سنڌ سلامت فورم جا قانون۔۔

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏2 جنوري 2010۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اسلام عليڪم
    سنڌ سلامت جو مقصد پنهنجي مٺي زبان ”سنڌي“ کي دنيا جي هن ترقي يافته دور ۾ پوري دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ ۔۔۔ ۽ پوري دنيا ۾ موجود سنڌين کي اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي جتي هو پنهنجي زبان جي مٺاس سان محبت ورهائيندي ادبي، اخلاقي، تعليمي، معلوماتي، تفريحي، تاريخي ۽ سبق آموز ڄاڻ سموري دنيا ۾ موجود سنڌين تائين پهچائي سگهن۔۔۔۔
    اسان جو نعرو سنڌ ۽ سنڌيءَ جي پرچار ڪرڻ آهي۔۔۔
    شروع شروع ۾ سنڌ سلامت کي پنهنجي سنڌين جي سادگي، معصوميت ۽ محبت جي مٺاس رکندڙ خوبين هجڻ ڪري بغير قانون لڳائيندي هڪلايو ويو پر آهستي آهستي ان ڳالهه جي ضرورت محسوس ڪئي وئي ته سنڌ سلامت جو هڪ آئين يا قانون بڻايو وڃي۔۔۔ ان سلسلي جي پهرين قدم طور ڪجهه قانون سنڌ سلامت فورم تي لاڳو ڪجن ٿا۔۔۔ ياد رهي ته انهن قانونن ۾ ڪمي پيشي جو اختيار سنڌ سلامت انتظاميه وٽ محفوظ آهي۔۔۔
    سمورن رڪنن کي آگاهه ٿو ڪجي ته پنهنجي تحرير پوسٽ ڪرڻ وقت هنن قانونن کي نظر ۾ رکي ته جيئن آئنده ڪنهن قسم جو ڪو ابهام نه رهي۔۔۔

    سنڌ سلامت فورم جو ڪوبه مذهب يا عقيدو نه آهي۔۔ هتي مسلمان ۽ هندو سميت هر مذهب ۽ فرقي يا گروهه جو سنڌي اچي پنهنجي معلومات موڪلي سگهي ٿو۔۔۔

    اسلامي سيڪشن ۾ اختلافي موضوع جي بلڪل اجازت نه آهي ۔۔۔ اهڙي موضوع کي ڊيليٽ ڪيو ويندو۔۔۔ هتي صرف اهڙي شيئرنگ ڪيو جيڪا دينِ اسلام جي ڦيلاء ۽ مسلمانن جي ٻڌي جو سبب بڻجي۔۔

    ڇو ته سنڌ سلامت فورم تي اظهارِ راءِ جي آزادي آهي ان ڪري هتي پوسٽ ٿيڻ وارن نظرين کي سنڌ سلامت انتظاميه جا نظريا نه سمجهيا وڃن بلڪه صرف ان رڪن جا نظريا سمجهيا وڃن۔۔۔

    اهڙو مواد جنهن سان ڪنهن مذهبي گروهه، فرقي، قوم يا ملڪ جي دل آزاري ٿيندي هجي ۔۔ نه موڪليو وڃي۔۔۔

    سنڌ امڙ سان محبت جي اظهار جي مڪمل آزادي آهي۔۔۔۔ پر ملڪ پاڪستان خلاف مواد نه موڪليو وڃي۔۔۔

    اهڙو ڪوبه مواد جيڪو ڪاپي رائيٽ جي تحت ايندو هجي ۔۔ ان کي سنڌ سلامت تي پوسٽ نه ڪيو وڃي ۔۔۔ پر جيڪڏهن اهو مواد ڪنهن ويب سائيٽ تان کنيو وڃي ته ان سائيٽ جو حوالو ڏيڻ ضروري آهي۔۔ البته ڪنهن فورم تان کنيل مواد ڪٽ پيسٽ جي صورت ۾ نه موڪليو وڃي۔۔۔

    اهڙو ڪوبه مواد موڪلڻ کان پاسو ڪيو جنهن سان ٻين جي دل آزاري ٿيندي هجي۔۔۔

    فحش مواد سميت گهٽيا گفتگو۔۔ گارگند۔۔۔ ڌمڪي۔۔ ۽ اخلاق کان ڪريل ڳالهه جي بلڪل به اجازت نه آهي۔۔۔

    جيڪڏهن توهان ڪنهن جي راءِ سان متفق نه آهيو۔۔۔ ته اعلي ظرفي جو مظاهرو ڪريو ۽ ذاتيات تي حملو نه ڪريو۔۔۔

    انتظاميه سميت سمورن رڪنن جي عزت جو خيال هر وقت ذهن ۾ رکو۔۔۔

    بحث برائي بحث ڪرڻ کان جيترو ٿي سگهي پاسو ڪريو ڇو ته ان سان ناراضگي پيدا ٿيڻ جو خدشو هوندو آهي۔۔۔

    اهڙي ڪابه تحرير جيڪا سنڌ سلامت جي شايانِ شان نه هجي ۔۔۔ بجائي ان تي خود ناراضگي جي اظهار ڪرڻ جي ۔۔۔ انتظاميه کي رپورٽ جي صورت ۾ آگاه ڪريو۔۔۔

    ڪنهن قسم جي ذاتي معلومات مثال طور اي ميل آئي ڊي يا فون نمبر سڌو تحرير جي بجائي ذاتي پيغام موڪليو۔۔۔

    سنڌ سلامت انتظاميه کي اهو حق حاصل آهي ته هو ڪنهن به تحرير ۾ ردوبدل يا ان کي مڪمل ختم ڪري۔۔ ان جي لاءِ هو سوائي سرپستِ اعلي ۽ منتظمِ اعلي جي ڪنهن جي به اڳيان جوابده ناهي ۔۔ پر هر رڪن کي اهو اختيار حاصل آهي ته انتظاميه طرفان زيادتي جي صورت ۾ سرپستِ اعلي يا منتظمِ اعلي کي آگاه ڪن۔۔۔

    جيڪڏهن ڪنهن رڪن قانونن جي خلاف ورزي ڪئي ته انتظاميه ان کي تنبيهه ڪري سگهي ٿي۔۔ ان جي باوجود جيڪڏهن رڪن باز نه ٿو اچي ته ان تي عارضي يا مستقل پابندي لڳائي سگهجي ٿي۔۔۔
     
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو