• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ : جي ايم سيد

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو چاليهون (40) ڪتاب سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سائين جي ايم سيد جو هي ڪتاب اسان جي هر قدم تي اها رهنمائي ڪري ٿو ته سنڌ هڪ الڳ ملڪ رهيو آهي، تنهنڪري سنڌ هاڻي به هڪ آزاد ملڪ جي ئي حيثيت ماڻي.

هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ جو ذميواري مان پنهنجي دل گهريي دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، ليکڪ ۽ سنڌ پرست محترم آفتاب حسين کوهاري کي سونپي هئي، جنهن پنهنجي دوست ۽ ساٿي عبدالحڪيم سميجو جي ذريعي ڪمپوزنگ ڪرائي پاڻ ئي پروف ريڊنگ وارو ڏکيو ڪم سر انجام ڏنو. پوء به جيڪڏهن ڪٿي ڪي اڻايون يا پروف جو چڪون رهجي ويون هجن ته رهنمائي ڪجو.آفتاب جون مهربانيون جو هن هڪ وڻندڙ ٽائيٽل پيج به ٺاهي موڪليو.


اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

سائين جي ايم سيد جي سالگرهه واري ڏينهن يعني 17 جنوري تي سائينءَ جي جنم ڏينهن جي مناسبت سان سنڌ سلامت پاران سندس ڊجيٽل ڪتاب سنڌ ڳالهائي ٿي پيش ڪيو ويو هو.




 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
محترم دوست سليمان وساڻ مان آءُ هڪ سڪ لاهيندو آهيان، اها آهي شهيد دوست آصف شيخ، جيڪو پڻ سائين جي ايم سيد جو عاشق هوندو هو ۽ سائين جي ايم سيد جا ڪتاب، ڦوٽو ڪاپيون ڪرائي دوستن سميت اسانجي هٿن تائين پهچائيندو هو ... انکان پوءِ انهن ڪتابن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ دوستن جو گڏجاڻيون ڪرائيندو هو ...

سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ منهنجن هٿن تائين مرحرم آصف شِخ پهچايو هو ۽ اڄ سائينءَ جو هي اهم ڪتاب، سنڌوديش جي آزاديءَ جو دستاويز، پياري دوست سليمان وساڻ انٽرنيٽ تي آنلائين ڪرائي اسانجي هٿن تائين پهچايو آهي ...

هي ڪتاب محترم سليمان وساڻ سنڌ سلامت جي لائبريريءَ ۾ اضافي ڪرڻ لاءِ چونڊ ڪيو آهي، هن ڪتاب تي هڙان وڙان خرچ ڪري، محترم دوستن عبدالحڪيم سميجو ۽ آفتاب حسين کوهاري جون خدمتون حاصل ڪري آنلائين ڪرايو آهي.

هي ڪتاب سنڌوديش جو بنيادي دستاويز آهي، هڪ اهڙو ڪيس آهي جنهن سائين جي ايم سيد کي مرڻ گهڙيءَ تائين پير پوئتي ڪرڻ نه ڏنو ... هي ڪتاب هڪ منشور آهي، هڪ تاريخي ثبوت آهي، پاڪستان جي ناڪاميءَ جو ۽ سنڌوديش جي آزديءَ جي حمايت جو ...

اميد ته سنڌ جا حب الوطن دوست هن ڪتاب کي هينئين سان هنڊائيندا ۽ سنڌوديش جي آزادي ۽ خوشحاليءَ ۾ پاڻ پتوڙيندا ...

دوست سليمان وساڻ جا لک قرب جنهن سائين محترم مفڪر اعظم جي ايم سيد جي ورسيءَ تي هي اهم ڪتاب اسانکي تحفي طور ڏنو آهي ....

ٿورا ناهن ٿورا، مونتي ماروئڙن جا.
 
ڪتاب بابت اڳ ئي ڪافي ڳالهيون ۽ بحث ٿي چڪا آهن۔۔ افسوس جو هن ڪتاب کي ڪتابي صورت ۾ هٿن ۾ بار بار اچڻ باوجود پڙهي نه سگهيس۔۔۔
مهرباني دوست سليمان وساڻ جي جن هن خاص موقعي تي انتهائي بهترين ڪم ڪيو۔۔ هاڻي ڪتاب پڙهڻ لاءِ هر وقت هٿيڪو رهندو۔۔۔ لک لائق
 
ادا ڊائونلوڊ ڪرڻ واري لنڪ ۾ شايد لنڪ ڏنل نه آهي جنهن جي ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ٿئي نه سگهجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ڪالهه کان فائيلڊن جي ويبسائيٽ الائي ڇو مسئلو ڪري رهي آهي۔ تنهنڪري لنڪ رکي نه سگهيس۔

اوهان فيسبوڪ جي هن لنڪ تان به ڪتاب ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا۔
 
ادا ڊائونلوڊ ڪرڻ واري لنڪ ۾ شايد لنڪ ڏنل نه آهي جنهن جي ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ٿئي نه سگهجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ڪالهه کان فائيلڊن جي ويبسائيٽ الائي ڇو مسئلو ڪري رهي آهي۔ تنهنڪري لنڪ رکي نه سگهيس۔

اوهان فيسبوڪ جي هن لنڪ تان به ڪتاب ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا۔
سائين اها لنڪ به درست ڪم نه پئي ڪري۔

سائين ان لنڪ ۾ تبديلي ڪئي اٿم ۔۔۔۔ ٻيهر چيڪ ڪري ڏسو
 
ادا ڊائونلوڊ ڪرڻ واري لنڪ ۾ شايد لنڪ ڏنل نه آهي جنهن جي ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ٿئي نه سگهجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ادا ممتاز اڄ فائيلڊن جي ويب سائيٽ ڪم شروع ڪيو ته ڪتاب جي ڊائونلوڊ لنڪ به درست ڪئي اٿم
 
ادا، مون وٽ به ڪجه ڪتاب آهن لکيل جن کي ڪيئن پي ڊي ايف فائل ۾ ڪنورٽ ڪري هن فورم تي اپلوڊ ڪريان.
ٻي گذارش هي ته هن ڪتاب ۾ لفظي غلطيون آهن، جيئن سلسلو نه ”سسلو“ لکيل آهي، هن کي پروف ريڊنگ ڪرائي اپلوڊ ڪريو.
 
ادا، مون وٽ به ڪجه ڪتاب آهن لکيل جن کي ڪيئن پي ڊي ايف فائل ۾ ڪنورٽ ڪري هن فورم تي اپلوڊ ڪريان.
ٻي گذارش هي ته هن ڪتاب ۾ لفظي غلطيون آهن، جيئن سلسلو نه ”سسلو“ لکيل آهي، هن کي پروف ريڊنگ ڪرائي اپلوڊ ڪريو.

مهرباني رهنمائي ڪرڻ جي .....

ها پروف جون غلطيون ٿي سگهن ٿيون جو هي ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪيل ۽ چيڪ ڪيل مواد آهي. درستگيون ڪبيون.

اوهان ورڊ فائل منهنجي ايميل تي موڪليو ... اوهان جي رفرنس ۽ ٿورن سان پيش ڪبا.

sulemanwassan@hotmail.com
 
Back
Top