• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪربلا (ڪهاڻيون) : نورالهدا شاهه

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو اڻيتاليهون (39) ڪتاب ڪربلا اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪربلا سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪاره ۽ ليکڪا نورالهديٰ شاهه جي 80 جي ڏهاڪي ۾ لکيل ڪهاڻين جو مجموئو آهي. سندس هن ڪتاب جا چئن کان مٿي ايڊيشن ڇپيا آهن. سڀ کان پهرين نيو فيلڊس پبليڪيسن پاران ڇپايو ويو ۽ آخري دفعو روشني پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو.

سندس هن ڪتاب ۾ سندس مشهور ڪهاڻيون منهنجو من ڀنڀور، زم زم، گورکن، پن ڇڻ جي رُت ۾ ۽ ڪربلا سميت يارنهن ڪهاڻيون شامل آهن. مهربانيون سنڌي ادبي بورڊ جي ويبسائيٽ جون جتي هي ڪتاب موجود آهي. ڪتاب جو ٽائيٽل سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر آفتاب کوهارو ڊزائن ڪيو آهي.

ڪتاب مان ورتل ٽڪرو

ڇو – کوکرا پار تائين وڃي موٽي آيس – اهو ته تون سنڌ جي ڌرتيءَ کان پُڇ – جنهن ويندي ويندي منهنجا پير پڪڙي ورتا هئا ۽ هنن کي وڃڻ ڏنو هئائين – تون اڃا ننڍو آهين، نه سمجهي سگهندين اهي ڳالهيون ته ڌرتي ڪيئن ماڻهوءَ جا پير پڪڙي وٺندي آهي ۽ ماڻهو ڇو چهٽي پوندو آهي ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ کي؟.

ڪربلا ڪھاڻي پڙھي يقين ڪريو اکين ۾ لڙڪ ڇُلي آيا، اھڙا ڪيترا ئي گھر سنڌ ڌرتي تي آباد آھن جن ۾ اڄ به ڪربلا واقع آھي، غربت خاندان جي سربراھ ۽ خاندان جي ھر فرد کي اڏھي جيان کائي ويندي آھي، اسان 3 ويلا ماني کائڻ وارا جيڪڏھن پاڙي ڳوٺ ۾ ھڪ ويلو جو اڌھ به اھڙي خاندان کي ڏيو ته غربت ختم ٿي ويندي، پر اسان الائي ڇو پنھنجي حصي جي لٽي ليڙ به ڪنھن کي ڏيڻ کان ڪيبائيندا آھيون.
 
مون جڏهن هي ڪهاني پهريون دفعو پڙهي هئي ته ٻه ٽي ڏينهن منهنجي دماغ تي ڇانيل رهي .... اڄ به ڪهاڻي پڙهندي ڪنبي ويندو آهيان. اسان جي معاشري جي ڪهاڻين مان ئي ته آهي، سنڌ جي ڪهاڻي ئي ته آهي
 
Back
Top