سچل ڳوٺ ... ڪراچي

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏12 اپريل 2013۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    1987 کان 1990 هڪ اهڙو دور هو جڏهن ڪراچي شهر سنڌين لاءِ قتل گاهه بڻايو ويو هو، جنهن ۾ سنڌين جي گهرن تي حملا ڪيا ويا، سنڌين کي شهيد ڪيو ويو، سنڌين جون ملڪيتون لٽيون ويون ۽ سنڌين کي ڪراچيءَ مان تڏا ويڙهه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي.

    ان ڏکئي وقت ۾ جيئي سنڌ سميت سنڌ جي سمورن سڄڻن ملي ڪري اها سوچ ڪئي ته ڪراچيءَ ۾ سنڌين جون وسنديون ۽ اهڙا علائقا قائم ڪيا وڃن جن ۾ صرف ۽ صرف سنڌي آباد ٿين. ان ضرورت کي نظر ۾ رکندي دوستن ڪراچيءَ ۾ شانتي ننگر ۽ سچل ڳوٺ جي زمين تي قبضو ڪري، سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪرائڻ جو عظيم فرض ادا ڪيو هو ...

    اڄ به جڏهن آءُ سچل ڳوٺ يا شانتي ننگر ۾ گهرندو آهيان ته سڀ اهي سنڌ دوست ڪارڪنن اکين آڏو ڦري ايندا آهن، جن قربانيون ڏنيون. حڪومتي سختين ۽ سنڌ دشمنن جي عتاب کي برداشت ڪيو پر پير پوئتي نه هٽايو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي شانتي ننگر ۽ سچل ڳوٺ جهڙيون سنڌي وسنديون قائم ٿي ويون ...

    الله جا شڪر آهن ته اڄ ڪراچيءَ ۾ ڪجهه اهڙيون وسنديون موجود آهن جن ۾ صرف سنڌي ۽ صرف سنڌي وسن ٿا، جت اسين پنهنجو پاڻ کي محفوظ ۽ مطمئن سمجهون ٿا....

    پر افسوس! جو اڄ جا ڪجهه سنڌي اوباش ڇورا جن جو نالي ماتر تعلق جيئي سنڌ جي گروهن سان آهي ۽ شخصي مفادن خاطر هو سنڌ دشمنن جا ساٿي پڻ آهن ... اهي پنهنجن ڪڌن ارادن سان سنڌين جي ان پناهگاهه کي نقصان رسائي رهيا آهن ... اهي مفاد پرست ڇوڪرا پنهنجي شراب جي شوق پوري ڪرڻ ۽ مختلف شخصي ضرورتن پوري ڪرڻ لاءِ سنڌين کي تشدد جو نشانو بڻائن ٿا، انهن کان ڀتا وٺن ٿا ۽ انهن کي تنگ ڪري، انهن مثالي ڳوٺن جو امن تباه ڪن ٿا ....

    افسوس انکان وڌيڪ اهو آهي ته انهن جي پٺڀرائيءَ ۾ جيئي سنڌ سان لاڳاپيل ڪجهه عهديدار پڻ نظر اچن ٿا ... سمجهه ۾ نٿو اچي ته انهن اڳواڻن جي آڏو جيئي سنڌ جو مقصد ڇا آهي؟ ڇا سنڌ جي آزادي ۽ خوشحالي سندن مقصد آهي يا سنڌين کان ڀتا کائي شخصي مفاد حاصل ڪرڻ...؟؟؟؟

    ياد رکو! سنڌ صرف ڌرتيءَ جو نالو ناهي پر سنڌ هڪ قوم آهي، سنڌي جيئرا جاڳندا انسان آهن، سنڌي احساس رکندڙ ماڻهو آهن، سائين محترم جي ايم سيد جو نظريو سنڌي ماڻهن جي آزادي ۽ خوشحالي آهي، نه ڪي سنڌي ماڻهن کي تنگ ڪرڻ ۽ انهن کان ڀتا وٺڻ جيئي سنڌ جو ڪو مقصد آهي .... جيڪي نوجوان اهڙي ڪڌي ڪم ۾ شريڪ آهن، اهي سخت سزا جي لائق آهن، ڇاڪاڻ اهي نه فقط جيئي سنڌ جي مقصد سان غداري ڪنٿا بلڪ جيئي سنڌ تحريڪ جي تباهيءَ جو سبب ٿين ٿا....

    جيڪي تنظيمون ننڍڙا ڳوٺ منظم ڪري نٿيون سگهن، اهي سموري سنڌ ۽ سموري قوم کي ڪيئن منظم ڪري سگهندا ...؟؟؟

    هن وقت سچل ڳوٺ، صفائي، حفاظت، انساني سهولتن جي کوٽ مان پيو گذري، هڪ ساه کڻندڙ ڳوٺ جنهن کي جيئي سنڌ پنهنجي تنظيمي صلاحيتن سان مثالي شهر بڻائي سگهي ٿي، جنهن ۾ شينهن ۽ ٻڪري هڪ گهاٽ جو پاڻي پي سگهن ٿا ... پر افسوس جو اسانجي نااهليت ۽ غير سنجيدگيءَ ڪجهه ڇوڪرن جي غداريءَ انتهائي پوئتي پيل علائقو ٺاهي ڇڏيو آهي ... جتان شريف ۽ خوش پوشاڪ ماڻهون لڏي وڃڻ ۾ بهتري سمجهي ٿو ...

    افسوس صد افسوس .... ان ڳوٺ جنهن ۾ اسانجي مرحوم ۽ شهيد دوستن جون محنتون ۽ سچايون دفن آهن، اڄ اسين ان وسنديءَ کي مئل ڍور جيئان، ڳجهون بڻجي پٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ....

    آءُ مطالبو ڪريانٿو، جيئي سنڌ جي سڀني تنظيمي ڌڙن کي ته هو ان مسئلي ته غور و فڪر ڪن ۽ ڪراچي شهر ۾ موجود گهاٽي وڻ، جنهن جي ڇانوَ ۾ سنڌي ساهه کڻن ٿا، ان وڻ کي ڪٽڻ جي ڪوشش نه ڪن، بلڪ پنهنجي ڏاهپ ۽ سورهيائپ سان انجو بچاءُ ڪندي، ان جي صفائي، حفاظت ضروريات زندگيءَ جو خاصو بندوبست ڪن ....

    اميد ڪريانٿو ته سنڌ سڄڻ ان مامري کي معمولي نه پر اهم سمجهي عمل ڪندا .....

    قوم ئي اوهانجو هٿيار آهي، سورهيه اهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي هٿيار کي زنگ لڳڻ ناهي ڏيندو ...

    ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا ....​
     
    20 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    هتي اها به نشاندهي ضروري آهي ته سچل ڳوٺ ۾ ٿيندڙ شودائپ پٺيان جيڪا تنظيم ڪارفرما آهي، ان کي لساني تنظيم جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو،ايم ڪيو ايم جي چورن ، ڦورن ۽ ڀتي خورن سان گڏجي سنڌي جماعتن جا شودا اها شرارت ڪري رهيا آهن جيڪڏهن پيرو کڻبو ته ڪارو بورڊ، ملير هالٽ ۽ ملير سٽي جي انهن نامي گرامي ايم ڪيو ايمي غنڊن جي نشاندهي وائکي ٿيندي انهن کي سچل ڳوٺ ۾ داخل ڪندڙ پنهنجا ئي ڌوتا آهن، جيڪي پنهنجن دڪاندارن ۽ وڻجارن کي تنگ ڪري رهيا آهن، گهرن ۾ گهڙي ننگن کي يرغمال بڻائي ڦر لٽ ۽ داندارن توڙي واٽهڙن کان ڏوڪڙ کسي مال جي ونڊ ورڇ ڪن ٿا۔ساڳئي وقت ايس يو پي جو هڪ مها غنڊو به شراڪت دار آهي، جنهن کي انهي تڪ تي ٽڪيٽ به ڏني وئي آهي، جنهن نياڻين جي ڪاليج واري پلاٽ تي قبضو ڪيو آهي۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    سچل ڳوٺ جو امن خراب ڪندڙ اُهي بِگڙيل سنڌي نوجوان آهن جيڪي مختلف تنظيمن جي پاڇي ۾ رهي پنهنجون بدماشيون جاري رکن ٿا۔ کين اهو احساس ناهي ته سندن اهڙين حرڪتن سان ڪراچي جي سنڌي وسندين کي ڪيترو نه نقصان رسندو۔ۡڪراچي شهر ۽ اتي رهندڙ سنڌين جي حالت زار ڪنهن کان ڳُجهي ناهي۔ هي شهر نقشي ۾ ته سنڌ جو حصو آهي پر زميني حقائق ڪجهه ٻيو ٻُڌائن ٿا۔ سنڌين جو وجود ڪراچي ۾ برقرار رکڻ لاءِ هتي سنڌين جي تعداد وڌ کان وڌ هئڻ ضروري آهي۔ ان جي لاءِ سڀني سنڌي تنظيمن کي گڏيل طور تي ڪوششون وٺڻ گُهرجن۔
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سچل ڳوٺ سنڌين جي اهڙي وسندي آهي جنهن کي ڪراچي ۾ سنڌين جي بقا جو اهم ذريعو سمجهيو پيو وڃي۔ ڪراچي ۽ ملڪ جون حالتون تيزي سان تبديل ٿينديون وڃن۔ تنهنڪري سچل ڳوٺ جي دوستن کي به هڪ سماجي ڌارا ۾ رهي سوچڻو پوندو۔ جنهن ۾ سڀ کان پهريون ڪم آهي پنهنجن کي پنهنجو سمجهڻ۔ ماڻهن جون دليون تڏهن ئي کٽي سگهجن ٿيون جڏهن انهن جي ڏک سک ۾ ساٿاري ٿجي، انهن جا مسئلا حل ڪجن۔ بدقسمتي سان سنڌ جي ٻهراڙي وانگر هتي به سنڌين ۾ شهري سوچ ۽ شهري طور طريقن کي لاڳو ڪرڻ ۾ ڏکيائون پيون اچن۔ اسان وٽ قومي سوچ بجاء ذاتي سوچ ۽ برادري ۽ قبيلائي سوچ گهڻو وڌي رهي آهي۔

    سچل ڳوٺ ۾ آبادي تيزي سان وڌي آهي، هاء رائيزنگ بلڊنگز ٺهي رهيون آهن۔اهوئي سبب آهي جو پاڻي، بجلي ۽ سيوريج جا مسئلا به ڪر کڻي رهيا آهن۔ پر اتي اهو به مڃڻو پوندو ته ان ۾ به اسان جو هٿ آهي۔ بجلي جا مسئلا ٿين ٿا ان جو سبب آهي ته اسان بل ڪونه ٿا جمع ڪرايون، پاڻيء جا بل جمع ڪونه ٿا ڪرايون پر پوء به سچل ۾ 6 پي ايم ٽي آهن۔ سيوريج جون مين لائينو پي سي ايس آء آر ليبارٽري جي ديوار ۽ مين روڊ سان وڃن ٿيون۔

    صفائي سٿرائي لاء لازمي آهي ته سوسائٽي جي طريقن کي فالو ڪجي ۽ مينيٽيننس جي مد ۾ گهٽ ۾ گهٽ 200 روپيا في مهيني ڏجن جنهن سان صفائي سٿرائي جي عمل کي يقيني بڻائجي۔ اڄ به مان دعوا سان چوان ٿو ته سچل ڳوٺ جي حالت ڀٽائي آباد، شانتي نگر ۽ شهر جي ڪيترن ئي علائقن کان بهتر آهي۔ پر پوء به بهتري ڏانهن وڃڻ جي صرورت آهي۔ اهو سڀ تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن ٻڌي هوندي۔ پر هتي ننڍين ننڍين ڳالهين تي ناراضگين سبب ڪميٽي کي مينيٽيننس جا پئسا بند ڪيا ٿا وڃن، مينيٽيننس کي ڀتي جو نالو ڏنو وڃي ٿو۔ اڄ به سچل ڳوٺ جا روڊ سڀني کان سٺا آهن۔ سچل ڳوٺ کي مالڪاڻا حق مليا آهن۔

    هاڻي اسان کي ئي ڪجهه ڪرڻو آهي۔ بجلي جا بل ڏيو ۽ ڪي اي ايس سي کان سهولتون وٺو، پاڻي جا بل ڏيو ۽ واٽر ۽ سيوريج کان سهولتون وٺو، مينٽيننس چارجز ڏيو ۽ صفائي سٿرائي جو ڪم ڪيو۔ روڊ رستا ته حڪومت طرفان روز پيا ٺهن، اسڪول ۽ انهن جون خوبصورت عمارتون به آهن۔

    پر انهن سڀني کان اهم آهي سيڪيورٽي ۽ هتان جو حالتون۔ اسان جي سياسي ۽ قومپرست ڌرين کي ان عمل ۾ حصيدار ٿيڻ گهرجي ها پر ٻڌايو ته دعوائون ڪندڙ قومپرستن ڪيترا چور پڪڙيا؟ ڪيترا ڌاڙيل سوگها ڪيا؟ ڪهڙا تعليمي سيمينار ڪرايا؟ اليڪشن لسٽن ۾ ساٿ ڏنو؟ آدمشاري ۾ اڳڀرا رهيا؟ يار اسان ته سيد جا پوئلڳ ٿا سڏايون پوء ڇو ٿا پنهنجن ماڻهن کي تنگ ڪيون۔ننڍڙا واقعا جڏهن وڌي وڃن ته پوء پنهنجو پاڻ ئي ٻاهر نڪرندا آهن؟ اهو آواز هاڻي اٿي پيو آهي جو ڪجهه ڏينهن اڳ جسقم جي دعويدار ڪندڙ ٻن ڇوڪرن کي ڀتي وٺڻ تان پڪڙي انهن جي قيادت سان رابطو ڪيو ويو پر انهن ڪابه مثبت موٽ نه ڏني۔ اسان ته اڄ به انهن طرف واجهايون ٿا پر ڪوبه ڪونه ٿو اچي؟

    ياد رکو جيڪڏهن اسان اهڙي لاپرواهي ڪئي ته اسان پاڻ مسئلن ۾ الجهي پاڻ ۾ وڙهندا رهنداسين۔ ڪراچي يا سنڌ ۾ ڪٿي به ڪو ماڻهو شهيد ٿئي يا زخمي ٿئي۔۔۔ کلي عام فائرنگ ڪندا سچل کي بند ڪرايو؟ روڊ اوچتو بند ڪرايو ۽ اسان جون سنڌي نياڻيون جيڪي تعليم لاء شهر ويل هجن اهي موسميات کان پيدل اچن؟ اسان جون شهر خريداري لاء ويل مائرون اتان سامان جون ڳنڍيون کڻي پنڌ سچل اچن؟ اوهان اسڪولن تي بندوقون ۽ لٺيون کڻي بند ڪرايو؟ اوهان اسڪولن ۽ ماڻهن جي درن ۽ ديوارن تي آڏن ڦڏن اکرن سان نعرا لکي انهن جو منهن ڪارو ڪيو؟ اوهان گرين بيلٽ تي پوکيل گل ٻوٽا هٽرائي انهن تي ڪيبنون رکرايو؟ اوهان دڪاندارن کان ورسين جي مد ۾ چندا ۽ ڀتا و؛ندا رهو؟ اوهان سچل ڳوٺ جي مين گيٽ تي ڪيمپ هڻي ان کي بند ڪيو؟

    ڇا اهي عمل دليون کٽڻ وارا آهن؟ ڇا اهي سيد جي سوچ جي پوئلڳن جا ڪم ٿي سگهن ٿا؟

    سڀ سياسي ڌرين جا قائد اڳي اچن ۽ سچل ڳوٺ وارن سان ملي سنڌين جي بهتري لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪن۔ ٻي صورت ۾ ماڻهو هنن سان دل سان نفرت ڪندا۔
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    تمام اهم ڳالهه ونڊ ڪئي وئي آهي ڪراچي ۾ جڏهن اچڻ ٿيندو آهي اُتي سنڌي ڳوٺ ڏسي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي ، سنڌ جي قوم پرست جماعتن کي هي ڳالهيون نظر انداز ڪرڻ نه کپن ٻي صورت ۾ الائي ڇا ٿيندو ؟ . پر ربّ جي ذات جي ڀروسو آهي وري به بهتر ٿيندو ڇو ته مايوسي گناه آهي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا سليمان وساڻ صاحب مان توهان جي ڳالهين سان اتفاق ٿو ڪريان ۽ اهي ڳالهيون حقيقت آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا اسان چوندا ته آهيون ته هي علائقه (سچل ڳوٺ، ڀٽائي آباد، ۽ سانتي نگر ) سنڌين جا علائقا آهن ۽ ان ۾ ڪو وڌاء به ڪونهي مگر ادا اهيا به حقيقت آهي ته انهن علائقن ۾ به ڪاروبار تي قبضو غير سنڌين جو آهي، الائي ڇو ؟۔۔۔۔۔۔۔ڇا اسان جي ماڻهون کي ڪارو بار ڪرڻ نه ٿو اچي يا انهن وٽ ڪاروبار جا وسائل نه آهن يا اسان جو ماڻهون محنت ڪري ڪاروبار ڪرڻ نه ٿو چاهي ۽ اها نوڪري ٿو چاهي جنهن ۾ حرام جي (رشوت) ڪمائي هجي، يان وري ماستري هجي ۽ صرف پگهار ملندي رهي ۽ نوڪري نه ڪريون۔ جيئن اسان جي سنڌ ۾ هلي پيو۔ ۽ ڪيترائي اهڙا ڪم چور ماستر آهن جيڪي پنهنجي قوم جو مستقبل تباهه ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجن ٻچن جي پيٽ ۾ حرام جو ڳرهن وجهي رهيا آهن۔۔ادا مون ته پنهنجي سنگت ۾ اهڙا به ماستر ڏٺا آهن جيڪي اسلام، اسلامي نظام مذهب، ۽ معاشري جي خرابن تي وڏا وڏا ليڪچر ڏيندا آهن مگر پاڻ وري پنهنجي ڊيوٽي ( اسڪول به ناهن ويندا ۽ حرام جو رزق کائي رهيا آهن ) به ناهن ڪندا ۽ جيڪڏهن انهن کي منهن تي سچ چئو ته تپي باهه ٿئي ٿا وڃن ۽ وري اهيو به چوندا آهن ته مان فلاڻي ماڻهون جو مريد ٿئي آيو آهيان ادا ڇا انهن جا مرشد انهن کي اهيو نه ٿا سيکارين ته حلال جو رزق کائو ۽ پنهنجا مذهبي ۽ اخلاقي فرض پورا ڪيو۔۔ادا سليمان انهن ڳاهين جو منهنجو پنهنجو تجربو آهي۔؟ سچ وڏو ڏوهاري آهي۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    مٿي ڏنل موضوع ۽ ان جا جواب پڙهڻ کان پوءِ پنهنجي راءِ ڏيڻ جي هاڻ ضرورت نه ٿي رهي۔
    پر ايترين مايوسين ۾ به اميد جي ڪرن آهي۔ ڪُجهه ساڃاهه وندا سچل واسي ميدان تي لٿا آهن۔ سچل مان اهو گند صاف ڪرڻ لاءِ جيڪو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي۔ سڀ کان پهريون قدم سچل ڳوٺ جي صفائي مُهم جو آهي۔ جيڪو اڄ هن وقت جاري آهي۔
    اڄ اسان سچل واسي سچل ريزيڊينس ايسوسيئيشن جي سڏ تي سچل ڳوٺ جي صفائي مُهم ۾ حصو وٺي رهيا آهيون. اميد آهي ته سچل واسي هن ۾ ڀرپور حصو وٺندا ۽ سنڌ جي ٻين ڳوٺن لاءِ هي عمل هڪ مثال طور قائم ٿيندو. ۽ سڀ گڏجي سنڌ ڌرتي کي ايئن صاف ڪندا.




    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين نثار ابڙو جو لکيل ساڳيو ليک ۔۔۔۔ عوامي آواز جي 15 اپريل 2013 جي ايڊيشن ۾ ڇپيل​
    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ادا هتي قبضو لفظ استعمال نه ڪجي هاته بهتر پر وري به ڳاله سٺي ڪئي آهي هي آباديون اسان جي ڳوٺن جو صدين کان آهن ۽ انهن کي ڊيولپمينٽ جي طريقي ۾ بدلائي ڪٿي گلشن اقبال ڪيو ويو آ ته ڪٿي ڪنهن ٻي نالي سان پر شڪر آ جو سنڌي هڪ جا تي گڏ ٿي هڪ مڪمل سنڌ جو ڏيک ڏيندڙ ڳوٺ جو وجود سچل ڳوٺ آهي جنهن ۾ پوري سنڌ مان نمائدگي آهي ۽ الله انهن سٻاجهن سنڌين کي پنهنجي شهر ڪراچي جو مالڪ بنائيندو ۽ اسان جو اهو موقف ته سنڌ تي حق حڪمراني سنڌين جو ٻين حقن سان گڏوگڏ حق آهي تسليم ڪيووڃي۔۔۔۔باقي هي جنهن مسئلي جي نشاندهي ڪئي وئي آهي سان شرم جهڙي ڳاله آهي ۽ ان جي مذمت به ڪجي ٿي ۽ گهڻ گهرن کي اڳتي اچي هن مسئلي کي حل ڪرڻ جي به استدا ڪجي ٿي انشاالله اهي اڻ ڄاڻ ناسمجه به سئين واٽ تي اچي ويندا۔۔۔۔۔شڪريه
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. جمال محمود کهڙو

    جمال محمود کهڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2014
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    ذاتي ڪاروبار، آبادگار،
    ماڳ:
    سوڀوديرو
    ادا اسان جي قوم پرستن دوستن کي گهرجي ت هو سنڌي وسندين تي پنهجو ڌيان ڏين ، ڇو ت اهي سنڌ جو روح آهن. سندن لاِ اهو ٽيسٽ ڪيس هوندو ت هوثابت ڪن ت هو سنڌ جي سياست جي لائق آهن يا ن
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏27 اپريل 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو