هاڻي ووٽ سوچي سمجهي ڏجو

'راءِ شماري' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏21 اپريل 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    هاڻي ووٽ سوچي سمجهي ڏجو

    2515 اٽيچمينٽ ڏسو 2516 اٽيچمينٽ ڏسو 2517 اٽيچمينٽ ڏسو 2518 اٽيچمينٽ ڏسو 2519 اٽيچمينٽ ڏسو
    اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان عام چونڊون 2013ع 11 مئي تي ڪرائڻ جي اعلان کانپوءِ سياسي پکين وري پنهنجي آکيرن ڏي واپسيءَ واري اڏام ڪئي آهي. بنگلن تي ويٺل ملازمن ۽ ڪارڪنن جيڪي ويٺا اوٻاسيون ڏيندا هئا، هاڻي ڄنگهن ۽ ٻانهن کي تيل هڻي چست ٿي ويا آهن. اهو سوچي ته متان هن ڀيري ڀوتار ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ راضي ٿي پوي، ڪو ٺيڪو يا ڪلارڪي نوڪري ڏئي وجهي! رٺلن کي پرچائڻ، پراون کي پنهنجو ڪري وري ڪامياب ٿي پرائو ڪرڻ، پراڻيون عذر خواهيون ۽ شاديءَ جون مبارڪون به ياد آيون اٿن. ڪنهن هنڌ پڙهيو هيم ته ڀوتار اليڪشن ويجهي اچڻ تي ڏيڍ ٻن سالن کانپوءِ تڪ جي عوام ڏي واپسي ڪئي، فوتگين جي فاتح ۽ شادين جي مبارڪن لاءِ لسٽيون ٺهيون. سال اڳ فوت ٿيل عورت جي پونئيرن سان تعزيت ڪندي چئي ويٺو ته ”بس سائين الله جي شئي هئي الله ڏي وئي، پر ويچارو ماڻهو ڀلو هو، ووٽ ته سدائين اسان کي ئي ڏيندو هو.“ فوتڻ جا وارث ئي حيران ٿي سوچڻ تي مجبور ٿيا ته، فاتحه عورت جي وري ماڻهو ڀلو هو!! هڪ دفعي ته وري ڀوتار کي شاديءَ جي مبارڪ ٻه سالن کانپوءِ ياد آئي جو گهوٽ سال جي ڄمار جي پٽڙي کي کڻي اچي عرض ڪيو ته سائين هي منهنجو سال اڳ ڄاول پٽ آهي. توهان جي وڏي مهرباني جو ٻه سالن کانپوءِ ئي سهي اسان غريبن کي ياد ته ڪيو! اليڪشن ويجهي اچڻ شرط ئي ڀوتارن کي وري پنهنجي تڪ جو ڏتڙيل مهانگائيءَ، بيروزگاري، بدحالي ۽ بک جي چڪيءَ ۾ پيٺل عوام ياد اچي ويندو آهي. هاڻي انهن سٻاجهڙن ماروئڙن کي هٿ ٻڌي ڪوڙن دلاسن ۽ واعدن جي عيوض ووٽ ڏيڻ جو حڪم ڪيو ويندو. جنهن کي اسان جا سياستدان اقتداري ايوانن ۾ پهچي وساري ويهندا آهن. هاڻي اهي سياستدان سڳورا ميڊيا تي اچي پنهنجي دور حڪمرانيءَ ۾ ڪرايل ترقياتي ڪم ۽ ڏياريل نوڪرين جا چٺا رکندا. پر انهن ترقياتي ڪمن جا ٺيڪا ۽ نوڪريون ڪنهن کي مليون ۽ ڀوتارن کي انهيءَ جي عيوض ڇا مليو عوام چڱيءَ طرح واقف آهي. بحرحال سابق حڪومت جي 5 ساله آئيني مدت پوري ٿيڻ کانپوءِ ووٽ ڏيڻ جو وقت اچي پهتو آهي. ووٽ ڏيڻ جو حق وڏي اهميت رکي ٿو. انهيءَ اهميت کي نظر ۾ رکندي شايد شهيد عوام ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته ”طاقت جو سرچشمو عوام آهي“ وري جي پاڻ سابق حڪومت جي پنج سالن جي حڪمرانيءَ تي نظر وجهون ته ڀٽو صاحب جي قوم ۾ گهڻو نه صرف هڪڙي لفظ جو ئي فرق آهي ته ”طاقت جو سرچشمو پئسو آهي“ پوءِ اهو پئسو ڪمائجي کڻي ڪهڙي به ريت. ووٽ هڪ امانت تنهن ڪري هن دفعي خيانت جي گنجائش ڪونهي. هاڻي پاڪستاني عوام کي اک پٽڻي پوندي ۽ آزمايل اميدوارن کي سڃاڻڻ به ضروري آهي. ايئن نه ٿئي جو وري انهن ئي يا انهن جهڙن چهرن کي اقتداري ايوانن ۾ پهچايو وڃي جو ايندڙ پنج سال وري به ”هاءِ گهوڙا“ ۾ گذري وڃن.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو