سنڌ سلامت جي سالگره جون واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏14 اپريل 2013۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    15 اپريل 2009 ۾ سنڌ سلامت جو بنياد پيو، هي اهو دور هو جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ اڃان ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون ويب سائيٽون موجود هيون، فيسبڪ جهڙي سوشل ميڊيا تي به تمام گهٽ سنڌي دوست سنڌي صورتخطيءَ ۾ لکندا هيا، جڏهن ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ کولبي هئي ته سنڌي ٻوليءَ جي پياس رکندڙ جي پيا س نه اجهامندي هئي.

    سنڌ سلامت جي بنياد وجهڻ وقت دوستن کي ڪيترائي خدشا هيا ته ان ويب سائيٽ تي ڪهڙا دوست ايندا، ڪيئن مواد پيش ٿيندو ۽ اها ويب سائيٽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي يا نه ...؟؟؟ پر سنڌ سلامت جي دوستن خاص ڪري رشيد سمون، نثار ناز، ضياء چارڻ، علي ظفر عرف علي علي کي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت جو جيڪو جنون ۽ چاهه هيو، ان چاهه کين پير پوئتي ڪرڻ ڪون ڏنو.

    21 اپريل 2009 تي دوستن پاران مونکي به دعوت نامو مليو ته آءُ هن ويب سائيٽ جو رڪن ٿيان، مون جڏهن هن ويب سائيٽ جو ڀيرو ڪيو ته ڳالهه پسند آئي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت واري جذبي سان سنڌ سلامت جي رڪن جي حيثيت اختيار ڪري موجود خالي خانن کي ڀرڻ شروع ڪيو، ڏسندي ڏسندي مختلف پاسن کان دوست ايندا ويا، مواد ڪٺو ٿيڻ شروع ٿيو ۽ سنڌ سلامت پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابيءَ جا ڏاڪا چڙهڻ شروع ڪيا. سچل ڳوٺ کان سليمان وساڻ، شڪارپور کان عبدالوحيد عرف ڦلپوٽو فقير، ڄامشوري جو اسد جت عرف مست، موري کان مولوي رحيم بخش، دادوءَ جو ديوانو عرس پريو ۽ ممتاز وگهيو، طاهر سنڌي، عمران سومرو عرف درويش، عاشق سولنگي، عبدالوهاب قمبراڻي، عباس مگسي، غلام مصطفيٰ ميمڻ. ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري ۽ ٻيا سوين سهڻا دوست اچي هن اڱڻ جي زينت ٿيا ۽ سنڌ سلامت جو آسمان ستارن جي جهرمٽ ۾ چمڪڻ لڳو. ( معافيءَ سان چند نالا لکيا اٿم جيڪي ذهن ۾ آيا)

    بلڪل ان چوڻيءَ جيئان ته آءُ ته اڪيلو ئي سفر تي نڪتو هيس ۽ دوست شامل ٿيندا ويا، ڪاروان جڙي راس ٿيو. رشيد سمون به چند دوستن سان شايد اڪيلو ئي هليو هو پر اڄ سنڌ سلامت، سنڌيءَ ٻوليءَ جي هڪ سهڻي فورم جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو. سنڌ سلامت جا ڪارڪن ۽ عهديدار سڀ جا سڀ سنڌيت جي جذبي سان سرشار ٿي ڪم کي اڳتي وڌائيندا رهيا، سنڌ سلامت جي خوبين ۾ اضافو ڪندا رهيا، سنڌي ادب ۽ سنڌي مواد وڌڻ لڳو، سموري سنڌ ۾ سهڻا سنڌي نوجوان سنڌ سلامت جي اڱڻ جا ڀيرا ڀڃڻ لڳا ۽ پنهنجين ڪاوشن سان سنڌ سلامت جي ماحول کي سرگرم ۽ ڪارائتو ڪندا رهيا.

    سنڌ سلامت جي دوستن هڙا وڙان خرچ ڪري ٽي سال لڳاتار سنڌ جي شخصيتن ۽ مسئلن تي سنڌ جا ڪئلينڊر ڇپائي سنڌي ماڻهن جي هٿن تائين پهچايا آهن، سنڌ سلامت جي دوستن چندا ڪري ضرورتمندن جي مدد ڪئي آهي، سنڌ سلامت جي دوستن، سنڌي ڪتابن کي آنلائين ڪرائڻ واري مقصد تي پاڻ پتوڙيندا رهيا آهن، سنڌ سلامت جي دوستن، سنڌي ٻولي ۾ ڪمپيوٽر جي تعليم کي اڳ کان اڳري ڪرڻ جا جتن ڪندا رهيا آهن. سنڌ سلامت جا دوست هن وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن شريف جي معني ۽ تفسير کي آنلائين ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. سنڌ سلامت جا دوست سنڌي ٻوليءَ جي ڊڪشنريءَ تي پڻ ڪم ڪري رهيا آهن.

    سنڌ سلامت، سنڌي قوم جي خوشين ۾ خوش ۽ ڏکن ۾ ڏکائتي رهڻ واري ثقافت جو رواج وڌو آهي. سنڌ جي مسئلن، سنڌ جي ضروتن، سنڌ جي سماجي، ثقافتي، اقتصادي ۽ مذهبي حالتن تي بحثن ۾ ڀرپور حصو وٺندي رهي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ ڪيترائي اهم ڪم ڪيا جن ۾ ٽيڪسٽ باڪس تيار ڪيو جيڪو بنا ڪنهن سوفٽ ويئر جي ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

    گذريل چئن سالن جي قليل عرصي ۾ سنڌ سلامت تي ڪيترن ئي سنڌي ڪتابن جو اضافو ٿي چڪو آهي، هر موضوع تي ڪيترائي ناياب ليک اچي چڪا آهن، خاص ڪري سنڌ سلامت جي سڄڻ دوست سليمان وساڻ ڪيترن ئي ڪتابن تي هڙا وڙان خرچ ڪري، ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت تي آنلائين ڪرايا آهن ۽ هميشه ان ڏس ۾ پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو.

    سنڌ سلامت، انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مان مٿاهين ڪرڻ ۾ هر قدم کنيو آهي، ۽ اڃان منزل آسمان جيتري وسيع آهي، انڪري سنڌ سلامت جي دوستن تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته ” نه ٿڪجو، نه هار مڃجو، نه مايوس ٿجو ۽ نه ئي پوئتي ڪنڌ ورائي منزل جا ڏاڪا ڳڻجو ... “ هلڻ سان ئي فتح آهي، اوهانجو هلڻ سنڌي ٻوليءَ جو انٽرنيٽ تي هلڻ آهي، اوهان سان سنڌ آهي ۽ اوهان سنڌ سان آهيو ...

    اوهانجو نعرو اڄ به ڪارائتو آهي ؛ ” سنڌ سلامت ساٿ سلامت “
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    محترم سائين نثارابڙو سميت سنڌي ٻوليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ دوست محترم سليمان وساڻ۔ ذيشان رشيد،عبدالحفيظ لغاري علي ظفر عرف علي علي ، ۽ ٻيا سڀ دوست جيڪي سنڌ سلامت جي سونهن وڌائڻ لاءِ هر وقت ڪوشان رهن ٿا انهن سڀني کي سنڌ سلامت جي سالگره جون کوڙ ساريون واڌايون۔
    سنڌ سلامت، انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مان مٿاهين ڪرڻ ۾ هر قدم کنيو آهي، ۽ اڳتي به جاري رهنديون، سڀني دوستن کي وري به سنڌ سلامت جي سالگره جي موقعي تي کوڙ ساريون واڌايون هجن
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    مٺڙا سائين عرس پريا صاحب، اوهانکي به مبارڪون هجن، حقيقت ۾ اوهانجو ساٿ ۽ سنڌ سلامت سان چاهه هن اوطاق لاءِ سرمايو آهي ۔۔۔ روز اول کان اوهان سنڌ سلامت لاءِ جيترو پتوڙيو آهي سو سنڌ سلامت جي هڪ تاريخ آهي ۔۔۔ لک قرب
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سنڌ سلامت فورم سنڌ ۽ سنڌي ٻولي کي اڳتي وڌائڻ لا۽ پنهنجي طرفان جيڪي ڪوششون ڪيون اهن سي سڀ ساراهڻ لائق آهن

    سنڌ سلامت، انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مان مٿاهين ڪرڻ ۾ هر قدم کنيو آهي، ۽ اڳتي به جاري رهنديون، سنڌ سلامت جي هيرو اڪبر واڍو،سائين نثار احمد ناز، سائين نثار ابڙو، علي علي، سائين ميمڻ صاحب۽ سڀني دوستن کي سنڌ سلامت جي سالگره جي موقعي تي کوڙ ساريون واڌايون هجن

    ۽ اميد ٿا ڪريون ته اهو ڪاروان هميشه جاري ۽ ساري رهندو

    سدائين گڏ

     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    سڄڻن کي سالگره جي مبارڪ باد سدائين آباد رهو
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    انٽرنيٽ جي دنيا جي سڀ کان وڏي سنڌي فورم سنڌ سلامت جي چوٿين سالگرهه تي، انتظامي رڪنن، ميمبرن، ليکڪن، صحافين، شاعرن ۽ سڀني گهڻگهرن کي واڌايون پيش ڪجن ٿيو.

    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    سنڌ سلامت سان سنڌين جو هڪ اهڙو روحاني رشتو آهي بلڪي سنڌ سلامت سان نه هر سنڌ سلامت جي رڪن سان دل جو ۽ روح جو رشتو آهي ان ڪري ئي پهنجي سنڌ امڙ سان محبت جو ثبوت ڏيڻ لاء هر سنڌي پهنجا خيال سنڌ سلامتتي پهنجي قوم ،ملت ۽ پهنجي دوستن سان ونڊ ڪندو آهي هن فورم تي مفڪر ، عالم اديب ، دانشور ، مست درويش فقير مطلب ته هر قسم جا دوست موجود آهين سنڌ سلامت جو هرسيڪشن پهنجي مثال پاڻ آهي اهو ئي سبب آهي جو جيڪو به اتي هڪ دفعو ايندو آهي اهو سنڌ سلامت جو ئي ٿي ڪري رهجي ويندو آهي .. اڃ اسان فطر ڪريون ٿا انهن سڀني دوستن تي ۽ سنڌ سلامت جي انتظآميه ۽ رڪنن تي جن جي ڪاوشن سان سنڌ سلامت اڃ ان درجي تي پهتي آهي مان ان موقعي تي تمام رڪنن ۽ انتظآميه کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ....
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. Moazzam baloch

    Moazzam baloch
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2012
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    انشاءالله جيجل سند جي ھر سڏ تي ھر قدم تي ڱڏ ھونداسين
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. farhansoomro

    farhansoomro
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 جنوري 2013
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مزدوري
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مان سنڌ سلامت جي سالگره جئ موقعي تي تمام رڪنن ۽ انتظآميه کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ساٿ هلندو رهي
    لاٽ ٻرندي رهي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سنڌ سلامت ساه سلامت۔۔۔۔!
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي منهنجي پاران محترم سليمان وساڻ صاحب جو تيار ڪيل رنگين ڪارڊ پيش ڪيان ٿو۔۔۔

    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ دوست، ادب دوست ۽ پياري دوست خيرپور جي آصف رضا نظاماڻي پاران سنڌ سلامت جي سالگرهه جون واڌايون۔​
    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    سنڌ سلامت فورم کي جوڙيندڙ دوستن سان گڏ ،ڪاميابي ڏانهن قدم وڌائيندڙ دوست، ڀائر ۽ ڀينرن کي، سنڌ سلامت فورم جي هن سالگره جي پر مسرت موقعي تي دل جي گهرائي سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو،
    سنڌ سلامت فورم جا املهه ماڻڪ موتي جيڪي سدائين امر رهندا پنهجي دل و جان سان هڙئون وڙئون ڏئي هي ڪاميابي جي ڪرڻ پيدا ڪندا رهيا آهن جس لهڻن،جن اسان کي دنيا جي دورنگي صفت مان ٻاهر ڪڍي پنهجي ٻولي لکڻ جو فن سيکاريو،مون ڪڏهن سوچيو به ڪونه هو ته بغير ڪنهن تربيت حاصل ڪرڻ جي ڪمپيوٽر کي پنهجي ٻولي لکڻ جي فن سان آراسته ٿي سگهندس،۽ دنيا جي دورنگين ۾ انٽرنيٽ کي استعمال ڪندي ڪيتري ئي وقت سان مسلسل استعمال هيٺهميشه انگريزي اکرن سان سنڌي لکڻ جي ڪوشش ڪندي ڪڏهن اهيو خيال به نه آيو ته،پنهجي ٻولي جا به اکر آهن ،انهن کي به لکي سگهجي ٿو،پر پنهجي بيراه روي ۾ بس پاڻ کي مصروف رکندي مڙئي ڪم ڪڍندي پئي ڪم هلايو،
    جنهن سان اڄ محسوس ڪيو ته مان پنهجي قوم ۽ ٻولي جو وڏو گنهگار آهيان،جنهن لاء مون ڪڏهن به ڪوشش ئي نه ڪئي ته مان پنهجي ٻولي جي مالڪ هوندي به ڌاري ٻولي کي لکي رهيو آهيان،
    پر مون تي احسان ڪيا ادا رشيد سائين جنهن مونکي اهيو دڳ ڏيکاريو ۽ پنهجي هن قافلي ۾ شامل ڪيو،۽ سنڌ ماتا جي سهڻن پيارن ساٿين سان پڻ واقفيت ڪرائي ،جن پنهجي پيار علم هنر ۽ فن سان مون انڌي کي روشني ڏني ۽ ڏيکاري،
    هن فورم تي هر دوست پنهجي تخليق سان پنهجي احساسن سان پنهجي فن سان دل کي موهي وجهي ٿو،انهن جي هر لفظ ۾ هڪ پيغام ملندو آهي جيڪو دل جي ڪيفيتن کي احساسن ۾ بدلائي ڇڏيندو آهي جنهن سان مان خوشي،ڏک يا همدردي ۾ انهن سان پاڻ کي ڀاڳي ڀائيوار ڀائيندو آهيان،
    الله تبارڪ وتعالي در دعاگو آهيان الله پاڪ هن ڌرتي ماتا هن جي سپوتن تي پنهجي خاص ڪرم جي نگاه عطا فرمائي جيڪي سنڌ ماتا جي ماروئڙن جي بيلوث خدمت ۾ پيش پيش آهن ،انهن جا هٿ مضبوط ڪري انهن جا حوصلا بلند ڪرياسان کي انهن جو پيروڪار بنائي جيڪي انسان ۽ انسانيت جي ناتي کي بلند ڪرڻ لاء ڪوشان آهن آمين
    سنڌ سلامت فورم جي سڀني دوستن کي سالگره مبارڪباد
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. حيدر بخش

    حيدر بخش
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جنوري 2011
    تحريرون:
    66
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سنڌ سلامت فورم جي سڀني ڀاتين کي سنڌ سلامت جي سالگرھ جون لک لک واڌايون، الله سائين کان دعا آھي ھي فورم اڃا وڌيڪ ترقي جون منزلون ماڻين آمين
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    انٽرنيٽ جي هڪ تمام وڏي سنڌي ويب سائيڊ جي سالگره جي موقعي تي سباجهڙين سنڌين ، ڪلاڪارن ، ليکڪن ، انتظاميه ، مهربان رُڪنن ، کي لک لک واڌايون :D

    [​IMG]
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. farhansoomro

    farhansoomro
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 جنوري 2013
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مزدوري
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    2490 اٽيچمينٽ ڏسو
    2490 اٽيچمينٽ ڏسو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. اويس

    اويس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 اپريل 2013
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Karachi, Pakistan
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. اويس

    اويس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 اپريل 2013
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Karachi, Pakistan
     
  20. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو