محترمه بي نظير ڀٽو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شاه ڀٽائي جي اٺين سورمي۔۔۔۔

'مقالا' فورم ۾ زاهد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2009۔

  1. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    بينظير ڀٽو، جنهن کي پتو هو ته هن ملڪ جي ڪنهن تاريڪ راهه تي ڪير آهي، جيڪو هن جي لاءِ گهات هنيون ويٺو آهي، ڪا گولي آهي، جيڪا ملڪي سياست جي اونداهين گهٽين ۾ سندس تعاقب ڪري رهي آهي، پر هوءَ هتان جي عوام کي ويساهه ڏيڻ لاءِ پنهنجي قاتلن جي ويساهه گهاتين تي ويساهه ڪري به هتي پهتي...هيءُ ملڪ، جتي جيئن اڪثر سياستدانن عوام سان واعدا ڪري انهن سان ويساهه گهاتيون ڪيون آهن، تيئن اسٽيبلشمينٽ سدائين ڀٽوز سان ويساهه گهاتيون ڪيون آهن. ڀٽوز جي صورتحال اسٽيبلشمينٽ سان بلڪل به گلزار جي هن شعر واري رهي آهي ته،

    عادتن تم ني کر ليا وعده،
    عادتن هم ني اعتبار کيا!​


    هوءَ سهڻيءَ وانگر سمجهي پئي ته هن جي مخالفن جي ويساهه جو گهڙو ڪچو آهي، پر هن چاهيو پئي ته هوءَ ڪچي گهڙي تي سفر ڪري به پنهنجي وطن پهچي. هتي ته ڪاري رات به هئي، ڪچو گهڙو به هو، چنڊ جو ڪو نانءُ نشان به نه هو، درياءَ ۾ به وڏيو ڇوليون هيون، پر هن کي ساهڙ (عوام) لاءِ هتي اچڻو هو، ان ڪري هن نه اونداهه جي پرواهه ڪئي، نه ڪچي گهڙي تي بي اعتباري ڏيکاري، نه وري درياءَ (خطرن) جي شديد ڇولين کان خوف کاڌو...شايد ان لاءِ جو هن شهادت جي چونڊ ڪري ڇڏي هئي. ڀٽائيءَ جون هيٺيون سٽون ان منظر جي هوبهو عڪاسي ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن:

    ڪاري رات، ڪچو گهڙو، اوڻٽيهه اونداهي،
    چنڊ نالو ناهه ڪو، درياءَ دڙ لائي،
    ساهڙ ڪارڻ سهڻي آڌيءَ ٿي آئي،
    اهو ڪم الاهي، نه ته ڪنن ۾ ڪير گهڙي!​


    هيءُ ملڪ، جتي ويساهه گهاتين جو ڪارو ڪن هو، جتي انتها پسندي، منافقين، واعدي خلافين ۽ وحشتن جي اونداهي هئي، هن سهڻيءَ وانگر اهي سڀ خطرا کڻي به هتي اچڻ جو ڏکيو فيصلو ڪيو. هوءَ شايد ڀٽائيءَ جي ٻڏيءَ مان ٻيڻا ٿيڻ واري فلسفي ۾ يقين رکندي هئي، جيئن هو چئي ٿو ته،

    هونءَ ئي هوند مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا!​


    رڳو ڀٽائيءَ جي سر سهڻيءَ جون مٿيون سٽون ئي بينظير ڀٽو جي ترجماني نٿيون ڪن، پر الائي به ڇو مون کي لڳندو آهي ته بينظير ڀٽو ڀٽائيءَ جي هر سورميءَ ۾ موجود آهي، ۽ هوءَ مون کي ڀٽائيءَ جي اٺين سورمي لڳندي آهي. هوءَ وطن واپس اچڻ جو فيصلو ڪري ٿي، تڏهن هنن ڏکين حالتن ۾ هن جو فيصلو سهڻيءَ وارو هجي ٿو، ۽ جڏهن هوءَ جلاوطنيءَ واري زندگي گذاري رهي هئي، تڏهن هن جي ڪيفيت يقينن ڀٽائيءَ جي سورمي مارئيءَ جهڙي هوندي، جنهن لاءِ هو چئي ٿو ته،

    ماڙين ماريا ڪي نه ڪي، ميس مارن لاءِ!​


    هوءَ چاهي ها ته پرڏيهه جي عاليشان گهرن (ماڙين) ۾ رهي پئي سگهي، پر هن مارئيءَ وانگر طئي ڪري ورتو هو ته مارن لاءِ مربو، ۽ هن ايئن ڪري ڏيکاريو.


    روزاني ڪاوش جي تعاون سان
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: محترمه بي نظير ڀٽو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شاه ڀٽائي جي اٺين سورمي۔۔۔۔

    shabashshabashshabashshabash


    lajwab-sharinglajwab-sharing

    sindhsalamatsaathsal
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: محترمه بي نظير ڀٽو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شاه ڀٽائي جي اٺين سورمي۔۔۔۔

    سائين زاهد تمام بهترين مضمون جي چونڊ آهي۔
     
  4. علي منير پاٽائي

    علي منير پاٽائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: محترمه بي نظير ڀٽو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شاه ڀٽائي جي اٺين سورمي۔۔۔۔

    الســـــــلام علـــــــيڪم ورحــــمـة الله وبرڪاتـه
    ياعلي مدد
    ادا مخدوم زاهد حسين صاحب شال رب العالمين جي رحمتن سان خوشيون ماڻيندا رهو۔
    زبردست مضمون آهي توهان جي شان ۾ مان ڇا لکي مان ڇالکان ۔
    توهانجو دعاڳو lajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharing
    sindhsalamatsaathsal
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: محترمه بي نظير ڀٽو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شاه ڀٽائي جي اٺين سورمي۔۔۔۔

    بهترين ونڊ آهي ادا۔۔ سچ پچ به بيبي بينظير شاهه سائين جي سورمين مان هڪ آهي
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: محترمه بي نظير ڀٽو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شاه ڀٽائي جي اٺين سورمي۔۔۔۔

    ادا زاهد سومرا روزانه ڪاوش جي ٿورن سان شهيدسنڌ راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو مضمون پڙهي اکين جا سمورا ٻنڌ ٽُٽي پيا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ راڻي جي شهادت واري ڏينهن منهنجي حقير قلم شهيد راڻي کي چند لفظن جي ڀيٽا ڏني هُئي جيڪا وائي جي صورت ۾ هُئي هڪ دفعو ٻيهر توهان جي نظر ٿو ڪريان۔۔۔۔۔۔ هن وائي کي ترنم جي شڪل اسان جي شهر ٽنڊو محمد خان جي نوجوان راڳي محترم جانب بلاولي ڏني آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  7. abdulsalampanhwer

    abdulsalampanhwer
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 جنوري 2010
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: محترمه بي نظير ڀٽو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شاه ڀٽائي جي اٺين سورمي۔۔۔۔

    ڪاري رات، ڪچو گهڙو، اوڻٽيهه اونداهي،
    چنڊ نالو ناهه ڪو، درياءَ دڙ لائي،
    ساهڙ ڪارڻ سهڻي آڌيءَ ٿي آئي،
    اهو ڪم الاهي، نه ته ڪنن ۾ ڪير گهڙي!
     
  8. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: محترمه بي نظير ڀٽو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شاه ڀٽائي جي اٺين سورمي۔۔۔۔

    ادا زاهد صاحب تمام بهترين مضمون جي چونڊ آهي.
     
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: محترمه بي نظير ڀٽو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شاه ڀٽائي جي اٺين سورمي۔۔۔۔

    ادا عبدالسلام پنهور صاحب توهان سنڌ سلامت اڱڻ تي ڀلي ڪري آيا ادا اوهان پنهنجو تعارف سنڌ سلامت جي تعارف واري سيڪشن ۾ ڪرايو ته بهتر ٿيندو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو