڀني سنڌين سان نيٽ ذريعي شيئر ڪري سگهون۔ هاڻي اهو ڊاڪٽر صاحب تي آهي ته ڪڏهن ٿا ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏين۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    ادا توهان جي ائڊريس ڇا آهي
    آئون توهان کي فراق هاليپوٽو جو ڪتاب
    موڪليان۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو