وسڪارو ..........

'شمشير الحيدري' فورم ۾ ايس ايم درس طرفان آندل موضوعَ ‏10 مئي 2013۔

  1. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    شمشير الحيدري
    وسڪارو ....
    جبل مٿي جھڙ، ڙي ڇورا
    جبل مٿي جھڙ، ڙي ٻيلي
    جبل مٿي جھڙ........
    جھڙ ته مان کي جھوري ڙي سڄڻ
    وار ته ڇڏيا مون ڇوڙي ڙي ڍولڻ
    مندڏسي تون مڙ، او جاني،
    جبل مٿي جھڙ........
    او ڍولڻ
    ڪٿان آيا ڪارا ڪڪر
    وٺا ته پانھنجا ڇنا ڇپر
    ڇيڪ ته گھمن پانھنجا ڇپر
    گاج منجھاران پلٽيا پلر
    لکن لاٿو لڙ، او ڍولڻ
    جبل مٿي جھڙ........
    او ڍولڻ
    سنھون ڙي ڇولڙو ڀنو مان جو
    ھيڪلي ھنڌ ۾ سيءُ مران جو
    تون ڙي ته اجھو اوڇڻ مان جو
    ٿوھر ڪيھڙ ٿڙ، ڙي جانب
    جبل مٿي جھڙ........
    او ڍولڻ
    وڄڙيون ور ور ڪن ٿيون ڪيھان
    ڇيلڙا تونھنجا ته ڪن ٿا ريھان
    اگھي ته آھيان راتيان ڏينھان
    ڏکي ته ويٺي مان ڏارو پيھان
    ڳرو ته جنڊ جو پڙ، او ڍولڻ
    جبل مٿي جھڙ........
    او ڍولڻ
    ساروڙي سانوڻ ڪيئن اڪاريان
    گس تي ويٺي مان گھيٽڙا چاريان
    دڳ مٿي تنھنجي باھڙي ٻاريان
    وٺيو تون اچج ڳڙ، او ڇورا
    جبل مٿي جھڙ........
    او ڍولڻ
    جھڙ ته مان کي جھوري ڙي سڄڻ
    وار ته ڇڏيا مون ڇوڙي ڙي ڍولڻ
    مندڏسي تون مڙ، او ڇورا،
    جبل مٿي جھڙ........
    او ڍولڻ

     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏10 نومبر 2015
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ريڊيو تي اهو لوڪ گيت گهڻو مشهور هيو ۽ ننڍي هوندي کان ٻڌندا اچون ۔۔۔

    سائين شمشير ڪيڏي نه سهڻي انداز سان سنڌ کي ڳايو آهي ۽ ڪيتري نه سهڻي منظر نگاري آهي هن گيت ۾
     
  3. منصور علي مڱريو

    منصور علي مڱريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 مئي 2012
    تحريرون:
    189
    ورتل پسنديدگيون:
    333
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٻارهين ڪلاس جو شاگرد
    ماڳ:
    ڄامشورو ڪالوني
    لاجواب شيئرنگ۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين جاري رکندا
     
  4. سراج بودلو

    سراج بودلو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    101
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ليڪچرر ( سنڌ اقراڪاليج بدين)
    ماڳ:
    ڪراچي
    واه سائين واه
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو