1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

احسن البيان مولانا محمد ادريس ڏاهري

'قرآن مجيد' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2013۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,798
    ورتل پسنديدگيون:
    2,036
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ڄامشورو
    احسن البيان في تفسير القرآن

    مفسر : مولانا محمد ادريس ڏاهري

    مولانا ادريس ولد حاجي رب رکيو ڏاهري 17 سيپٽيمبر 1949 ع تي پنهنجي آبائي ڳوٺ لڳ مقيم ڏاهري ، تعلقو دولتپور ضلع نواب شاھ ۾ ڄائو . ابتدائي پرائمري ۽ ناظره قرآن پاڪ جي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي مدرسي ۾ حاصل ڪيائين ، فارسيءَ جي تعليم مولانا خان محمد ڏاهري وٽ ۽ عربيءَ تعليم علامه محمد اڪتڙائي وٽ پڙهي ، مدرسه افضل المدارس ڳوٺ مقيم ڏاهريءَ ۾ درس نظامي جي سند حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿيو . ان سان گڏوگڏ ”مولوي فاضل عربي“ فرسٽ ڪلاس ۽ دوره حديث مدرسه رڪن الاسلام حيدرآباد ۾ پڙيائون . تنظيم المدارس جو اعلى امتحان پڻ ممتاز حيثيت سان ڪامياب ٿيو .
    مولانا محمد ادريس ڏاهري ظاهري علمن کان فراغت کان پوءِ نقشبندي سلسلي جي مشهور بزرگ خواجه الله بخش نقشبندي غفاري جي هٿ تي دست بيعت ٿي ، خلافت جو خرقو حاصل ڪيو ، پاڻ هن وقت درس ۽ تدريس سان وابسطه آهن . الله پاڪ کين مخوص انداز ۾ خطاب ڪرڻ جو ملڪو عطا ڪيو آهي . سندس تصنيف ڪيل هيٺيان ڪتاب ڇپجي چڪا ۽ ڪافي قلمي حالت ۾ آهن .

    1: مناقب الصالحين
    2: الاربعين في فضائل خلفاء راشدين
    3: شرح قصيده برده شريف
    4: جام تصوف
    5: شرح اسماء الله الحسنى
    6: سيرت بادشاه بغدادي
    7: شرح قصيده غوثيه
    8: تحفة الحجاج
    9: مدح نامه سنڌ (فارسي ترجمو)
    10: سيرت صديق اڪبر
    12: قادري تحفو
    13: سيرت اويس قرني
    14: تفسير احسن البيان
    15: ماڻڪ موتي لعل

    تفسير جو تعارف:

    ” احسن البيان في تفسير القرآن“مولانا محمد ادريس ڏاهريجو تصنيف آهي . هن وقت تائين هن تفسير جا ٻه جلد ڇپجي شايع ٿي چڪا آهن جلد اول ”سورة الفاتحه“ ۽ ” سورة البقره“ تائين ۽ ٻئي جلد ۾ سورة آلعمران ۽ سورة النساء “ جو تفسير ڏنو ويو آهي ( نوٽ هي ثيسس يعني مقالو1997 جو ڇپيل آهي) ، اهي ٻئي جلد اداره خدمت القرآن والسنة شاهپور جهانيان ضلع نواب شاھ جي سهڪار سان 1994 ۽ 1995 ۾ شايع ٿيا آهن .
    تفسير جي ترتيب ۽ سٽاءُ:
    تفسير احسن البيان جي مطالعي مان اهو صاف طرح سان واضح ٿئي ٿو ته مولانا محمد ادريس ڏاهري هن تفسير جي ترتيب ۽ سٽاءُ ۾ سڀ کان پهريائين هڪ عالمانه مقدمو ڏنو آهي ، جنهن ۾ علم التفسير جي مختصر تاريخ ، قرآن پاڪ جي جمع ڪرڻ ۽ ان جي تدوين جي تاريخ ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت جي جي آيتن تي روشني ۾ وڌي آهي . ان کان پوءِ هر سورة سان گڏ انجي ربط ۽ لاڳاپي ، شان نزول ۽ فضيلت کي بيان ڪيو آهي . ان طرح هي سورة جي هر هڪ آيت جي هيٺيان انجو ترجمو ڏئي ، تفسير بيان ڪيو آهي ، تفسير بيان ڪندي قرآن پاڪ جي آيتن ، حديث پاڪ ۽ قديم ۽ جديد عربي ۽ فارسي تفسيرن جا حوالا جاءِ بجاءِ نقل ڪيا ويا آهن ، ڪافي جاين تي غير مسلمن ۽ جديد ذهن رکندڙن طرفان اسلام تي جيڪي اعراضات اٿيارا وڃن ٿا ، تن جا پڻ نهايت مدلل جواب ڏنا اٿائين . مجموعي طور تي مولانا محمد ادريس ڏاهري وڏي محنت ۽ وسيع مطالعي جي آڌار تي تفسير لکيو آهي ، باوجود انهن ڳالھين جي مولانا صاحب پنهنجو پاڻ کي مسلڪي بحث کان بچائي نه سگهيو آهي ۽ ائين ٿو محسوس ٿئي ته هيءُ تفسير خاص مسلڪ سان وابسطه فردن لاءِ لکيو ويو آهي ۽ خاص مسلڪ جو نمائنده تفسير آهي .

    تفسير ۾ ڪم آندل ٻولي:

    مولانا محمد ادريس ڏاهري جي هن تفسير جي مطالعي مان ظاهر تئي ٿو ته مولانا صاحب جديد دور جي نثر نوايسيءَ جي اصولن تي ڪار بند رهيو آهي . سنڌي عبارت سليس ۽ عام فهم استعمال ڪئي اٿائين پاڻ جيئن ته سنڌ جي وچوليءَ واري حصي سان تعلق رکي ٿو ان ڪري سندس تحرير ۾ وچولي وارو معياري لهجو استعمال ڪيل آهن . عربيءَ ۽ فارسي جي ڏکين لفظن ۽ محاورن کان گهڻي قدر پرهيز ڪئي اٿائين .

    تجزيو:

    ” احسن البيان في تفسير القرآن“ سنڌيءَ زبان جي ديني ادب ۾ هڪ بيش بها اضافو آهي ، اسان جي راءِ آهي ته مولانا ڏاهريءَ صاحب جيڪڏهن متفقه عليه ۽ جديد دنيا جي ضرورتن ۽ تقاضائن کي سامهون رکي ، پنهنجي رهيل تفسير کي مرتب ڪري ته ، هوند سنڌ جا ڪافي ماڻهو ان مان لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا.

    پي ايڇ ڊي مقالو:
    قرآن مجيد جا سنڌي ترجمه ۽ تفسير
    ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهرو
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,565
    ورتل پسنديدگيون:
    5,461
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    مولانا محمد ادريس ڏاهري صاحب جن جي لکيل تفسير جا 9 جلد ڪافي وقت کان مڪمل ٿي چڪا آهن۔۔۔ چيو پيو وڃي ته سنڌي زبان ۾ سندن طرفان لکيل تفسير واحد، مفصل ۽ جامع آهي۔۔۔ سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن پروجيڪٽ ۾ جتي ٻيا ترجما پڻ شامل ڪيا ويندا اتي هن جامع ۽ تفصيلي تفسير کي خصوصاَ شامل ڪيو ويندو۔۔۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,798
    ورتل پسنديدگيون:
    2,036
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جي سائين بلڪل هاڻي اهي 9 جلد شايع ٿي چڪا آهن ، منهنجو پيش ڪيل مضمون دراصل 1997 ع جو لکيل ٿيسس جنهن کي ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهري صاحب جو لکيل آهي تنهن کان کنيل آهي .
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,279
    ورتل پسنديدگيون:
    2,885
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    تفسير جي ڪمپوزنگ جو مرحلو ته تقريبا مڪمل ٿي چڪو آهي ليڪن پروف ريڊنگ ۾ ڪافي دوستن جي مدد جي ضرورت آهي اگر ڪو دوست تيار ٿئي ته ڪجهه ڪم ان جي حوالي ڪجي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,355
    ورتل پسنديدگيون:
    6,685
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    ڌنڌو:
    طالبلعم
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    ان حوالي سان سنڌسلامت تي هڪ نوٽيس لڳايو وڃي ۽ پڻ ميمبرن کي ذاتي ڪچهري ۾ درخواست ڪئي وڃي ته اُهي ان ڪارِ خير ۾ حصو وٺن.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو