اڄوڪو ڏينهن 18 مارچ تاريخ جي دريءَ مان

'مارچ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 مارچ 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 18 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهورشخصيتون

    جنم ڏينهن:

    18 مارچ 1878ع سجاول سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر سيد عبدالرحيم شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    18 مارچ 1885ع شاعر پير ميان غلام سرور سرور (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.
    18 مارچ 1907ع سياسي اڳواڻ آنند هنڱوراڻي جي سنڌ ۾ پيدائش ٿي.
    18 مارچ 1918ع شاعر عبدالرحمان نسيم (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    18 مارچ 1938ع باليووڊ اداڪار ششي ڪپور جو جنم ڏينهن آهي.
    18 مارچ 1940ع شاعر غلام حسين مجبور (چڪ) جو جنم ڏينهن آهي.
    18 مارچ 1956ع اسٽيج هدايتڪار پرڪاش پنجابي (دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
    18 مارچ 1960ع ليکڪ، براڊڪاسٽر، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار جبار آزاد منگي (نصيرآباد)جو جنم ڏينهن آهي.
    18 مارچ 1975ع شاعر ساجد سومرو (ميرپور ٻرڙو) جو جنم ڏينهن آهي.
    18 مارچ 1975ع ليکڪ اسحاق سميجو (فضل پور) جو جنم ڏينهن آهي.
    18 مارچ 1982ع شاعر سڪايل اعظم لغاري جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    18 مارچ 1972ع فريڊم فائيٽر مولانا عبدلڪريم مگسي جو انتقال ٿيو.
    18 مارچ 1986ع بزرگ گهمڻ فقير کوسو (ڪرم گوپانگ) جو لاڏاڻو ٿيو.
    18 مارچ 1993ع سياستدان ۽ اڳوڻي وزير اعظم محمد خان جوڻيجو انتقال ڪري ويو.
    18 مارچ 1994ع مشهور سنڌي اداڪار محبوب عالم انتقال ڪري ويو.
    18 مارچ 1995ع ليکڪ قاضي شفيع محمد قريشي (ٽڳا) جو انتقال ٿيو.
    18 مارچ 2007ع تي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ باب وولمر جو ڏکڻ آفريڪا ۾ ورلڊ ڪپ هلندي پراسرار موت ٿيو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏18 مارچ 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو