حرٻو مرغي

'رڌ پچاء' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏19 مارچ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    حرٻو مرغي

    گهربل شيون:
    مرغي اڌ ڪلو، تازو حرٻو ٻه گٺڙيون، سويا کاڌي جا ٻه چمچا، لوڻ ذائقي موجب، ادرڪ(پيٺل) کاڌي جو هڪ چمچو، ٿوم (پيٺل) کاڌي جو هڪ چمچو، بصر هڪ عدد، ٽماٽا هڪ عدد، ڳاڙها مرچ (پيٺل) کاڌي جو هڪ چمچو، سفيد جيرو چانهه جو هڪ چمچو، هيڊ چانهه جو هڪ چمچو، ساوا مرچ ٻه يا ٽي عدد، ساوا ڌاڻا اڌ ڳٺڙي، کاڄرو تيل اڌ پيالي
    رڌڻ جو طريقو:
    حرٻي کي ڏهه منٽ پاڻي ۾‌ڀڄائي رکو، ان پاڻي ۾ جيڪڏهن ٿورڙي هيڊ وجهندا ته حرٻي جي ڪڙاڻ ختم ٿي ويندي۔ پوءِ حرٻي جي سنهي ڪاتر ڪريو ڪڪڙ جي گوشت کي ڌوئي صاف ڪري رکو سويا بصر ٽماٽا ساوا مرچ ۽ ساوا ڌاڻا سنها ڪتري رکو ديڳڙي ۾کاڄرو تيل وجهي ان کي وچولي باهه تي ٽن منٽن تائين گرم ڪريو پوءِ ان ۾ بصرن جو داڳ بصرن جو رنگ هلڪو ناسي ٿيڻ تائين پچايو ان ۾ ادرڪ ٿوم،لوڻ ڳاڙها مرچ جيرو ۽ هيڊ وجهي ٽن منٽن تائين ڀڃو پوءِ ان ۾ مرغي ۽ ٽماٽا وجهي ڍڪ ڏئي وچولي باهه ٿي ايتري دير پچايو، جيئن مرغي جو پاڻي خشڪ ٿي وڃي۔ هاڻي ان ۾ حرٻو ۽ سويا وجهي تيل الڳ ٿيڻ تائين ڀڃو پو۽ سائو مصالحو وجهي ان کي هلڪي باه تي پنجن کان ستن منٽن تائين دم ڏئي رکو هاڻي هي لذيذ ڀاڄي رات جي ماني تي گرم مانين سان کائڻ لاءِ تيار آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو