ننڍپڻ جون شاديون

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏21 اپريل 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ننڍپڻ جون شاديون


    شادي هڪ اهڙو ٻنڌڻ آهي جنهن سان پنهنجي بي ترتيب زندگي کي ترتيب ۾ آڻي سگهجي ٿو زال ۽ مڙس کي گاڏي جا ڦيٿا ۽ ان بغير گاڏي نه هلڻ جو مثال اسان اڪثر ٻڌندا رهندا آهيون پر ان وقت ان ڳالهه کي مسلسل نظر انداز ڪيو وڃي ٿو ته ڇا گاڏي ۾ هڪ ڪار ۽ ٻيو موٽر سائيڪل جو ڦيٿو هلي سگهي ٿو؟ زندگي جي سفر کي تڏهن ئي محفوظ منزل تائين پهچائي سگهجي ٿو جڏهن انهن شين جو خيال رکيو وڃي ڪنهن به ذميواري سنڀالڻ ۽ ڪنهن به ڪم جي شروعات کان اڳ تياري ۽ مهارت بنيادي شرط مڃيا ويندا آهن معلومات ۽ تياري نه هئڻ ڪري ڪوبه ڪم ڏکيائي جو سبب بڻجي ٿو ، شادي ۽ گڏيل زندگي جي بنياد رکڻ کان اڳ معلومات ۽ تياري تمام اهم هوندي آهي پر جيئن ته اسان وٽ شادي کان اڳ اولاد کان پڇڻ خاص ڪري نياڻين کان پڇڻ کي ڪا به اهميت نه ڏني ويندي آهي ۽ نه ئي شادي جي صحيح عمر بابت ڪا ڄاڻ حاصل ڪئي ويندي آهي ۽ ان ڪري ننڍپڻ جون شاديون اڄ به ساڳئي طريقي سان جاري آهن جنهن ڪري ننڍپڻ جي شادين سان ڪيترائي مسئلا جنم وٺي رهيا آهن ننڍپڻ جي شادين ڪري نه صرف پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ ننڍي عمر ۾ ماءُ بڻجڻ ۽ ويم دوران ڇوڪريون زندگي جيجنگ هارائي وڃن ٿيون ننڍ پڻ جي شاديون ڪا نئين شئي نه آهي ان کي سماجي طور تي قبول ڪيو ويو آهي جنهن تي نسلن کان عمل ٿي رهيو آهي
    يونيسيف موجب دنيا ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ نياڻين کي 18 سالن کان اڳ پرڻايو وڃي ٿو ننڍپڻ جون شاديون نه صرف موت جي شرع ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيون آهن پر ان سان گڏ ٻين به ڪيترن ئي مسئلن جو سبب بڻجي رهيون آهن جن تعليم مڪمل نه ڪرڻ اهم آهي ان بابت پلان انٽرنيشنل نالي تنظيم هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته 11 کان 15 سالن جي چار ڪروڙ کان وڌيڪ ڇوڪريون بنيادي تعليم کان محروم آهن جنهن جي هڪ اهم وجه ننڍپڻ جي شادي به آهي اڄ به دنيا ۾ ننڍپڻ جي شادين جو رواج عام آهي جنهن لکين نياڻين جي معصوميت کسي انهن کي جهالت ، غربت ۽ خراب صحت جهڙن مسئلن ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي دنيا ۾ هر ٽن سيڪنڊن ۾ 18 سالن کان گهٽ عمر جي ڇوڪري جي شادي ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ ڇوڪرين کان سندس مرضي به پڇا ناهي ڪئي ويندي يونائيٽڊ نيشن پاپوليشن فنڊ جي رپورٽ موجب نائجر ۾ 75 سيڪڙو ، چاڊ 72 سيڪڙو ، بنگلاديش 66 سيڪڙو ، گني ۾ 63 سيڪڙو شاديون ننڍپڻ ۾ ڪرايون وڃن ٿيون جڏهن ته مالي ۾ 2010 جي رپورٽ موجب55 سيڪڙو شاديون ننڍپڻ ۾ ڪرايون وڃن ٿيون 2006 تائين اهو تناسب 71 سيڪڙو هو جنهن ۾ ڪجهه گهٽتائي آهي جڏهن ته ملاوائي ۽ موزمبيق ۾ ننڍپڻ جي شادين جو تناسب 50 سيڪڙو آهي ، انڊيا ، زيمبيا ، ايٿوپيا ، يوگينڊا ، نيپال ، سراليون ، ڪيمرون ، نڪاراگوا ، تنزانيه ۽ ٻين ملڪن ۾ 40 سيڪڙو ڇوڪرين جي شادي 18 سالن کان اڳ ٿي وڃي ٿي جڏهن ته 2007 ۾ جاري ڪيل رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 24 سيڪڙو شاديون 18 سالن کان گهٽ عمر ۾ ڪرايون وڃن ٿيون رٽگرز ورلڊ پاپوليشن فائونڊيشن مختلف تنظيمن جي گڏيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌ صوبي ۾ 72 سيڪڙو ننڍپڻ ۾ شاديون ڪرايون وڃن ٿيون جڏهن ته پاڪستان ۾ 50 سيڪڙو ڇوڪرين جون شاديون 19 سالن جي عمر ۾ ڪرايون ويون آهن ۽ 13 سيڪڙو اهڙين ڇوڪرين جون شاديون ڪرايون ويون آهن جن جي عمر 15 سالن کان به گهٽ هئي
    پاڪستان ۾ ننڍپڻ جي شادين جي وجه ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته اسان کي ڪيترائي سبب نظر ايندا جنهن ۾ قانون تي عمل نه ڪرڻ ، تعليم جي ڪمي ، غربت ، قبائلي رسم رواج جنهن ۾ جائداد ۽ وٽو سٽو به شامل آهن جڏهن ته سنڌ ۾ هندو برادري جي نياڻين جي مبينا اغوا ، گهران نڪرڻ ۽ مذهب تبديل ڪري شادين جي واقعن ۽ اهڙي خوف سبب هندو برادري ۾ ننڍپڻ ۾ نياڻين جي شادي جو رجحان وڌڻ جو اهم سبب بڻجي رهيو آهي پاڪستان ۾ مسلم لا آرڊيننس تحت شادي لاءِ ڇوڪريٰءَ جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 16 سال ۽ ڇوڪري جي 18 سال ڪئي ويئي ۽ انهن جي رضامندي به لازم قرار ڏني ويئي جڏهن ته پاڪستان 1990 ۾ اقوام متحده جي ٻارن جي ڪنوينشن ۾ صحيح ڪئي ته ننڍپڻ جي شادين کي روڪيو ويندو ۽ ملڪ ۾ انهن تي پابندي هوندي پر ان تي عمل ڪيترو ٿيو اهو ته سڀني جي سامهون آهي ننڍپڻ جي شادي وقت ڇوڪري کي يڪدم وڏي ذميواري سنڀالڻي پوندي آهي جنهن لاءِ هو تيار نه هوندي آهي جنهن ڪري هن کي ذهني صدمو رسندو آهي ۽ جڏهن هو پيٽ سان ٿينديون آهن ته مسئلن ۾ به اضافو ٿي ويندو آهي جيئن ته هو ان عمل لاءِ تيار نه هوندي آهي ان ڪري اڪثر اهڙن ڇوڪرين کي گهٽ وزن ٻار ڄمندا آهن جيڪي هڪ سال جي عمر کان اڳ ئي موت جي منهن ۾ هليا ويندا آهن جڏهن هڪ ننڍي عمر جي ڇوڪري حمل سان ٿيندي آهي ته ان کي خطرناڪ ويم سمجهيو ويندو آهي ڇو ته ماءُ ۽ پيٽ جو ٻار پنهنجي غذا لاءِ هڪ ٻئي سان مقابلو ڪري ڪنديون آهن جنهن ڪري ويم دوران يا ان کان اڳ ڪمزوري جي ڪري ماءُ موت جي منهن ۾ هلي ويندي آهي ۽ ٻار جي زندگي به خطري ۾ هوندي آهي ننڍي عمر جون ڇوڪريون شادي بعد جڏهن حمل سان ٿينديون آهن ته انهن کي ڪيترين ئي مشڪلن ۽ بيمارين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي جن ۾ فسٽولا به شامل آهي هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ سال ۾ پنج هزار شادي شده عورتون پيشاب جي نالي جي بيماري فسٽولا ۾ مبتلا ٿينديون آهن گهٽ عمر جي شادي شده ڇوڪرين ۾ اها بيماري ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي ننڍي عمر ۾ شادي ڪيل ڇوڪرين جو جسم ۽ هڏيون ڪمزور هونديون آهن ۽ هڏين ۽ جسم جي نشونما کان اڳ ان کي ٻار پيدا ٿئي ته اهي فسٽولا جي بيماري ۾ مبتلا ٿي سگهن ٿيون جتي ننڍپڻ جي شادين جي ڪري ڇوڪرين کي ڪيترائي مسئلا هوندا آهن اتي اها بيماري انهن لاءِ تمام گهڻي پريشاني جو سبب بڻبي آهي ان بيماري جي ڪري عورتن کي گهران ڪڍڻ ۽ طلاق جهڙا مسئلا به سامهون ايندا آهن ننڍپڻ جي شادي هڪ اهڙو ناسور آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ نه صرف قانون ٺاهڻ پر ان تي عمل ڪرائڻ جي به ضرورت آهي هاڻ ان ڳالهه تي به زور ڏنو پيو وڃي ته شادي لاءِ ڇوڪري جي عمر به 18 سال ڪئي وڃي پر ان ڳالهه تي عمل تڏهن ممڪن آهي ته ان لاءِ اهو شرط لازمي رکيو وڃي ته ڇوڪرو يا ڇوڪري جي شادي لاءِ انهن جو شناختي ڪارڊ لازمي قرار ڏنو وڃي شهرن ۾ يا ڳوٺن ۾ شادي لاءِ نڪاح نامو ضرور ڀريو وڃي ۽ ان ۾ شناختي ڪارڊ نمبر به هئڻ گهرجي ان سان گهڻو ئي بهتر نتيجو نڪرندو ۽ انهن شين تي عمل ڪرائيندڙن تي ڳرا ڏنڊ رکيا وڃن ۽ سزا به ڏني وڃي ته جيئن ان عمل کي روڪي سگهجي۔

    ليکڪ سرور بلوچ
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سرور بلوچ

    سرور بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2013
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    محترم ڀا معصوم سنڌي اوهان جو لکيل تمام سٺو آهي، پر اها منهنجي لکيل رپورٽ هئي جيڪا پهرين اپريل تي عوامي آواز ۾ لڳي آهي، جڏهن ته مهراڻ وارن به اهو ساڳيو سروي رپورٽ جي نالي سان ڇاپيو هو. تمام سٺو لڳي ها ته اوهان اهواصل ليکڪ جي نالي سان هتي رکو ها ، http://balochsarwar.blogspot.com/2013/07/child-marrige.html

    [​IMG]
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا سرور بلوچ جو لکيل بهترين ليک۔۔۔
    ادا معصوم سنڌي کي درخواست آهي ته آئنده پنهنجي ونڊيل موضوعن ۾ ليکڪ جو نالو پڻ ضرور شامل ڪن۔۔ ته جيئن اصل ليکڪ کي سندن ليک جي ڀرپور موٽ ملي سگهي۔۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سرور بلوچ

    سرور بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2013
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا ذيشان لک لک مهربانيون ، منهنجو مقصد تنقيد نه پر نشاندهي ڪرڻ هئي. اوهان سُٺي موٽ ڏني تمام سٺُو لڳو.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    بهترين ليک۔
    وسلام
     
  6. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي

    سرور بلوچ! لکڻي اوهان جي هجيياڪنهن ٻئي جي، اصل پيغام عام ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ”شادي ٻنڌڻ“ ليک ۾ آئون پنهنجو نالو ايڊ ڪريان هاته ان ۾ منهنجي اوڻائي ۽ ادبي چوري هجي ها پر جيئن ته اوهان دعوديدار آهيو ان ڪري ان دعواجا مجازبه اوهان ئي آهيو ته لکڻي اوهان جي آهي
    ياد رکڻ گهرجي ته ڇپجڻ کان پو لکڻيون پڙهندڙن جي ملڪيت جي ذمري ۾ اچن ٿيون ڀل حق ۽ واسطااديب ۽ ليکڪ وٽ ڇو نه هجن۔ ڪوشش ڪبي ته اڳتي وڻندڙ ۽ پيغام ڏيندڙ توڙي اصلاحي ليک اصل ليکڪن جي نالي سان آڻبا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو