قدر پنهنجي پنهنجي

'سنڌياڻي' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏10 مارچ 2013۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    مرد توڙي عورت انسان جا ٻح روپ آهن ۔جيئن الاهي مخلوق جون قدرون عليحده عليحده آهن، نباتات جون پنهنجون قدرون آهن ته جمادات جون پنهنجون قدرون آهن حيوانات جون پنهنجون قدرون آهن ڪي حيوان حلال ته ڪي حيوان حرام آهن ۔ حشرات العرض جون پنهنجون قدرون آهن ۔ هاڻي ائين نه ٿو ٿي سگهي ته جمادات ۾ هر پٿر چوي ته جيڪا قدر زرقون جي آهي سا عام پٿر کي ملي نه وري يعقود جي قدر زرقون گهري ٿو۔ نه وري ڪو عام پٿر ڪنهنن قيمتي پٿر جي قدر گهري ٿو ته اسان کي برابري جا حقوق ڏنا وڃن هيرو ته بادشاهن جي تاج ۾ لڳي ٿو ۽ ٻيو پٿر وري سندن اکڻ ۾ لڳي پيرن ۾ لڳي ٿو۔
    ڪو پٿر ماڙين ۾ ته ڪو پٿر ماڙين جي عسل خانن ۾ لي ٿو۔ڪو پٿر پيرن هيٺام ٺوڪرون ٿو کائي پيو ته پٿر انسان جي چت ۾ لڳل آهي ۔ هر پٿر جي پنهنجي پنهنجي قدر آهي ۔
    اهڙِ ريت نبتات ۾ انب جي پنهنجي قدر آهي ليمي جي پنهنجي قدر آهي ته ڪڻڪ جي پنهنجي قدر آهي هاڻي انب چوي ته ڪڻڪ سڄو سال سنڀاري رکي وڃي ٿي مونکي به سڄو سال سنڀاريو وڃِي نه ائين ناهي هر شي جي پنهنجي پنهنجي قدر آهي۔حشرات العرض جون پنهنجونن قدرون آهن حيوانن جون پنهنجون قدرون آهن ۔
    هاڻي جي حرام جانور چون ته اسان سان برابري وارو ورتاءُ ڪيو وڃي اسان کي حلال جو درجو ڏنو وڃي نه اهي اڀ شيون اهمڪاڻيون آهن۔
    اهڙي ريت انسانن ۾ مرد جون پنهنجون قدرون آهن عورت جون پنهنجون قدرون آهن ۔ هاڻِي اسان جي سماج ۾ اها عجب ناري جي روايت پلجندي ٿي وڃي ته سائين عورتن کي مردن جي برابري ڏني وڃي جيڪا مون سمجهي آهي بنيادي فرق ئي اهو آهي ته پُٽ کي الله نعمت قرار ڏنو آهي ته ڌي کي رحمت جو درجو عطا ڪيو آهي رحمت جو ڪو حساب ڪتاب ڪونهي جڏهن ته نعمت جو حساب ڪتاب آهي ۔
    عورت جنهن کي مغرب جي نام نهاد آزادي جا خواب ڏيکاريا ويا آهن ۽ هي به انهن خوابن جي پٺيان هلي پئي آهي ۔يورپ ۾ عورت هڪ سيڪس سنبل سواءِ ٻي ڪهڙي سڃاڻپ رکي ٿي ۔ جي ڪو ڪجھ عورتون يورپ جون ڄاڻائي ته سائين ڦلان عورت ڦلان عورت هن مرتبي جون مالڪ آهن ته قرآن کڻي ڏسو قرآن ۾ مردن جي لاءِ ڪا سوره ناهي پر سوره نساءِ موجود آهي ۔
    پر اي منهنجي ڀيڻ اسلام ۾ ڏس تو کي ڪهڙو مرتنڌبو مليو آهي ڳولي ڏس ڪنهن ٻي جاءِ تي تو کي ڪو اهڙو مرتبو مليو آهي ؟ جهڙو مرتبو تو کي اسلام ۾ مليو آهي ۔ دنيا جي هر مذهب جي بندگي جو مقصد جنت آهي اسلام ان جنت کي ماءُ جا عورت آهي ان جي قدمن ۾ رکيو آهي ۔دنيا جي عظيم عمارتن ۾ وڏو مرتبو خانهءِ ڪعبه کي آهي ۽ اها عمارت غلاف ۾ ڍڪيل آهي ۔ اسلام ۾ بهترين ڪتاب قرآن آهي سا به غلاف ۾ ويڙهيل آهي ۽ تو کي به اسلام عظِم سمجهندي پردي ۾ رکيو آهي۔
    اسلام هر شي کي ان جي قدر مطابق مرتبو ڏنو آهي ۔ مغرب جيڪو انسان کي ظاهري آزادي جو نعرو ڏئي هن جون حقيقي قدرون لُٽي ٿو وٺي ۔
    سائڻ فاطمه زهرا سلام الله علها جو فرمانِ اطهر آهي ته عورت جي زينت اها آهي ته نه هو ڪنهن نامحرم کي ڏسي نه ڪو نامحرم هن کي ڏسي ۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڏاڏل سائين اوهان بجا فرمايو آهي پر اٍڄ جي ناري گليمر جي اثر هيٺ رهڻ لڳي آهي جنهن کي اهي ڳالهيون زهر لڳڻ لڳيون آهن ،اصل مقام کان تمام هيٺ لهي اڳڻ کي پنهجي ڪاميابي سمجهڻ لڳيون آهن،الله پاڪ انهن کي خاص تحفظ فراهم ڪيو آهي ،جنهن کان آزادي جو مطالبو ڪرڻ لڳيون آهن،
    الله پاڪ انهن جي حال تي رحم فرمائي،
    ان کي چوندا آهن پنهجي وڍيء جو ويڄ نه طبيب،
    اگر حقيقت کي پروڙيو وڃي ته پري نه وڃون فقط پنهنجي سنڌ يونيورسٽي جي تعليمي سرگرمين جو جائزو وٺندو ته ناريون تعليم جي حب ۽ سڪ ۾ ڪيترو اڳتي نڪري چڪيون آهن پنهجي ڌرتي پنهجي ماء پيء جي خدمت ڪيڏي جوش ۽ جذبي سان ڪري رهيون آهن،
    جتي ٻيو سڀ ڪجه ڇڏي پنهجي جيون ساٿي سان خوابن جي دنيا وسائي ان آزادي جو اظهار ڪيڏي نه خوبصورت ۽ شاعرانه انداز ۾ ڪري رهيون آهن ،
    انهن جا اهي انداز ماحول ۽ معاشري تي ڪيترا اثر انداز آهن انهن کي انهن جو اندازو به ڪونهي،
    منهجو مقصد ڪنهن کي رنجائڻ ڪو نهي بلڪه ان حقيقت ڏانهن اشارو آهي جنهن کي اگر ڪو سڌاري سگهڻ جي قوت رکي ٿو ته انهن کي پهرين پنهجي عصمت جو تحفظ ڪرڻ سکڻ کپي ،پنهجن اڻ گهڙيل خوابن کي ڇڏي پنهجي ذميوارين جو احساس هجڻ کپي،جنهن مقصد کي حاصلات جو شوق گهر کان ٻاهر ڪڍي به ٿو ته ان جي حاصلات کي پورو ڪرڻ کپي ،
    جنهن ۾ ڪاميابي فقط اٽي ۾ لوڻ برابر ٿئي ٿي جيڪا منظرعام تي اچڻ کان رهجي ٿي وڃي ۔
    عام حالت جي جيڪا تصوير بيهي ٿي ان جا نتيجا تمام اُگرا ثابت ٿيا آهن، پر چوندا آهن ته جاء اها سڙي جتي باه ٻري سو جڏهن ڪو سڙي ٿو ته پوء پڇتاء جو ڀاڱو کڻي سڄي عمر روئڻ ۾ گزاري ٿو ڇڏي۔
    الله پاڪ ٻاجهه ڪري
    ،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    سائڻ فاطمه زهرا سلام الله علها جو فرمانِ اطهر آهي ته عورت جي زينت اها آهي ته نه هو ڪنهن نامحرم کي ڏسي نه ڪو نامحرم هن کي ڏسي ۔

    اِها ڳالهه سَچي آهي ته هر ڪنهن لئه پنهنجي پنهنجي جڳهه مخسوس آهي اوهان بجا فرمايو ڪو به ڪنهن جي برابري نه ڪري
    صرف مردن ۾ ڏسو ڪو باداش آهي ته ڇا هِڪ غريب اُن جي ڀيٽ ۾ جهاز طلب ڪندو يا چوندو ته پروٽوڪول ڏنو وڃي
    اُن حساب سان هر ڪو پنهنجي حساب تي خوش آهن ّ حق وٺڻ کپي پر جائز جائز ّ پر ادا اڄ جي عورت مر طريقي جي برابري وٺڻ لئه تيار ٿي ويئي آهي
    الله به ڪنهن عورت کي نبي نه بڻايو آهي ، اُن کان حساب ڪنديون هِن اِهي عورتون ..............................
    عورت لئه تعليم ضروري آهي پر پنهنجي ماحول کي نظر ۾ رکڻ کپي يا گهر ۾ تعليم جو بندوبست ڪيو وڃي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو