سالگره تي سنڌ سلامت طرفان سنڌين لاءِ سنڌي سرچ ڳولا جو تحفو

'سنڌ سلامت پروجيڪٽ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏15 اپريل 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت شروع کان ئي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ ۾ رڌل رهي آهي. ۽ هاڻي جڏهن ان مقصد ۾ ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ڪافي سنڌي مواد انٽرنيٽ پيجز تي منتقل ٿي چڪو آهي ته ان مواد کي ڳولڻ آسان نه رهيو آهي.
    رڳو سنڌ سلامت جو مواد ڳولڻ پڻ الجهائيندڙ ڪم آهي. هوئن ته سنڌ سلامت بوڪمارڪليٽ ذريعي سنڌي مواد گوگل تي ڳولڻ ڪافي آسان آهي پر ان باوجود برائوزرس جي لڳاتار اپڊيٽ ورجنس اچڻ ڪري بوڪمارڪليٽ ڪمپيٽبلٽي جا مسئلا پڻ سامهون اچي رهيا آهن. ان ڪري سنڌ سلامت ڪنهن اضافي ڪوشش ۾ آهي ته گوگل سرچ انجڻ جو ڪو سنڌي پلگ ان تيار ڪجي جنهن سان سنڌي مواد ڳولڻ آسان ٿئي.
    ان سلسلي ۾ اڄ پنهنجي سالگره ڏڻ تي سنڌ سلامت طرفان هڪ منفرد پروجيڪٽ پيش ڪجي ٿو. هي آهي ”سنڌ سلامت سرچ“

    [​IMG]

    ھي دراصل گوگل ڪروم جو هڪ ايڪسٽينشن ۽ فائرفاڪس لاءِ هڪ ايڊان آهي جنهن ذريعي نه صرف بغير ڪنهن سافٽويئر جي ڪمپيوٽر، ليپٽاپ يا ٽچ اسڪرين ڊيوائيسز تي پنهنجي مادري زبان ”سنڌي“ ۾ لکائي ڪري سگهو ٿا. چاهيو ته پنهنجي لکيل مواد کي ڪاپي ڪري اي ميل موڪليو يا سوشل نيٽورڪس جهڙوڪ فيس بوڪ تي پنهنجا اپڊيٽ ۽ ڪمينٽس وغيره پنهنجي مادري زبان ۾ موڪلي سگهو ٿا۽ جي چاهيو ته پنهنجي لکيل سنڌي لفظن کي مشهور سرچ انجنس جهڙوڪ گوگل يا بنگ تي ڳوليو رڳو ايترو ئي نه پر لکيل مواد کي ڳولڻ جا نتيجا وڊيوز ۽ تصويرن ۾ ڏسڻ پڻ آسان آهن.
    سنڌ سلامت سرچ جي انسٽاليشن به انتهائي آسان آهي گوگل ڪروم لاءِ بس ڪروم پلي اسٽور تي اچي ايڪسٽينشن ايڊ ڪريو ته ڪروم ٽول ڀرسان سنڌي اکر ”س“ يعني سنڌ سلامت سرچ اچي ويندو جنهن تي ڪلڪ ڪرڻ سان هڪ پاپ اپ ونڊوز کلندي جنهن کي سمجهڻ تمام سولو آهي. ساڳي نموني فائرفاڪس جو ايڊان ٽولز مينو ۾ سڀ کان آخر ۾ SSSearch نالي هڪ آپشن جو اضافو آڻي ڇڏيندو آهي جنهن تي ڪلڪ ڪري توهان ساڳي قسم جي پاپ اپ ونڊوز کولي سگهو ٿا.
    هن جي اضافي خوبيڻ ۾ شامل آهن:
    سنڌي لکائي دوران ٽيڪسٽ ايريا جي هيٺان توهان جي مدد لاءِ سنڌي ورچوئل ڪيبورڊ پڻ ڏنل آهي. جڏهن توهان ڪيبورڊ تان ڪو اکر پريس ڪندو ته هيٺ موجود ورچوئل ڪيبورڊ تان پڻ اهو اکر چمڪي توهان کي درست بٽڻ پريس ڪرڻ جو اشارو ڪندو. سنڌي ڪيبورڊ جا ڪجهه اکر ڪيبورڊ جي شفٽ بٽڻ پريس ڪرڻ سان لکيا ويندا آهن. ورچوئل ڪيبورٽ تي شفٽ ڪي پريس ڪري توهان نه صرف اهي اکر پريس ڪندي لکي سگهو ٿا پر انهن اکرن جي درست جاءِ پڻ معلوم ڪري سگهو ٿا.

    [​IMG]

    [​IMG]

    سنڌي لکائي کان پوءِ ٽيڪسٽ ايريا جي مٿان موجود ”ڪاپي“ بٽڻ کي پريس ڪري لکيل مواد کي ڪاپي پڻ ڪري سگهجي ٿو جنهن کي مختلف سوشل نيٽ ورڪس جهڙوڪ ٽويٽر، فيس بوڪ يا وري ڪنهن بلاگ تي پڻ پيسٽ ڪري سگهجي ٿو.
    ٽيڪسٽ ايريا تي توهان طرفان لکيل مواد جي فونٽ کي تبديل ڪرڻ ۽ اکرن جي سائيز کي ننڍو يا وڏو ڪرڻ لاءِ پڻ بٽڻ رکيا ويا آهن. في الحال سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي مشهور ٽن فونٽن کي سجايو ويو آهي جن ۾ اڳتي هلي اضافو پڻ ڪيو ويندو

    [​IMG]


    هي ايڪسٽينشن خاص طور انٽرنيٽ تي سنڌي ۾ مڪمل ڳولا ڪرڻ جي سهولت خاطر پڻ بڻايو ويو آهي. هتي ٽيڪسٽ ايريا تي سنڌي لفظ لکي چاهيو ته مٿي موجود گوگل بٽڻ پريس ڪري گوگل ۾ ڳولا ڪريو يا وري پنهنجي مواد کي مشهور سرچ انجن بنگ تي ڳوليو. ان کانسواءِ مواد متعلق وڊيوز، تصويرون پڻ ڳولي سگهجن ٿيون. هاڻي سنڌي ۾ وڪيپيڊيا ۽ فيس بوڪ تي آيل مواد کي پڻ ڳولي سگهجي ٿو. ان کان علاوه سنڌي زبان جي مشهور، جامع ۽ وسيع فورم سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي موجود سمورو سنڌي مواد هن ايڪسٽينشن سان ڳولڻ هاڻي انتهائي آسان آهي.

    [​IMG]

    [​IMG]


    سنڌ سلامت سرچ انجڻ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام طرفان سنڌي ٻولي ذريعي عام سنڌين کي سهولت پهچائڻ جو اهم پروجيڪٽ آهي جيڪو سنڌي مواد کي مختلف سرچ انجن ۾ ڳولا کان پوءِ ان مواد کي سرچ انجڻس ۾ انڊيڪس ڪرڻ ۾ به فائيديمند ثا بت ٿيندو.

    گوگل ڪروم استعمال ڪندڙ ساٿي هتي ڪلڪ ڪري ايڪسٽينشن انسٽال ڪن
    فائرفاڪس براوزر استعمال ڪندڙ ساٿي هتي ڪلڪ ڪري ايڊان انسٽال ڪن

    اميد ته هميشه وانگر سنڌ سلامت جي هن پروجيڪٽ سان سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ ۾ ڳولڻ بلڪل آسان رهندو. ۽ ساٿين کي سنڌ سلامت جو هي قدم پڻ پسند ايندو. دوستن جي واڌو ڪاٽو تبصرن جو انتظار رهندو.
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    سنڌ سلامت پروجيڪٽن ۾ هڪ وڌيڪ اهم قدم ذيشان رشيد جو سنڌ سلامت جي سالگره جي موقعي تي هڪ بهترين تحفو
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محترم عبدالماجد ڀرڳڙي فيسبوڪ تي لکي ٿو :


     
  4. زاهد نظاماڻي

    زاهد نظاماڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    82
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد (M.U.E.T ڄامشورو) ڪمپيوٽر سيسٽم
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد خان نظاماڻي (بدين)
    بهترين تحفو، ۽ بهترين خبر۔ سائين رشيد صاحب هي جاوااسڪرپٽ ۾ ٺاهي وئي آهي نه؟
     
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    س سان سنڌ آهي، س سان سلامت آهي، س سان سنڌ سلامت آهي، س سان ئي رشيد جي سچائي آهي جنهن ”س“ واري اکر سان ظاهر ٿيندڙ هي پلگ ان انسٽال ڪيو۔ جيئن مالهي پنهنجي باغيچي ۾ ٻوٽا پوکي روز ان مان ڦُٽندڙ پنکڙيون ڏسي ۽ ڳڻي پيو خوش ٿيندو آهي تيئن رشيد به هي پلگ ان ٺاهڻ وقت روز انهي جي پيش رفت تي خوش پيو ٿيندو هو۔
    مون کي ياد آهي ته رڳو اکر ”س“ وارو آئڪان ٺهرائڻ لاءِ هُن سنڌ سلامت جي جوڙي ابو واصف ۽ ابو زين کي ڪيترا دفعا انهي جا ڏيک تبديل ڪرائي ڪرائي اهو چونڊيو هو۔
    شل رشيد ۽ سنڌ سلامت هُجن۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سنڌ سلامت جا دوست سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار کي جاري رکندي پنهنجي عزم کي برقرار رکيو پيا اچن دعا آهي ته سندن اها جستجو هميشه جاري رهي سائين عبدالرشيد جن جي هي ڪاوش به قابل تعريف آهي کين لک شاباسون هجن جو پاڻ وقت
    ڪڍي پنهنجي قوم لاء ڪم ڪندا رهن ٿا۔
     
  7. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    اوهان سڄڻن جا ٿورا ڪهڙا ڳائي ڪهڙا ڳايان۔۔ شل سدائين مُرڪندا ۽ مهڪندا رهو ۽ سنڌ سلامت جي سونهن اهڙي ريت وڌائيندا رهو۔۔
     
  8. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واه واه
    تمام بهتر،
    هاڻي ته تما ڪم سولو ٿي پيو۔
    سائين رشد زنده آباد
     
  9. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    ادا بلڪل هي هڪ بهترين سنڌي دوستن لا سوکڙي آهي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سيف الله ڀٽو

    سيف الله ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اين جي او جو ملازم
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ، ڪراچي
    تمام سٺو

    سڄي سٿ کي جس هجي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    تمام بهترين ڪاوشون سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان شايع ٿيندڙ، هميشه جيان خراج تحسين جا مُستحق جيڪي هن ڪوششن ۾ پاڻ پتوڙين پيا. پر اُنهن مٿان اها به قومي ذميواري به ته سنڌي پٽيءَ جي ترتيب جيڪا سائنسي لحاظ سان سوچي، جاميٽري ۽ ٽرگناميٽريٰ کي ذهن ۾ رکي ٺاهي وئي هُئي ۽ مُڪمل آهي، جنهن کي ڪنهن پبلشر، اداري جي رُڪن يا غلط رڪارڊ ڏيندڙ اُستاد جي يادشات صحيح نه هُئڻ ڪري بي ترتيب ڪيو ويو آهي ۽ نوجوان جي ذهنن ۾ وڌو ويو آهي. اُها اصل حالت ۾ هُجي ۽ پبلشرن تي زور ڀريو وڃي ته اُها ڇاپين ۽ اُستادن تي ته اُها هٿ ڪري ياد ڪرائين ڇو جو قومون پنهنجي پُراڻي ورثي کي ئي ڳائينديون آهن ۽ فخر سان پنهنجي شناخت ڪرائينديون آهن ۽ اُهي ڌار روپ ۾ (جيئن هن سرچ انجڻ ۾ آهي) اضافي نواڻ کي ضرور پسند ڪنيون آهن پراصل جي ماڊيفڪيشن کي هرگز قبول نه ڪنديون آهن. پبلشرن کي ۽ اهڙن اُستادن ۽ ادارن جي ڪارڪنن کي ضد ڇڏي اهڙين غلطين کي به رورٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. پُراڻو نصاب تعليم جنهن سنڌي ٽيلنٽ پئدا ڪيا، وري رائج ڪجي ڇو جو نئين نصاب هڻي هنڌ ڪيا آهن جنهن اڄ سنڌيت ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو اهي. خمير ماني جيان ان جو مقدار ته گهڻو آهي پر طاقت جا اُهي جُزا ناهن ۽ کائڻ سان بيماريون پئدا پيون ٿين.
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏5 اپريل 2014
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. لياقت شاه بخازي

    لياقت شاه بخازي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 جنوري 2015
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    تمام سٺي ڪاوش آهي ...
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. کينئراج ٿري

    کينئراج ٿري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 فيبروري 2015
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    واه واه
    تمام بهتر،
    هاڻي ته تما ڪم سولو ٿي پيو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    تمام بهترين ڪاوشون
     
  15. Musa Rustmani

    Musa Rustmani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2016
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پرائيوٽ نوڪري
    ماڳ:
    ٽنڊو الهيار
    تمام بهترين ڪم آهي. مبارڪون هجن
     
  16. ذوالفقار دولتاٹی

    ذوالفقار دولتاٹی
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 مئي 2013
    تحريرون:
    64
    ورتل پسنديدگيون:
    132
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    ايڊيٽر دي سنڌ آنلائن
    ماڳ:
    ڳوٺ صوڀو دولتاڻي دادو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو