ڪجهه ڏينهن اڳ موڪل دوران منهنجي هڪ دوست گل چوهاڻ ڪجهه مسئلن ڪري ونڊوز ٻيهر ڪرڻ چاهي ته سندس اڳيان بار بار هيٺ ڏيکاريل اسڪرين شاٽ جو بلو اسڪرين ايرر اچڻ لڳو۔۔۔ هن ڪمپيوٽر جي سي ڊي مٽائي۔۔ ونڊوز جون ٽي چار ڊسڪس مٽايون پر مسئلو ساڳيو۔۔۔ تڏهن هن مون کي فون تي مسئلو ٻڌايو۔۔۔
ساڳيو مسئلو اسان جي محسن دوست ابو واصف جن سان به پيش آيو جن پڻ مون کان فون تي پڇيو۔۔۔
ادا ابوواصف کي ته نه ها البته گل چوهاڻ کي ڊيڄارو ڏيندي کيس پڇيم ته ايرر ان وقت اچي ٿو جڏهن ونڊوز انسٽاليشن کان اڳ ڪمپويٽر جا سمورا هارڊويئر پڙهي بس ٿي ڪري۔۔۔ جواب ها ۾ مليو ته کائنس ٻيو سوال ڪيم ته ايرر ۾ هارڊ ڊسڪ جو به ذڪر اچي ٿو۔۔۔ جنهن ته اسان جي دوست گل هن دفعي زور زور سان ها ڪري پڪ ڏني۔۔۔
مون کي مذاق سجهيو۔۔۔ ته کيس چيم ”بابا تنهنجي هارڊ ڊسڪ وئي۔۔۔ ۽ ان ۾ موجود ڊيٽا ته بلڪل ريڪور نه ٿيندي۔۔“
ادا گل جيڪو اڳ ئي خوفزده هيو ڇو ته هو پروفيشنل ڪمپوزر آهي ۽ سندس 500 جي بي هارڊ ڊسڪ ۾ انتهائي اهم ڊيٽا موجود هئي جنهن کي وڃائڻ مطلب وڏو نقصان ان ڪري فورن چيائين۔۔۔ ”سائين مون کي ڊيٽا بچائي ڏيو چاهي منهنجا 10000 خرچ ڪرايو۔۔“
مون کيس تسلي ڏني ۽ حل ٻڌايو۔۔ ظاهر آهي ٻئي ڏينهن تي شهر جي بهترين هوٽل تي خوب ڊنر ٿيا۔۔۔
هاڻي سوچيم ته اهو مسئلو سنڌ سلامت جي ٻين دوستن سان به ٿي سگهي ٿو ان ڪري ڇو نه حل سموري سنگت کي ٻڌائجي۔۔۔ ته دوستو ٿورو هن ايرر کي ڏسو۔۔۔
حل:
سسٽم کي ريسٽارٽ ڪريو ۽ F2 يا Del يا F10 پريس ڪندي سسٽم بايوز يا سيٽ اپ ۾ داخل ٿيو۔۔۔ هتان ايڊوانس ٽيب مان ساٽا ڪنفگريشن آپشن ڳوليو۔۔۔ مختلف سسٽم جي بايوز ۾ اهو آپشن مختلف طرح ٿيندو آهي۔۔۔ ان ڪري توهان کي غور سان چيڪ ڪرڻو پوندو۔۔۔
هن آپشن سسٽم ۾ ڪاٿي۔۔ SATA Controller Mode يا SATA Mode يا SATA Operation ته ڪاٿي SATA configuration يا IDE Configuration طور لکيل هوندو آهي ۔۔۔ آپشن تي پهچي ڊيفالٽ طور سيٽ ٿيل AHCI کي تبديل ڪري ATA يا Compatible چونڊيو۔۔۔ هتي هن آپشن جون ڪجهه مختلف مختلف سڪرين شاٽس ڏيکارجن ٿيون۔۔۔

هوئن ته هن ايرر جي اچڻ جا مختلف سبب ٿي سگهن ٿا ته پر اڪثر هي ايرر سسٽم ۾ ساٽا هارڊ ڊرائيو هجڻ ڪري ٿيندو آهي۔۔۔ جنهن جي سيٽنگ سسٽم بايوز ۾ درست نه هجڻ ڪري اڪثر ونڊوز دوران سسٽم هارڊ ڊرائيو کي درست طور پڙهي نه سگهندو آهي۔۔۔حل:
سسٽم کي ريسٽارٽ ڪريو ۽ F2 يا Del يا F10 پريس ڪندي سسٽم بايوز يا سيٽ اپ ۾ داخل ٿيو۔۔۔ هتان ايڊوانس ٽيب مان ساٽا ڪنفگريشن آپشن ڳوليو۔۔۔ مختلف سسٽم جي بايوز ۾ اهو آپشن مختلف طرح ٿيندو آهي۔۔۔ ان ڪري توهان کي غور سان چيڪ ڪرڻو پوندو۔۔۔
هن آپشن سسٽم ۾ ڪاٿي۔۔ SATA Controller Mode يا SATA Mode يا SATA Operation ته ڪاٿي SATA configuration يا IDE Configuration طور لکيل هوندو آهي ۔۔۔ آپشن تي پهچي ڊيفالٽ طور سيٽ ٿيل AHCI کي تبديل ڪري ATA يا Compatible چونڊيو۔۔۔ هتي هن آپشن جون ڪجهه مختلف مختلف سڪرين شاٽس ڏيکارجن ٿيون۔۔۔
جنهن کان پوءِ تبديل ڪيل سيٽنگ کي محفوظ ڪريو۔۔۔ ۽ ڪمپيوٽر ريسٽارٽ ڪريو۔۔۔
اميد ته هن دفعي اهڙو ڪو به ايرر نه ايندو ۽ توهان ونڊوز جي باقي پروسيس کي مڪمل ڪري سگهندو۔۔۔