ليپٽاپ رکندڙ لاءِ اليومينم جي مائوس پيڊ واري جديد ٽيبل..

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏10 مارچ 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جڏهن اسان نوان نوان ڪمپيوٽر سکڻ شروع ڪيو ته استاد سمجهائيندا هئا ته ڪمپيوٽر تي ويهڻو ڪيئن آهي ۽ ڪيبورڊ تي هٿ ڪهڙي نموني رکڻا آهن۔۔۔ جن ماڻهن اهي سبق سکيا سي ته اڄ به پنهنجن ڪمرن ۾ ڪمپيوٽر يا ليپٽاپ لاءِ خاص ميز يا ڪرسي ٺهرائيندا آهن۔۔۔ پر اسان جهڙن ماڻهن ڪمپيوٽر تي درست طريقي سان ويهڻ ۽ هٿن کي ڪيبورڊ تي درست طريقي سان رکڻ بجاءِ ان ڳالهه تي توجه وڌيڪ ڏني ته آخر ڪمپيوٽر چوڻ ڪيئن ٿو وٺي۔۔۔
    خير اهي دوست جيڪي گهڻو وقت مون وانگر ليپٽاپ تي گذارن ٿا۔۔۔ سڀني اصولن کي ڦٽو ڪندي ليپٽاپ کي اهڙي طريقي سان استعمال ڪندا آهن جو اڪثر ڏسندڙ ئي شرمايو وڃن۔۔ مون کي منهنجي هڪ دوست ليپٽاپ تان هڪ مسئلو پڇڻ لاءِ جڏهن پنهنجي ڪمري ۾ وٺي ويو ته ليپٽاپ کولڻ کان اڳ ئي هو پنهنجي بيڊ تي زري گهٽ سمهي رهيو ۽ پوءِ ليپٽاپ جهولي ۾ رکي آن ڪيو۔۔۔ پڇڻ تي چيائين ته ليپٽاپ ان طريقي کانسواءِ هو استعمال ئي نه ڪري سگهندو۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو ادا سليمان وساڻ پنهنجي ليپٽاپ جو مسئلو به هميشه ڊيسڪٽاپ تان ئي پڇندو آهي۔۔۔
    اهڙن دوستن لاءِ مان اڄ هڪ اهڙي ٽيبل ڏيکارڻ آيو آهيان جنهن تي ليپٽاپ کي رکي هو ان جو ڪهڙي به طرح استعمال ڪري سگهن ٿا۔۔ ڀلي بيهي استعمال ڪن يا وري ڪرسي تي، صوفي تي ويهي ايتري تائين جو ليٽي يا سمهي ڪري به استعمال ڪري سگهن ٿا۔۔ ۽ پڪ ڄاڻو ته ان سان نه دوست ۽ نه وري ليپٽاپ شرمندگي محسوس ڪندو۔۔۔
    ته پوءِ حاضر آهي۔۔ آئي ٽيڪ ڪمپني جي ايليومينم ليپٽاپ ٽيب مائوس سٽينڊ سان گڏ[​IMG]
    اهڙي ٽيبل تي ليپٽاپ رکي توهان به پنهنجي ليپٽاپ کي ڊيسڪٽاپ، مني ڊيسڪ يا وري بيڊ ٽاپ به بڻائي سگهو ٿا۔۔ يقينن هي ٽيبل توهان کي ليپٽاپ استعمال ڪرڻ ۾ راحت پهچائيندي۔۔۔
    هن جي اضافي فيچرس ۾ شامل آهن:
    • هي پورٽيبل ۽ فولڊنگ ٽيبل آهي ۔۔ جنهن کي پاڻ سان کڻي هلڻ به تمام سولو آهي۔۔۔
    • ٽيبل سان گڏ هڪ نه پر ٻه ليپٽاپ کي ٿڌو رکڻ لاءِ يوايس بي پکا آهن۔۔
    • ٽيبل سان گڏ مائوس پيڊ پڻ آهي۔۔ ان ڪري اهي دوست به خوش جيڪي ليپٽاپ پيڊ بجائي مائوس استعمال ڪندڙ هجن۔۔
    • ٽيبل کي لان، ڪارپيٽ، ڊيسڪ، صوفي ۽ بستري تي رکي پڻ سيٽ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔
    [​IMG]

    ٽيبل جي سائيز ۽ استعمال جا مختلف زاويه ڪجهه تصويري نظرن ۾​
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    ۽ هن ٽيبل جي آخري خصوصيت جيڪا مون کي اڃان بهتر لڳي سا آهي هن کي رڳو ليپٽاپ نه پر ڪنهن ٻئي مقصد طور استعمال ڪرڻ​
    [​IMG]
    ڪجهه دوست ايترين خوبين کي ٻڌي ٿڌو ساهه کڻي ڪنڌ ڌوڻي ڇڏيندا هوندا ته ڪي وري چوڻ چاهيندا ته ”بس بس ۔۔۔ گهڻو ٿيو هاڻي ڏسيو ته هن جي قيمت ڇا آهي ۽ ڇا پاڪستان ۾ موجود آهي“ ​
    منهنجو جواب سڀني دوستن لاءِ آهي ته ”جي ها بلڪل ۔۔۔ هي پاڪستان موجود آهي ۽ ايتري مهانگي به ناهي۔۔۔“ ته رليڪس ڏيندڙ هن ٽيبل کي پاڪستان ۾ خريدڻ جي قيمت ۽ دڪان لاءِ ڏسو هي آخري تصوير۔۔۔​
    [​IMG]
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    ادا ذيشان رشيد تمام بهترين ونڊ آهي۔

    هي ته واقعي ۾ تمام ڀلي ٽيبل آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. میر چند

    میر چند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    جوھي
    واھ، بھترین شيئرنگ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. وزير علي سومرو

    وزير علي سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 جنوري 2012
    تحريرون:
    49
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مان سول هاسپيٽل خيرپور جي ليبارٽري ۾ ليبارٽري اسسٽ
    ماڳ:
    ٺري ميرواهه ضلعو خيرپور ڊويزن سکر
    تمام سٺو ادا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ذيشان رشيد جڏهن به آيو خوب آيو ۽ روايت هن دفعي به برقرار رهي۔ ۔ ۔ادا لئپٽاپ استعامل ڪندي واقعي به الاءِ ڇو نخرو وڌي وڃي ٿو ۔ ۔ ۔۽ اهڙي حالت ۾ هي تمام سٺي سهولت آهي۔ ۔ ۔
    5000 ڪا وڏي ڳالهه ناهي جيڪڏهن سُمهي لئپٽاپ هلائڻو آهي ته :)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. MUHAMMAD ASIF BROHI

    MUHAMMAD ASIF BROHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    323
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    زمينداري
    ماڳ:
    سرهاري،شهدادپور ضلع سانگهڙ
    ادا تمام بهترين شي آهي شيئر ڪرڻ جي مهرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    آيا کَڻي سَڄَڻ اَسان لَئه سامان نَوان نَوان ___ آندائون رُوح جي راحَت لَئه عُنوان نَوان نَوان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مان ته سمجهو اڄ ئي آرڊر ڏئي ڇڏيو ۔۔۔ هاڻي ڀلي دوست ذيشان رشيد بجلي جي لوڊ شيڊنگ دوران به ڪم وٺي سگهي ٿو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سليمان آرڊر ڏنو الائي نه پر مون کي هاڻي ان ٽيبل جي ضرورت ڪجهه وڌيڪ ٿيڻ لڳي آهي... يارو ان خواهش کي منهنجو پوڙهو ٿيڻ بلڪل نه سمجهجو .. بس رڳو پاڻ روايتي سنڌيت جي سستي جا قائل ڪجهه وڌيڪ ٿيڻ لڳا آهيون...
    خير جڏهن هن موضوع کي ڳولي پڙهيم ته هڪ ٻي ٽيبل نظر مان گذري جيڪا مون کي نه رڳو وڌيڪ فائديمند پر قيمت ۾ به ڪافي بهتر لڳي... بس رڳو توهان کان مشورو وٺڻ پئي چاهيم... ۽ گورڌن ولاسائي جي پسنديده ۽ عبدالحفيظ لغاري جي صلاحيل ويب سائيٽ علي ايڪسپريس يا وري بگ برانڊ وارن کان خريدڻ جي ڪنفيوزن ختم ڪرڻ پئي چاهيم...


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]







    [​IMG]

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    هاهاهاهاهاها......... هاڻي رشيد سوچيندو ته مان کلان ڇو ٿو، کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي ڀلا؟
    کل ذيشان جي انداز تي آئي، جيڪڏهن پراڊڪٽ جي پروموشن جي ذميداري رشيد کي ڏني وڃي ته سائين جن جي پريزينٽيشن ڏسي ڪمپنيءَ وارا چوندا ته اهڙي ڀلي پراڊڪٽ آهي ته وڪڻئون ئي ڪونه ٿا.. پنهنجي ڪم ايندي..............
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    پهرين ڳالهه ته آئون هن ٽيبل جي حق ۾ بلڪل ڪونه آهيان. ليپٽاپ معنى هنج ۾ ويهارڻ جو ڪمپيوٽر. ايڏا سُست آهيو ته آرام ڪري پو ڪمپيوٽر هلايو.
    ٻي ڳالهه ته اها علي ايڪسپريس منهنجي فيوريٽ بلڪل ناهي، اهڙيون سوين ٻيون آهن. مون فقط ٻه موبائل آرڊر ڪيا هُئا جن مان هڪ پهتو باقي هڪ جا پئسا واپس مليا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا منهنجي پسند اوهان جي ٽيليفون جي ڪئميرا ڏسي ختم ٿي وئي. هاڻي هتان ڪُجهه نه وٺبو. پر اها شئي اوهان ٻي هنڌان به وٺي سگهو ٿا. يا وري اِتان وٺو ته منهنجي خيال ۾ ڪو خاص فرق نه پوندو.
    ادا هنج رکڻ سان وري چون ٿا ڪي نُقصان آهن. وڌيڪ خبر خدا کي.
    اوهان وٽ موبائل نه اچڻ جي وجه مون ذيشان رشيد کي اڳ ئي ٻُڌائي هُئي. تُرڪي وارا وس ويندي پنهنجو ناڻو ٻي مُلڪ وڃڻ ناهن ڏيندا. ان لاءِ انهن اهڙا قانون ٺاهيا آهن جيڪي امپورٽيڊ شين جي استعمال کان هٿ کڻائن. مثال طور ٻاهران ورتل هر موبائل کي رجسٽر ڪرائڻ جو شرط جيڪو پاڪستاني 5000 رُپئي ۾ ٿئي. ان باوجود اهڙين سائٽس تان فون خريد ڪرڻ تي رجسٽريشن جو اهو خرچ ڪڍي به فون سستا ٿا پون ته ان لاءِ ڪسٽم جو سختيون. مطلب ته هتي جو قانون چئي ٿو هتي جا پئسا هتي ئي خرچ ڪريو.
    اهو ته پيارا پاڪستان آهي جنهن ۾ اهي سڀ آزاديون به آهن ته سڄو ڏينهن گاريون به اسان ئي ڏيون هن مُلڪ کي. ساڳي ويب سائٽ علي ايڪسپريس تي ڏنل آرڊر پاڪستان ۾ هفتي ۾ پُهچي تُرڪي ۾ اچڻ ئي محال.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو