مير عابد خان سندراڻي ڪنڌڪوٽ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏4 اپريل 2013۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    پروفائيل

    هڪ شخصيت هڪ اڳواڻ
    هتي اڄ ان شخصيت جو ذڪر بيان ڪجي ٿو جيڪا شخصيت تعريف کان مٿاهين ارادن ۾ نيڪ سلڇڻي صلاحيت ،همدرد هڏڏوکي پنهنجن ڪمن ۾ ڪارائتولاڀ ڏيندڙ عوامي اهڃاڻن سان سرشار انسان آهي.....
    هي ٽي رخي شخصيت جنهن ۾ سماجي سوچ جا انبار آهن جنهن سا ن اجتماعي علائقي واسين کي فائدي ڏيڻ جون سڀ صلاحيتون آهن هڪ آدرشي انسان قلندري طبيت جو مالڪ مهندار ماڻهوجي ڪهڙي ڳاله ڪجي ..........
    هي سماجي ڀلائي جي سوچ رکندڙ سرويچ به آهي ته
    سياسي بصيرت سا ڀرپور اهڃاڻن وارو انسان به آهي
    ته سنڌ جي قديمي روايتن جي رواج ۾ پوئيندڙ هڪ چيف سردار به آهي .....هي انهن ٽنهي ڪردارن سان پورو پورو نڀاه ڪندو پيو اچي.......
    هن ٿوري عرصي ۾ عوامي خدمتن جا جيڪي اهڃاڻ ڇڏيا آهن اهي پوري سنڌ لاءِ هڪ مثال آهن....پنهنجي ڏاهپ سا وقت جي ڌارا ۾ پنهنجي عوام لاءِ گهڻي کان گهڻو لاڀائتو ثابت ٿيو آهي....
    هوئن ته آن ڳڻيا ڪم آهن جيڪي هن هٿان ٿيندا ٿا رهن پر ڪجه علائقي واسين لاءِ وڏا سک ڏيندڙ اجتماعي جيڪي ڪم ڪيا تن جو ذڪر هت ڪجي ٿو ...
    گيس جي سپلاءِ علائقي جي مڪينن کي جنهن ۾ هن قلندري صفت انسان مخالف جي ڳوٺ کي به هي صحولت مهيا ڪري ڏني آهي هي ڳاله نه پر حقيقت آهي....جنهن ۾ ستار ڀيو ڳوٺ دڙي مير سندر خان جيڪو هن جو پنهنجوبه ڳوٺ آهي غوثپور شهر ۽ راجا بجا راڻي جو مير واحد بخش ڳوٺ آهي .....
    غوثپور جي شهرين هن گيس جي حاصلات لاءِ ڪروڙن جي پونجي چندو ڪري مخالف کي ڏيندا رهيا پر هڙ حاصل نه ٿي هين.....
    غوثپور شهر ۾ رستن جو هڪ ڄار وڇائڻ جنهن سا مواصلاتي سسٽم بهترين ٿي ويو شهرين کي اچ وڃ جي مشڪلات کان بچڻو پيو...
    پنهنجي ذاتي زمين ٽيڪسي اسٽيند لاءِ مهيا ڪري ڏني آهي....
    ڪنڌڪوٽ شهر ۾ ڊرينيج جو هڪ مضبوط سسٽم ڏنو ۽ شهر جا رستا گهٽيون نئين سر جوڙي هڪ صاف سٿرو ماحول دوست ترقياتي ڪم ڪندي هڪ پبلڪ پارڪس جو بنياد وڌو جيڪو شهرين لاءِ ريڪري ايشن جون صحولتون مهيا ڪري ٿو....۽ وڏي ڳاله ته هن پوئين مها ٻوڏ ۾ انڙ ڪينال کي ڪٽ هڻڻ کان روڪي شهرين تي سيلاب جو عذاب هٽائي ڇڏيو.....۽ اهو قيامت صغرا پنهنجن مارن، جهانگن سان گڏ ڏک جي گهڙي ۾ ساٿ ساٿ رهيو ڪنڌڪوٽ ۾ ڪيمپ هڻي ويٺو....
    پنهنجي ڳوٺ ۾ سيلاب جي تباهين کان پو به گهر گهاٽ جن کي مڪين واسي الله جي آسري ڇڏي جانيون بچائي نڪتا هئا هي قلندري صفت ماڻهو ۽ مرد مومن ٻيڙين تي چڙهي رکوالي ڪندو رهيو ۽ انهن جي سار سنڀار لهندو رهيو.....
    هن جو پنهنجو ڳوٺ جيڪو سڄي سنڌ ۾ هڪ مثالي ڳوٺ آهي هاڻي وري ان رونڪ ڀري راه ڏانهن هلي پيو آهي جيڪو ٻوڏ کا پهرين هو...جنهن ۾ هن پوري ڳوٺ کي هڪ ديوار سا جنهن ۾ گرل لڳل آهي سا ن سيڪيور ڪري ڳوٺ ۾ رهندڙن کي چورن لٽيرن لوفرن جي کشٽ کا پاڪ ڪيو آهي ۽ انهن کي ههڙي بد امني جي دور ۾ به سڪون جي ننڊ ڪرڻ جو بندو بست ڪيو آهي هي عمل پوري سنڌ گهمي اچبي ڪٿي به نظر نه ايندو هي آهي هن مهان ماڻهو جو سماجي لاڀ جيڪو اجتماعي رهندڙن کي فاعدو پيو رسي.......
    هن ڳوٺ ۾ پرائمري کان ويندي ڪاليج ليول تائين تعليم جو بندوبست آهي ۽ پوري علائقي ۾ هڪ مثالي تعليم گاه آهي ان سان گڏ لائبرري جو به بندو بست ٿيل آهي جنهن سان هن مرد مومن جو تعليم سان رجهان پيو نظر اچي ....ٻوڏ جي هانڃن کا پو وري هي تعليمي بلڊنگس جو اهڙو ته پڪو ڪم ڪيو ويو آهي جو زلزلو به هنن کي لوڏي نه سگهندو ايڪسپلوين پروف جوڙ جڪ ڪئي وئي آهي
    ان سان گڏو گڏ پنهنجي ڳوٺ جي جامع مسجد جنهن کي به ٻوڏ بري طرح متاثر ڪيو هو تنهن جي بنا چندي جي جوڙجڪ ڪئي آهي جو ڏسي دل پئي ٺري....هي مومن مرد شرڪ کا پاڪ اسلامي اهڃاڻن جو به هڪ داعي آهي
    سنڌ جي روايتن ۾ سرداري ڪردار ۾ به هي شخص تمام اتم ۽ ڪارائتو رهيو آهي تازو اوڳاهي تيغاڻي تقرار ڪرائي هن کي منجهايو ويو هو پر پنهنجي حسن اخلاق بردباري ڏاهپ سا ان جهيڙي کي ٺاه ۾ تبديل ڪري ڌرين کي کير کنڊ ڪري ڇڏيو آهي
    هن جو سياست ۾ رهڻ علائقي واسين جو پر زورهڪ اسرار آهي جنهن تحت هي سياست به پيو ڪري ورنه هن کي انهن شين جي ڪابه ضرورت نه آهي
    هي ڏاهو......
    هي سوره ......
    سماجي ڀلائي جي سوچ رکندڙ آدرشي انسان مرد مومن ،قلندري صفتن وارو ۽ بهترين سرداري صفتن جو علمبردار شخص مير عابد خان سندراڻي ڳوٺ دڙي تعلقه ڪنڌڪوٽ صلع ڪشمور ائٽ ڪنڌڪوٽ آهي .
    پاران؛
    (سنڌ دائود پوٽه برادري )
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    ڪو دور هو جو سنڌ جي سردارن جي هاڪاري هاڪ هئي پر هاڻ ته ڪاري وارا ڪک آهن
     
  3. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
  4. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
  5. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
  6. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    تو راز ڪري فاش
    ڪشمور وارو پرڳڻو هاڻوڪي سنڌ جو سرحدي ڇيڙو آهي، هن کي ضلعي جي حيثيت به حاصل ٿيل آهي، مزاري، کوسا، سندراڻي، بجاراڻي، نندواڻي ۽ جکراڻي سميت مختلف ذاتيون هتي سرداري تصور رکندي سدائين ان ڦونڊ ۾ هونديون آهن ته هي ئي سڀ ڪجهه آهن جيڪا غيرت قوم ۽ کسجي ويل قومي تشخص جي بحالي لاءِ هئڻ گهرجي، اها هتي ڪا معنيءِ نه ٿي رکي.هتي ڪانهي چوري کان وٺي عورت جي چور تائين هڙئي سينو تاڻي پاءَ تيل جو هڻي مڇ کي وٽ ڏئي هوٽلن تي وات ڳاڙهن ڇورن سان ويهي وقت وڃائڻ کي محبوب مشغلو سمجهن ٿا بک ۽ بدحالي ۾ ڏوهه ڪن ٿا ۽ ايئن سماجي رتبو وڃائي بدنامي جو باعث بڻجي آخر ۾ جهيڙيندڙ ڌر يا پوليس جي گولي جو نشانو بڻجي مري کپي وڃن ٿا.
    ”ڪشمور سردارن ۽ زورآورن جو ضلعو آهي“ هي جملو پنج سال اڳ هڪ اشاعتي اداري طرفان منهنجي ڪيل ان سروي ۾اهڙي نوجوانه جو آهي، جيڪو ڪشمور جي صنعتي شهر گڊو ۾ رهي ٿو، جنهن کي سنڌ سان محبت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ هڪ نه پر ڏهه ڏهه ڀيرا ڳوٺ نيڪالي ملي پر هر ڀيري هو سپرين جي سار ۾ سمهي نه سگهيو ۽ گڊو جهڙي شهر ۾ موٽي آيو اڄ اهو نوجوان گڊو شهر ۾ گمنامي جو جيون پيو گهاري پر پوءِ به هن کي سردارن کان ايئن چڙ آهي جيئن ڪالهه هئي
    ڪشمور جو اهو شهر جنهن جي اڪثريتي آبادي غربت جي لڪير کان به هيٺ ،زندگي گذاري پئي، جنهن کي ٽوڙي بند وٽان هٿ جي لڳايل کنڊ سڀ کان پهرين ٻوڙي تباهه ڪيو،ان شهر کي غوث پور جي نالي سان سنڌ ۾ سڏيو وڃي ٿو، ان غوث پور شهر ۾ اڄ به واڻيا واپاري ڀتو ڏين ٿا، ڀتي گيري ۾ ٻاهرين مافيا شامل بنهه ناهي نه ڪي نام نهاد ايم ڪيو ايم ۽ نام نهاد ڪوڙا قومپرست آهن پر اهي ئي آهن، جن سرداري جو مولهو پائي فيشن بڻجي ويل شرافت کي پئي ڪيش ڪرايو آهي، اهي سردار جن جا هٿ گناهن سان رڱيل آهن، جن ذاتين ۽ برادرين جي بنيادن تي ماڻهن کي رڇ ڪتي وانگر ويڙهايو آهي، جن لڄ لٽيل نياڻين جي نالي تي جرڳا ڪري ڏوڪڙ ڪمايا آهن، جن وٽ اڄ به ڏوهارين جو لشڪر پلجي ٿو، جيڪي غريب ماڻهن وانگر اڪيلا گهمن نه ٿا ۽ پاڻ سان گڏ ڏهه ڏهه واٺا ۽ لاٺڙيا کڻي هلن ٿا، جن جي ڪوٽن ۾ اڄ به ڪيتريون ئي عورتون قيدياڻيون بڻيل آهن، جن قومي تشخص جي بحالي واري هل چل ۾ اڄ ڏينهن تائين حصو ناهي ورتو ۽ قومي تحريڪن جي ڪارڪنن کي پنجاب جي فورسز هٿان کنڀي گم ڪرائڻ ۾ وسان ناهي گهٽايو، اهڙن مڪروهه ۽ سنڌ جي نڙي تي ننهن ڏيندڙن جي واکان ڪرڻ اسان جو وڙ ٿي نه ٿو سگهي هي ڪم انهن ڀوتارن جا ٻولڙيا ئي ڪن ٿا ۽ ڪري رهيا آهن.
    غوث پور جي ڀرسان دڙي ڳوٺ آهي، جتي عابد سندراڻي رهي ٿو، عابد سندراڻي کي سنڌ جو نوجوان نسل گهٽ سڃاڻي پر هن کي تر جو ماڻهو ۽ ميڊيا وارا وڌيڪ سڃاڻن، ڇاڪاڻ ته سندر خانم سندراڻي جي مئي پڄاڻا راڄ ڀاڳ جي رکوالي هن تي آئي ۽ پڳ به هن کي ئي پارائي وئي، اهو ماڻهو ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت مثالي آهي جيڪو جتان چونڊجي ٿو، اتي ٽڪي جو به ڪم نه ڪرائي، جتي جا اسڪول اڄ به بند آهن، جتي نه صحت مرڪز آهن نه وري هنري مرڪز، هڪ بيرو نه پر ٻه ٽي ڀيرا ايم پي اي بڻيل عابد سندراڻي سواءِ پنهنجي ذات، پنهنجي ڳوٺ کان ٻئي ڪٿي به ترقياتي ڪم نه ڪرايو
    جرڳا ڪرڻ، عوام آزار آفيسرن جون دعوتون جهلڻ، ڪراچي ۾ مخصوص مساج سينٽرن تي رات جو وڃڻ ۽ ملڪ جي آڙيڪاپ چورن سان ويجهڙائي توڙي سنڌ جي ڳچي ۾ غلامي جو طوق وجهندڙن سان ياري باشي نڀائڻ ڪنهن به ريت عابد سندراڻي سميت اهڙن ماڻهن کي مثالي بڻائي نه ٿو سگهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    اجازت ڏيو ته آئون به عابد سندراڻي جو پئنڊورا باڪس کوليان
    سچ پڇو ته سنڌ جي تباهي ۾ هي شخص به ڀاڱي ڀائيوار آهي۔هي جوڙيوال آهي سليم جان مزاري جو ۽ سئي ڌاڳي ۾ وري ”مٿين“ جو آهي، اهي ”مٿيان“ جيڪي پنهنجن ڌوتن ذريعي سنڌ کي مستقل محڪوم بڻائڻ چاهين ٿا
     
  8. غلام مصطفي ا

    غلام مصطفي ا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2012
    تحريرون:
    108
    ورتل پسنديدگيون:
    227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ڌنڌو:
    انساني حقن واري تنظيم ۾ ڪوآردينيٽر جي حيثيت.
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    آئون مير عابد سندراني جي حلقي جو آهيان۔۔ ڪنڌڪوٽ جي ڪنهن حالت ڏٺي آهي ؟ خدا جو خوف ڪيو ۔۔
     
  9. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    معصوم سنڌي ۽ مسيح منگسي صاحب ڏاڍي خوشي ٿي جو پنهنجي دل جي ڀڙاس ۽ موقف کا آگاه ڪيو۔۔۔۔بيشڪ جيڪي توهان چيو اهو سچ آ پر ايترو به سچ نه آهي مان هن علاقي جو هڪ غريب خاندان ما پڙهيل انجنيئر آهيان۔۔۔۽ انسان دوستي ۽ سنڌيت منهنجي رڳ رڳ ۾ رچيل آهي جنهن تي منهنجو به اختيار نه آهي ۔۔۔۔سو پوري سنڌ جا مسئلا مشڪلاتون ۽ تدارڪ جون تدبيرون به وقت به وقت ونڊ ڪندا رهندا آهيون ۔۔۔۔ها مان پنهنجي ضلعي جي مزاج ۽ گهرجن ضرورتن کي ڀلي ڀت ڄاڻان ٿو۔۔۔هي علائقو پنجاب ۽ بلوچستان جو سرحدي حد بندي آهي ۽ فطري مزاجن جون ملاوٽون مون پڻ اکين سان ڏٺيو آهن۔۔اسان جي پرک ۾ اهو سردار وڏيرو جاگيردار سنڌي سرمائيدار تعريف لائق آهي جيڪو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڪنهن نه ڪنهن طرح فائدو ڏيندڙ آهي ۔۔۔ان ۾ هي سوره شخص سورنهن آنا پورو لهي ٿو۔۔۔اچو ته هن جي سياسي شرعات کي جانچون۽ ڪمن ڪارين جو جائزو وٺون
    هن جي سياسي سوچ ۽ لوچ جي ڳاله هتان کان ڪريون ٿا ته ۔۔۔ها هي بيشڪ مزاري جو اتحادي ٿي جيڪو ڪنڌ ڪوٽ ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو اهو ڪو به تصور به نه ٿو ڪري سگهي۔۔۔
    شرعات ڪريون ٿا هن جي پنهنجي ڳوٺ کان
    1:ڳوٺ دڙي سندر خان
    اسان جو پهريون معيار آهي تعليم دوستي
    هتان جي ڳوٺ هزارن جي تعداد ۾ ڳوٺ ۽ ڀر پاسي جي آبادي جا ٻار تعليم پرائين ٿا ۽ پوري ضلعي ۾ نمبر ون تعليم آهي اها پرائمري کا ها اسڪول ۽ هاڻي ڪاليج ليول تائين مهيا ڪئي پئي وڃي۔۔۔۔
    ان کا پوبجلي سڙڪ ڊرينيج ۔۔۔صحت جي صحولت ۽ وقت سان ان جي مرمت جو بندوبست ٿيندو پيو اچي
    تازو چور چڪاري کا بچڻ لا پوري ڳوٺ کي لوهن سيخن جي ديوار يعني گرل ڪڍرائي ڳوٺ جي مڪينن کي آرام جي ننڊ مهيا پيو ڪري۔۔۔۔غوثپور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ رستن جو ڄار وڇائڻ جنهن سا شهري اچ وڃ ۾ صحولت ٿي آهي پبلڪ پارڪ بس اسٽينڊ مڪمل ڊرينيج ۽ سرفيسنگ آف روڊس کي ڪنهن مڪمل ڪرايو ۔۔۔۔پوري علائقي کي گيس في فراهمي ڪنهن ڏياري
    هي نه چورن جو يار آ نه غلت ڪمن جو هامي آ۔۔۔مان هن شخص کي بهتر کان بهتر ڏٺو آ
    اوڳاهي تيگاڻي تڪرار ڪنهن ڪرايو اهو راجا بجراڻي جي چرچ تي تيغو خان پئي وانگار وهيو ۽ انهن معصوم اوڳاهن کي وري اڄ جميعت جي نالي تي ووٽ به پيو وٺي۔۔۔۔
    مان پنهنجي علائقي جي ان ماڻهو جي سپورٽ ڪندم جيڪو انسان دوست هوندو مخلص هوندو بجيٽ استعمال ڪندڙ ترقي جو ڄار وڇائيندڙ هوندو ۔۔۔۔هن پنهنجي بجيٽ پوري پوري تدبر سان ڏاهپ سان ۽ سچائي سان خرچ ڪري هي ٻوڏ سان تباه ٿيل علائقي کي ڪجه قدر وري دشمنن جي لا پريشاني جو سبب بنائي ويو آهي ۔۔۔۔هي مسلماني ۾به پورو لنهدڙ انسان جنهن ( ٻوڏ کا تباه ٿيل جامع مسجد کي ٻيهر جوڙجڪ اهڙي ته شاندار ڪئي آهي جو ڏسي پئي دل ٺري )جي بي جا تعريف اسان ڪڏهن به نه ٿا ڪري سگهون جيڪي گڻ هن ۾ آهن ،علائقي ۾ هن جي اچڻ سان جيڪو ترقياتي اوسر ٿي آهي ۔۔۔ڪو به سنڌ جو نمائدو نه ٿو ڪري سگهي اسان به پوري سنڌ کي پيا ڏسون ۽ جانچون ۔۔۔۔هي هاڻي هڪ مثالي ايم پي اي سنڌ جو بڻجي ويو آ ۽ هن جي ڪوٽ ۾ ڪا به عورت قيد يا ڀڄي ايل ڪين آهي ۔۔۔هي ٽي رخي شخصيت جنهن ۾ هي سوره سردار به آهي ته سياسي ڪردار به آهي ته هڪ سماجي جاندار ڪردار به آهي۔۔۔03062589264 تي مونکا وڌيڪ معلومات وٺي سگهو ٿا جي اڃان به ڳاله سمجه ۾ نه آئي هجي منهنجا ادا۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ادا رسول بخش دائودپوٽو!
    اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته هڪ ايم پي پنهنجي ڪوٽا ۾ مليل فنڊ مان پنهنجي گهر، پاڙي ۽ صرف پنهنجي ڳوٺ کي نوازي ۽ اتي ئي ترقياتي ڪم ڪرائي جڏهن ته تڪ جي باقي ڳوٺن کي نظرانداز ڪري.دڙي سندراڻي ۾ ٺهيل روڊ، ڳوٺ کي ڏنل حفاظتي ڀت،وغيره ڇا سماجي ترقي جي ضمانت آهن، ڇا سماجي ترقي ان کي چئجي ته ايم پي اي ڪوٽا تحت فنڊ مان صرف ۽ صرف پنهنجي گهر ۽ ڳوٺ کي نوازجي باقي تڪ کي نڌڻڪو ڇڏي ڏجي!؟
    سماجي ترقي ماڻهن جي ذهني پسماندگي جي خاتمي سان مشروط آهي جڏهن ته دڙي سندراڻي ۾ اهڙو ڪو (توهان کان سواءِ) نوجوان آهي جيڪو مثالي معاشري جي جوڙجڪ ۾ پيش پيش هجي، جيڪو سماجي ڪمن ۾ رڌل هجي، جيڪو اخلاقي ڏوهن کان اجو هجي، جيڪو سچ جي فلسفي کي ڀلي ڀت ڄاڻيندو هجي، جيڪو سياسي بصيرت رکندڙ هجي، جيڪو جرڳائي نظام خلاف سرگرم عمل هجي، جيڪو مرندڙ تعليمي نظام جي تبديلي لاءِ ڳڻ ڳوت ۾ هجي!
    منهنجي خيال ۾ دڙي سندراڻي سميت غوث پور ۾ اهڙي قسم جي ذهني ترقي ۽ سماجي ترقي بنهه ناهي، اها ان ڪري ناهي جو سردارن جي پاڇي هيٺ سرجيل ذهني ڪيفيت۽ انهنجي مردود قسم جي روايتن بند ٻڌي ڇڏيا آهن، تڏهن ته ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ واري ڪار آهي ۽ ڏک ان ڳالهه جو آهي ته ظالم کي ظالم چوڻ لاءِ چپن تي چُپ جو تالو لڳايو ويو آهي.
    24 ڪلاڪ اڳ جي ڳالهه ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو.غوث پور واري صوبائي تڪ تي سليم جان مزاري جي مهرباني سان ٽڪيٽ حاصل ڪندڙ ۽ پاڻ کي چيف سردار سڏرائيندڙ عابد سندراڻي اليڪشن ڪميشن ۽ عدالت جي حڪم جي سڌي ريت ڀڃڪڙي ڪئي عابد سندراڻي جاگيراڻي ذات جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار جو جرڳو ڪيو، جنهن ۾ مراد واري ڌر مٿان 26 لک رپيا ڏنڊ رکيو.هاڻي اوهان ئي ٻڌايو ته جهيڙن جهٽن جي نبيري لاءِ جڏهن عدالتون ٺهيل آهن تڏهن هڪ وڏيري کي اهو اختيار ڪنهن ڏنو ته هو جهيڙيندڙ ڌرين کي گهرائي جرڳو ڪرائي.هي ته سطحي قسم جو جرڳو آهي، جنهن ۾ ڪجهه لک ڏنڊ رکيو ويو، پر عابد سندراڻي جيڪي اڳ جرڳا ڪيا، انهن جرڳڻ جي في هن گهڻي ورتي ۽ ڪالهه واري جرڳي ڪرڻ جي هن گهڻي في ورتي ۽ ڏنڊ هيٺ آيل رقم مان هن کي مٺائي طور گهڻو حصو مليو
    ڪنهن به ڀوتار جي ثنا خواني ڪرڻ اوهان کي نه ٿي سونهين.جيڪڏهن عابد سنراڻي ۽ ان جهڙن ڀوتارن جا ڪارا ڪارناما معلوم ڪرڻاهجن ته هليا اچو ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾، ڏسو ته هي ڇا آهن ۽ ڇا ناهن
     
  11. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    سائين رسول بخش دائود پوٽه صاحب ڀلي اوهان سچ به چوندا هجوپر جيئن ته اسان مان عملي ڪم جي جرئت نڪري ويئي آهي ۽ زاتي مفادن واري زندگي جو اثر گهڻو ٿي ويو آهي ان جي ڪري ٻاهران وارو شخص فقط اهو سبق دهرائيندو جيڪو هنن ذهنن ۾ موجود رهيو آهي،
    انهي روش ۾ اڄ چور وڏيرا ٿي ويا آهن ۽ انهن جون تعريفون ڪندي ماڻهو ٿڪجن ڪو نه ٿا جڏهن ته هڪ مخلص ماڻهو کي پنهجو سمجهڻ لاء به تيار ڪو نه آهن،
    وڏيرن سردارن جي خلاف نفرت پيدا ڪندڙ پارٽيون هميشه وڏيرن ۽ سردارن سان ئي سونهنديون رهيون آهن ماڻهو انهن کي ئي پنهجو سرچشمون سمجهندا رهيا آهن،۽ حڪومتي ڪارندا انهن کي ئي پنهجو زريعو بنائي هڪ طرف پنهجن اصل اڳواڻن کان نفرت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل رهيا آهن، سرڪاري آشيرواد وٺندڙ ظالم ۽ جابر سردار ۽ وڏيرا پيدا ڪري انهن کي سرڪاري پروٽوڪول ڏئي،مظلوم ماروئڙن جي حقن تي راتاهو هڻندي انهن کي علائقي جو بادشاه بڻايو ويو آهي،
    انهن جي ڏهڪاء ۽ خوف کان هرڪو ڪن لاٽار ڪندو رهيو آهي ،انهن جي خلاف ڪو به دانهن ڪرڻ وارو پيدا نه ٿي سگهيو آهي،
    مگر ڪو شخص اگر ان خول مان نڪري پانهجي ماروئڙن جي خدمت ڪرڻ جو جذبو رکي به ٿو ته انهن لاء اهڙا الزام ۽ لفظ ٺهيا رکيا آهن جو انهن کي ڏسندي ۽ ٻڌندي صدمو رسيو ٿو وڃي،
    آء عرض ڪندس ته علائقا سنڌ جا آهن ،مارو سنڌ جا آهن اگر ڪنهن هڪ انچ تي به سنڌي قوم لاء بهتر سوچ رکي آهي ته ان جي آڌر ڀاء ڪيو وڃي،انهن ۾ ايترو اتساه پيدا ڪيو وڃي جو ٻيو ڪو ٻڌي ته ان جو قدر ڪيو وڃي جيئن اڪثريت اهڙي قومي خدمت ڪرڻ وارن جي بنجي پوي،
    ڪنهن تي ڪيچڙ اڇلائڻ سان يان ڪنهن کي نفرت لائق بنائڻ سان حاصل وري به ڪجهه ڪو نه ٿو ٿئي،
    اگر سليم جان مزاري يا مير عابد سندراڻي پنهجي علائقن ۾ ئي ڪم ڪرايا آهن ته اهي موجود هوندا ،مٽجي ته ڪونه ويا هوندا ،اگر اهي ساراه لائق آهن ته انهن کي ساراهجي،
    باقي ادا جرگا اسان جي روايتن ۾ موجود آهن،جيڪي عام طرح ختم نه ٿي سگهيا آهن،ان جو سبب،هي عدالتون،هي پوليس نظام ،آهي جيڪو هن رياست پاڪستان جي ڪارندن سنڌ جي ماڻهن جي حالت خراب بنائڻ واسطي،پنهجي هٿ بڻايل سردارن ۽ جاگيردارن جي حوالي ڪيو آهي،
    جتي اوهان کي انصاف 100 سالن ۾ به ڪو نه ملندو،
    جيستائين انهن وحشي درندن سرڪاري ڪارندن جو دخل رهندو اوهان هڪ مصيبت مان نڪري ٻي مصيبت ۾ وڃي ڦاسندو،
    جيڪي ڪردار عام ماڻهو کي انصاف جي فراهمي ڏين يا نفرتن کي ختم ڪن انهن جو ساٿ ڏيو،اهي سنڌ جي تعمير ۾ بهتر ڪردار ادا ڪندا،
    اهڙا اگر گهڻا پيدا ڪريو ته درندن سان مهاڏو اٽڪائڻ به سولو ٿي پوندو،
    بنيادي بيماريون اسان ۾ انيڪ آهن انهن جو علاج ڪيو ادا ،انهن کي عملي صورت ۾ آڻيو ،هي وقت اجائي بحثن جو ڪونهي،سنڌ تي وڏو وار ٿي چڪو آهي ،جيڪو سالميت لاء وڏو خطرو آهي ،انهن کي هن طريقي سان نه ڀيٽيو،
    عملي رستو اختيار ڪيو،دوست وڌ کان وڌ پيدا ڪيو،دشمن اک ۾ رکو انهن کي معافي نه ڏيو،ڀلي سڳو ڀاء ڇو نه دشمن هجي،
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    سائين عتيق!
    منهنجي دل جي ڳالهه ڪئي اٿو۔
     
  13. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    هاڻي مان هتي صرف اهو چوندس ته هي هڪ مڻيادار مڙس امير سوره سردار جيڪو انساني قدرن سان مالامال آهي اسان جي تڪ لا بهتر ۽ سٺو ٿابت ٿيو آهي صرف دڙي ڳوٺ ۾ نه پر ڪنڌڪوٽ غوثپور ۾ هڪ جهڙا ڪم ڪرايا اٿس جنهن ۾ انڙ واه کي ڪٽ نه ڏيئي لکن جي شهري ۽ ڳوٺاڻي آبادي کي ٻوڏ کان بچائڻ وارو انسان اهڃاڻ ۽ مڪمل ڊرينيج 48 انچ جا سيمينٽ جا پائيپ وجهي پوري شهر کي سٺو ڊرينيج سسٽم ڏنو آٿس ان مٿا سرفيس روڊ به جوڙايو آٿس جيڪي اڄ به موجود آهن شهر ۾ ڪشمور کا شڪارپور روڊ ۽ ريڪس سينيما کان ڀنر روڊ ڪنهن ٺهرايو آهي منهنجا ادا شهر ۾ گهٽين کي سيمينت ۽ ٽف ٽائلس سان جوڙي پڪو ڪنهن ڪيو آ منهنجا دوست ۔۔۔۔۔هي ترقي جو ڪارگذاريون اڄ به هن مهان ماڻهو جي لا عزت ڀريو گمان رکيون بيٺيون آهن۔۔۔صرف پنهنجو ڳوٺ نه پر پنهنجي مخالف جي ڳوٺ کي به گيس جي سپلا ڏيارڻ ڪنهن وڏي شان واري ماڻهو جو ڪم آ۔۔۔انسانيت واري ماڻهو جو ڪم آ۔۔۔هي ڊفينس ۾ نه رهندو اتي ڪو ٻيو ڏٺو هوند هي ڪراچي ۾ گلشن ۾ رهندو آ جتي به پنهنجي فيملي سان رهندو آ ۔۔۔۔مطلب جي ڳاله ته هي ماڻهو بجيٽ وٺي به ڄاڻي ته اسڪيمو ڏيئي خرچ ڪرڻ به ڄاڻي۔۔۔باقي ٻيا سنڌ جا نمائده ته جن جي بجيٽ به واپس ويندي آهي انهن جي رستا روڪ ڪجي ته ڳاله ٺهي ٿي ۔۔۔۔۔هي مسلماني ۾ پورو ڪمن ڪارين ۾ پورو تڪ جي ماڻهن جي اسرار تي سياست پيو ڪري هن کي انهن شين جي پرواه به نه آهي۔۔۔۔تازو اين جي اوز پنهنجي حرفت سان هن خلاف ڪجه قدر ماحول ٺاهيو پر هي قداور شخص انهن کي مايوس ڪيو۔۔۔۔
     
  14. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ايڪڙ ٻيڪڙ ترقياتي ڪم ڪرائڻ سان ڪنهن ڀوتار جي ان پرماريت کي ته رد نه ٿو ڪري سگهجي، جنهن جي دم سان هن جي بادشاهي ۽ دٻدٻو برقرار آهي۔
    منهنجي خيال ۾ رسول بخش صاحب اوهان کي مانواري عتيق الرحمان جي ونڊ ڪيل ڳالهين کي ڳوڙهائي سان اڀياس ڪرڻ گهرجي
     
  15. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    بي جا مخالفت ڪرڻ ۽ گهوڙا گهوڙا ڪرڻ سٺو سنوڻ نه آهي مان عتيق صاحب جون ڳالهيون پڙهيون آهن ۽ ڳوڙهي نموني ڏٺو آهي اهي سڀ ايڪڙ ٻيڪڙ ڪم نه پر هڪ ترقياتي ڪمن جو نه کٽندڙ سلسلو آ جيڪي هن جي دم سان شروع آ ۽ انشاالله جاري رهندو ۔۔۔اسان وٽ هڪ پرک آهي انساني دوستي ۽ معياري ترقي  جا ڪم جيڪي اسان سنڌي عوام کي گهرجن۔۔۔باقي ٻيون ڳالهيون ۽ اشوز کي ڪنهن ٻي طرح ۔۔۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    منهنجا دوست!
    غوث پور ۾ منهنجا ڪيترائي دوست رهن ٿا، جن ۾ اوڳاهي به آهن ته جاگيراڻي به، شيخ به ته ديوان (هندو) به، منهنجو گهڻو اچڻ وڃڻ ٿئي ٿو، غوث پور تي اسان هڪ اين جي او سان گڏجي ڪم به ڪيو ان دوران هڪ سردار ۽ ان جي شودن جيڪي رڪاوٽون وڌيون اهي جيڪر اظهاريان ته ڳالهه ڊگهي ٿي ويندي۔
    مان سرڪاري ملازم آهيان،منهنجي سنگت ۾ نه ڪي نواب آهن، نه ڪي ڀوتار ۽ نه وري وڏيرن جا ٽرڙا پٽ، منهنجي دوستن ۾پورهيت آهن، مزدور آهن ۽ شاگرد به۔
    غوث پور هجي يا ڪرم پور ۽ تنگواڻي۔هاڻوڪي ڪشمور ضلعي ۾ سياسي پنڊتن ۽ سياسي ڀوتارن کي ڏسنداسين ته انهن ۾ بجاراڻي،مزاري، سندراڻي سڀني کان مٿي آهن، انهن کي پنهنجي راڄ تي وڏو ناز آهي، سو به چونڊن جي موسم ۾، باقي راڄ کي ريوڙي جي داڻن جيان چٻاڙڻ ته هنن جو معمول آهي۔
    هت ماڻهو جي معيار، پرک ۽ ان جي شخصي مهانتا کي اصل رخ ۾ ڏسڻ جو ڏان ناهي، محض شخصي وفاداري،سترپوشي ۽ جئي جئي ڪار تي مبني آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اسان وث مثالي ۽ معياري ماڻهن جي اڻاٺ آهي، اهو فقدان اسان جي پنهنجي نظر جي دوکي جي اعتبار تي جڙيل آهي۔
    آسڪر وائلڊ هڪڙي تمام سٺي ڳالهه ڪئي ته:ماڻهو خراب ۽ سٺا ناهن ٿيندا پر اهي يا ته دل نواز هوندا آهن يا وري رڪاوٽون وجهندڙ۔
    جيڪڏهن آسڪر وائلڊ جي ان ڳالهه سان اتفاق ڪري شخصيت جو ڇيد ۽ ڇيهه ڪجي ته ماڻهو جي پرک ڪرڻ ۾ سهنجائي ٿيندي۔
    مثالادا رسول بخش دائودپوٽي جو چوڻ ته: مون ۽ معصوم سنڌي دل جي ڀڙاس ڪڍي آهي۔
    هاڻي ان جملي جو ڇيد ڪبو ته اتي شخصي ۽ انفرادي پهلو نظر ايندو ۽ پهرين ڌڪ ۾ هرڪو ڄاڻي وٺندو ته هتي همراهه ڪنهن خاص شخص جي بچا ۾ ڪر کنيو آهي ۽ تڏهن ته تکي انداز سان جواب ڏي ٿو۔اصل ۾ اسان جي خطي جي نفسيات اهڙي قسم جي جوڙي وئي آهي جو اسان سماجي ڏوهاري کي مظلوم ڪري پيش ڪريون ٿا ۽ جيڪو سچ جو پانڌيئڙو آهي، ان کي ڪوڙ جي ڪارخاني جو مالڪ بڻائڻ ۾ ويرم ئي ناهيون ڪندا۔فوري طور تي فتوائن جا ڦٽڪا هڻي اسان اهو ثابت ڪريون ٿا ته بس اسان ئي صحيح آهيون جڏهن ته دنيا جي دستور ۾ شامل انهن قدرن جي ڀڃڪڙي ڪري اهو وساري ٿا ويهون ته ماڻهو جي اهميت ان جي ڪردار سان آهي ۽ ان جي شخصي اپٽار ضرور ڪرڻ گهرجي۔چڱاين ۽ لڱاين ڱي وائکو ڪجي، صحتمند سماج ۾ ان قسم جا اهڙا مول متا آهن پر سنڌي سماج جيئن ته غلامداري سرشتي ۾ پيوست آهي، ان وٽ سردارن، ڀوتارن، چورن، لوفرن، لٽيرن ۽ وڻواند ماڻهن کي معتبر ۽ اهم سمجهيو وڃي ٿو، اهو ئي تصور کڻي اسان جا ڪيترائي لکيا پڙهيا دوست بحث مباحثا ڪن ٿا ۽ پنهنجي موقف جي پيش ڪرڻ وقت انتهائي ڪاوڙيل لڳن ٿا۔ سو سردارن جي ستر پوشي لا سندن ٻولڙين جا لکيل ڪالم، خاڪا ۽ ٻيا ليک ويچاري خلق کي پڙهائي سردارن جي شخصي هاڪ وڌايو وڃي ٿو۔
    ماضي ۾ درٻاري تاريخدان هئا، هن وقت انهن جي جا تي جديد قسم جا درٻاري آهن، جيڪي نظر جي دوکي جو شڪار بڻجي غلط کي ضحيح ۽ ضحيح کي غلط بڻائي پيش ڪن ٿا، منهنجي خيال ۾ ڪنهن به ڀوتار ۽ سردار جي ايتري واکان ڪرڻ بدران ان جي آس پاس رهندڙ ماڻهن جي را کي به مدنظر رکڻ گهرجي
    جيئن غوث پور جي هندن جو چوڻ آهي ته هنن جي گهرن، دڪانن ۾ ڌاڙا آسماني مخلوق نه ٿي هڻي پر تر جي سردار جا ڏنگا ٻار ۽ يار هڻن ٿا، انهن کي سردارن جو آشيرواد حاصل آهي۔
    غوث پور جي ٿاڻي جو رڪارڊ چيڪ ڪجي ته اتي به علامتي طور انهن جو تذڪرو هوندو، اتي ”نامعلوم“ لفظ درج ٿيل هوندو، ٿاڻن جي وهنوار کان وٺي وڻجارن کان وصول ٿيندڙ ڀتي تائين پيرا کڻجن ته اهي سردارن جي ڪوٽن ۽ اوطاقن ۾ لڳندا۔هي راند تمام پراڻي آهي۔سنڌ جي اڪثر شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هي راند ٿئي پئي پر ڪشمور ،جيڪب آباد ۽ گهوٽڪي واري پرڳڻي ۾ وڌيڪ۔
    عابد سندراڻي عرف چيف سردار حاجي غلام عابد خان سندراڻي به ته سردار آهي،
    ڇا هن شخص سنڌ جي قومي هل چل ۾ حصو ورتو؟
    ڇا هن شخص تعليم کي عام ڪيو؟
    ڇا هن شخص گوسڙو ماسترن کي پابند بڻايو ته اسڪول کي وقت ڏيو؟
    ڇا هن شخص چورن ۽ اخلاقي جوابدارن کي پڪڙي قانون حوالي ڪرڻ جي زحمت ڪئي؟
    ڇا هن شخص ڪڏهن سنڌ ۾ غير قانوني داخل ٿيندڙ ماڻهن جي رستي روڪ ڪئي؟
    ڇا هن شخص ڪڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي تر، تڪ، تي لفظ به ڳالهايو؟
    جي ها ته ان جا ثبوت ڏنا وڃن۔’’’’’’’’’’
     
  17. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
  18. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    http://sphotos-e.ak.fbcdn.net/hphotos-ak-frc1/428550_577292568967685_176196569_n.jpg


    هي جامع مسجد پئي ٿي ڳالهائي ته هن کي بنا چندي جي ٻوڏ کا پوءِ نئين جوڙجڪ ڪنهن ملان مولوي نه پر هڪ مهان انسان چيف سردار مير عابد خان بنا چندي جي مڪمل پيو ڪري ۽ هڪ شاندار شاهڪار آهي هي ٻڌائڻ جي ضرورت نه آهي پر مخالف جو منهن بند ڪرڻ به ضروري ٿي پيو آهي ته جنهن جي مخالفت ۾ جميعت ماڻهو ميدان ۾ لاٿو اهو ته هي سوچي به نهن ٿو سگهي ...هي هن سردار جو مسلماني ءءَ جو ڪردار پيو نمودار ٿي......

    هي جامع مسجد پئي ٿي ڳالهائي ته هن کي بنا چندي جي ٻوڏ کا پوءِ نئين جوڙجڪ ڪنهن ملان مولوي نه پر هڪ مهان انسان چيف سردار مير عابد خان بنا چندي جي مڪمل پيو ڪري ۽ هڪ شاندار شاهڪار آهي هي ٻڌائڻ جي ضرورت نه آهي پر مخالف جو منهن بند ڪرڻ به ضروري ٿي پيو آهي ته جنهن جي مخالفت ۾ جميعت ماڻهو ميدان ۾ لاٿو اهو ته هي سوچي به نهن ٿو سگهي ...هي هن سردار جو مسلماني ءءَ جو ڪردار پيو نمودار ٿي......cdn.net/hphotos-ak-frc1/s480x480/428550_577292568967685_176196569_n.jpg
     
  19. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
  20. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    هي تڪ جي سردار مير عابد خان جي ڳوٺ جو هڪ اسڪول آهي جيڪو هن مها ٻوڏ ۾ ڊهي پٽ ٿي ويو هو تنهن جي وري نئين سر جوڙجڪ اهڙي ته مظبوت ڪئي وئي آهي جو زلزلو به لوڏي نه سگهيس...هيآ تر جو سردار جنهن جي تعليم دوستي پئي ڳالهائي......هتي هزارن جي تعداد ۾ ڳوٺ ۽ ڀرپاسي کان ڪهي ايندڙ ٻار تعليم پيا حاصل ڪن ....هي آ مثالي سردار ههڙا سردار ۽ وڏيرا نمائده گهرجن سنڌ کيhttp://sphotos-c.ak.fbcdn.net/hphotos-ak-ash3/946518_577296002300675_215547701_n.jpg
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو