اڄوڪو ڏينهن 21 مارچ تاريخ جي دريءَ مان

'مارچ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 مارچ 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    اڄوڪي ڏينهن 21 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    21 مارچ 1903ع ليکڪ ۽ پبلشر پرڀ داس برهمچاري جو جنم ڏينهن آهي.
    21 مارچ 1919ع سياسي اڳواڻ حاجي محمد ابراهيم هنڱورو جو جنم ڏينهن آهي.
    21 مارچ 1928ع شاعره راڻي نماڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    21 مارچ 1936ع شاعر عابد انصاري (باجارا) جو جنم ڏينهن آهي.
    21 مارچ 1936ع امداد الله انڙ (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
    21 مارچ 1940ع اسڪالر ۽ سائين جي ايم سيد جي نياڻي جيجي درشهوار سيد جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

    21 مارچ 1943ع شاعر مولا بخش مولائي (نبي بخش جتوئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    21 مارچ 1955ع صحافي بشير احمد ميمڻ (هالا پراڻا) جو جنم ڏينهن آهي.
    21 مارچ 1961ع صحافي عبدالڪريم ميمڻ (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.
    21 مارچ 1965ع ليکڪ خادم حسين شيخ (ڪڍڻ) جو جنم ڏينهن آهي.
    21 مارچ 1978ع باليووڊ اداڪاره راني مکرجي جو جنم ڏينهن آهي.


    وڇوڙو:

    21 مارچ 1953ع مذهبي شخصيت حافظ غلام احمد مهيسر (ساجن مهيسر) جو لاڏاڻو ٿيو.
    21 مارچ 1970ع سياستدان ڪامريڊ حاجي محمد پيرزادي جو انتقال ٿيو.
    21 مارچ 2014ع تي شهيد بشير قريشي جي ڀاءُ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي گوليون هڻي شهيد ڪرڻ کانپوء گاڏيء کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. کين ميهڙ کان دادو ويندي اغوا ڪيو ويو جڏهن ته سندن سڙيل گاڏي ڀريا لنڪ روڊ تان ملي جنهن ۾ سندن لاش پيل هئي.

    _______

    اڄوڪي ڏينهن 21 مارچ جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان
    _______
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏25 مارچ 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو