مٽيء جو ماڻهو۔۔۔

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ باغي عليم طرفان آندل موضوعَ ‏2 مئي 2013۔

  1. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    ڪالهه منهنجي سالگرهه هئي
    مونکي ڪنهن به گُل ڪونه آڇيا
    مون سان ڪا به شام نه ملهائي وئي
    منهنجي لئه ڪا به سرڪاري يا غير سرڪاري
    تقريب نه ٿي ڇو؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
    ڇو ته آئون پورهيت هئس۔۔
    منهنجي هٿن ۾ مزدوري سبب گاٺون پيل هيون
    مون سان ڪا به شام نه ملهائي وئي
    ( آئون پاڻ شام جو مخالف آهيان ڇو ته شام کان پوء
    رات ايندي آهي،آئون روشنين جو عادي آهيان
    آڌيء جو نه)
    ڇو ته منهنجا گٽر جهڙن خيالن سان ڀريل
    ڪجهه ڪتاب به مارڪيٽ ۾ نه آيل هئا۔
    هونئن به اسان جهڙن مزدورن جي نه ئي سالگرهه
    ٿيندي آهي ۽ نه ئي ورسي۔۔
    اسان جي رڳو مرڻ جي خبر ڳوٺ جي مسجد جي
    لائوڊ تان اعلان ذريعي ٿيندي آهي۔۔۔
    منهنجي سالگرهه ان ڪري نه ملهائي وئي
    ڇو ته آئون مٽيء جو ماڻهو هئس
    اڄ جي هن سڌريل دور ۾ مٽيء جي ڪا به اهميت ناهي
    ها پر۔۔۔۔۔
    اسان مٽيء جي ماڻهن وٽ
    مٽيء جو ڪو مُلهه ئي ناهي۔۔
    مٽي عزت مٽي دولت
    مٽي سڀ ڪجهه آهي۔۔۔
    ڪيڏو نه عجيب اتفاق آهي ؟؟؟؟؟
    مزدور جو جنم به مزدورن جي عالمي ڏينهن تي ٿيو۔۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. چمن آر ٿري

    چمن آر ٿري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 اپريل 2013
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مٽي جو واقعي به مُلهه ناهي پيارا۔۔۔
    تو جيڪي ڪجهه لکيو سو سڀ سچ آهي۔۔۔
    هن بي حس دنيا ۾ غريب جي گهر ۾ جنم وٺڻ
    وڏو جرم آهي جاني ٻي جنم ۾ اهڙي غلطي نه ڪجان
    يا ته اچجان ئي نه جي اچين ته به ڪنهن امير جي گهر ۾۔۔
    معزرت سان۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪڙو سچ۔۔۔ لفظ پڙهندي ئي الائي ڇو مون کي ڪنهن چوڪ تي سگنل جي ٿوري دير لاءِ ٻرندڙ ڦڪي بتي ياد اچي وئي۔۔۔ سمجهو ڪي سمجهن۔۔۔

    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڪوڙ کي گهرجن ڪوٽ ۽ ڏيکا ۔۔۔ سچ کي ڪهڙي جهل پل ۽ ڏيکا؟
    شيطان کي گهرجن حيلا هزار، قدرت کي ڪهڙي حيلن جي ڪاڻ؟
    سچ ته بيٺو نچ ۔۔۔

    چوائين مٽي ۽ ڪرين ٿو آسمان سان ريسون ۔۔۔!!!

    رشيد جي ڳالهه کا پاڻي ڏيندي چئبو ته :
    سائي جهنڊي ريل هلائي ۔۔۔۔ڳاڙهي جهنڊي ريل بيهاري۔

    نسيم حيدري جي گيت جيئان ۔۔۔۔۔
    زندگي جارنگ هزار ۔۔۔ ڪي سهڻا انڊلٽ جي رنگن جهڙا ته ڪي وري ڪوجها ڪارا ۔۔۔ پر پو به ته سڀ رنگ آهن جيون جا۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    ڀورل ڀاء اگر پُنر جنم آهي ته آئون دعا ڪندس ته
    منهنجو هڪ ڇا هزار جنم ٿين سڀ سنڌڙي ۾۔۔
    باقي جنم وري به ساڳي جيجل جي ڪُک مان
    ئي وٺبو۔اهو ئي هاريء جو پُٽ ۽ اهو ئي ٿر ۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    ادل سائين مون جيڪي لکيو اها منهنجي خواهش نه پر
    هڪ مزدور جي شڪايت هئي پر افسوس جو پڙهڻ وارن هن
    کي ڪنهن رنگ ئي ٻي ۾ پڙهيو۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    ادا توهان جي ڳالهه سمجهيس نه
    ٿورڙو وضاحت سان مهرباني ٿيندي۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مان به مزدور آهيان
    توڙي جو ايئرڪنڊيشنڊ آفيس ۾ آهيان
    پر پوء به هر پل الڪو، هر پل محنت
    هر پل سوالن جا جواب ۔۔۔

    مان لکان ٿو ۽ مسئلا حل ڪيان ٿو
    پر منهنجا مسئلا اتي ئي آهن ۔۔۔

    ڇو ته مان به مزدور آهيان ۔۔۔ منهنجو به جنم پهرين مئي ئي آهي ۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    الڪاسب حبيب الله.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو