لان پايو، سونهن وڌايو

'سورنهن سينگار' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏30 اپريل 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    لان پايو، سونهن وڌايو

    2580 اٽيچمينٽ ڏسو
    بهار اچي ويو آهي هر طرف گل ٽڙي رهيا آهن هوائن ۾ مهڪار لڳي پئي سڄو جڳ معطر ٿي رهيو آهي. بهار جي اچڻ سان ئي لان جو فيش نمايان ٿيڻ لڳو هر ڪنهن جو ڌيان لان ڏانهن ڇڪجي رهيو آهي. لان جي فيشن اهڙي ڌم مچائي آهي جو ايئن پيو لڳي ڄڻ اصل بهار هيءَ ئي آهي.
    ان جهڙي نرم ۽ نفيس ڪپڙن جا لباس عورتن جي لاءِ هڪ وڏي نعمت آهن. اهي نه رڳو آرام ڏيندڙ پر جاذب نظر پڻ هجن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو لان جي موسم ايندي ئي عورتون ان لاءِ صفا چريون ٿي پون ٿيون. بازارن ۾ ڄڻ ميلو لڳل هجي ٿو. هاڻي ته وڏا وڏا ڊزائنر به منافعي واري ڪاروبار کي چنبڙي پيا آهن. شهر جي مختلف روڊن ۽ رستن تي لان جا وڏا وڏا هورڊنگز لٽڪيل نظر اچڻ لڳا آهن. نه رڳو ايترو پر وڏن وڏن هوٽلن ۾ لان جون نمائشون پڻ لڳايون پيون وڃن ۽ ريمپ شو به منعقد ڪيا پيا وڃن. جتي خوبصورت ڊگهي قد وارين ماڊلز کي لان جا لباس پارائي ريمپ تي واڪ ڪرايو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هاڻي لان جا اگهه به آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن. اڳي لان جو هڪ وڳو 300 رپين ۾ ملي ويندو هو پر هاڻي لان اسٽيٽس سيمبل بڻجڻ ڪري غريب غربن لاءِ ان کي خريد ڪرڻ هڪ خواب بڻجي ويو آهي. هاڻي هن لان جي هڪ ٿري پيس سوٽ جي قيمت پنجن کان ڇهه هزار رپين کان شروع ٿئي ٿي. اها رڳو شروعات آهي پڄاڻي جو ته ڪو پتو ئي ناهي، تنهن هوندي به اسان جي سرتين کي هيءَ ئي صلاح آهي ته سوڙ آهر پير ڊگهيرڻ گهرجن.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    عورتن جو مذهب آهي ئي چلِڪو، جي زرڪ برڪ پوشاڪ نه هجي ته خوشي پنهنجي جڳه تي، غم به ڪونه ڪنديون۔ نئون وڳو وٺنديون ته ڏيکارڻ لاءِ يارهين محرم تي عيد ميلاد ڪرائينديون۔ چون ٿا ته ڪنهن همراه پنهنجي زال سان غصي ٿيندي چيو ته مان خودڪشي ٿو ڪيان، تنهن تي زال وراڻيس ته ها اها تنهنجي مرضي پر ٻه ٽي جوڙا لان جا اڳ ۾ وٺي ڏي عدت جي دوران عورتون اينديون وينديون ڪجه ته ڪپڙو هجي!!
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو