سنڌ جي مٽيءَ جو ماڻھو شمشير الحيدري

'شمشير الحيدري' فورم ۾ ايس ايم درس طرفان آندل موضوعَ ‏10 مئي 2013۔

  1. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    سنڌ جي مٽيءَ جو ماڻھو شمشير الحيدري
    [​IMG]
    جيڪو زماني جو منصور ھيو (سندس وفات جي مناسبت سان)
    شيمير علي ولد رسول بخش جعفري، تخلص ’’شمشير‛‛ ۽ مشھور شمشير الحيدري جي نالي سان آھي. سندس جنم ضلعي بدين جي ڳوٺ ڪڍڻ ۾ 15 سيپٽمبر 1931 ع تي ٿيو. شروعاتي تعليم بدين ۾ مولوي حاجي احمّد ملاح جي مدرسي مان حاصل ڪيائين جنھن کان پوءِ پرائمري اسڪول بدين مان چار درجا پڙھي انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتان چار درجا پاس ڪري ڪراچيءَ ۾ سنڌ مدرسي ۾ داخل ٿيو. پر کيس ھڙتال ڪرائڻ جي ڏوھ ۾ کيس ريسٽيڪيٽ ڪري ڪڍيو ويو. انھيءَ ڪري اين جي وي ھاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو پر سرٽيفڪيٽ نه ھئڻ ڪري ٽن مھينن کان پوءِ اھو به اسڪول ڇڏڻو پئجي ويس، جنھن بعد نور محمّد ھاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ داخلا ورتائين اُتي به امتحان ۾ ويھڻ ڪونه ڏنائونس. سال کان پوءِ جڏھن سرٽيفڪيٽ مليو ته ٽنڊي باگي جي لارينس اسڪول ۾ پريليمنري Preliminary جو امتحان ڏئي اڳيان ھلي ميٽرڪ جي امتحان ۾ ويٺو پر فيل ٿي پيو، اھڙي ريت تعليم ڇڏي نوڪري ڪرڻ شروع ڪيائين. ان وچ ۾ ماءُ جي لاڏاڻي ۽ پيءُ جي ٻئي شادي ڪرڻ سان توجھه نه ملڻ ڪري پنھنجي مامي ڪامريد نظير حسين حيدري وٽ رھڻ لڳو. جيڪو جيئن ته بھترين مقرر، سچو صحافي، مشھور حڪيم، زبردست سُماج سڌارڪ ۽ سٺو اديب ھو. وٽس پنھنجي چڱي لائبريري پڻ ھئي جنھن ۾ مذھبي، سائنس، فقه، ترقي پسند ادب ۽ ٻين ڪيترن قسمن جا ڪتاب موجود ھئا جيڪي کيس پڙھڻ جو موقعو مليو. شمشيرالحيدريءَ تي ڪامريڊ نطير حسين حيدريءَ جو ايترو اثر پيو جو ھو پنھنجي پيءُ جي لقب جعفري بدران حيدري سڏائڻ لڳو. پڙھڻ لکڻ، مباحثا ڪرڻ، شاعري ۽ تنظيم ڪاريءَ جو شوق کيس ننڍي ھوندي کان ئي ھو پر ان ۾ نکاري مامي جي صحبت ۽ ھمٿائڻ ڪري آيو. اڳيان ھلي اختر رضوي جي سنگت ترقي پسند خيالن کي پڪو پختو ڪيو. سندس حقيقي ادبي سفر سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪرڻ سان شروع ٿيو. جتي مھراڻ رسالي جو 11 سالن تائين اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي رھيو. ان وقت ھن سرڪاري رسالي کي عوامي رسالو بڻائي سوين لکڻيون سڌاري سنواري ڇاپيون. ان دوران ئي ھن سنڌيونيورسٽيءَ مان پھرين بي اي آنرز ۽ پوءِ ايم اي سنڌي لٽريچر ۾ پاس ڪئي. مھراڻ رسالي جيان 11 سال ماھوار نئين زندگيءَ جو پڻ ايڊيٽر رھيو. 11 سالن تائين سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل پڻ رھيو خاص ڪري ايوب جي مارشلائي دور ۾ مڙھيل ون يونٽ خلاف اديبن جي اڳواڻيءَ وارو دور ۽ سنڌي ٻولي کي سرڪاري سطح تي اسڪولن مان ختم ڪرڻ واري سازش خلاف ھلايل تحريڪ ۽ سنڌي ٻولي کي بحال ڪرائڻ ۾ سندس ڪردار انتھائي اھم آھي. 1983 ۾ روزاني مھراڻ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندي ايم آر ڊي جي تحريڪ کي سچائيءَ سان منظر عام تي پڌرو ڪرڻ ۾ پڻ پيش پيش رھيو. پاڪستان ٽيليويزن تان سنڌي نشريات شروع ٿيڻ شرط ھو ان جو آرگنائيزر مقرر ٿيو ۽ اھڙي ريت پھريون ميزبان، نيوزڪاسٽر، ڊرامي جو ليکڪ، اسڪرپٽ رائيٽر ٿيڻ جو نه رڳو اعزاز حاصل ڪيائين بلڪ ان ميدان ۾ سنڌي ليکڪن جي رھنمائي ڪري نوان لاڙا متعارف ڪرايائين. ھو مختلف سرڪاري نوڪرين ۾ رھيو، ڪيترن ئي اخبارن جو ايڊيٽر، مختلف ادارن جو پايو وجھندڙ توڙي ھيڊ ۽ عزازي صلاحڪار ۽ ميمبر پڻ رھيو جنھن جو تفصيل ھن طرح آھي:
    نوڪري:
    1950 ۾ رائس مل بدين ۾ منشي، پي ڊبليوڊي ۾ ٽيليفون آپريٽر، ھوا ماپ کاتي جو آبزرويٽر، ريوينيو ۾ داروغو، زمينداري ڪوآپريٽو بئنڪ جو مئنيجر، 1955 ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ پھرين ڪلارڪ پوءِ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٽماھي مھراڻ ۽ ميمبر پبليڪيشن اسٽاف، 1966 کان 1976 تائين پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي وفاقي وزارت اطلاعات جي کاتي فلمز اينڊ پبليڪيشن جو سيڪشنل ھيڊ مقرر ٿيو جتان ماھوار نئي زندگي ڪڍيائين، 1976 ۾ وفاقي سرڪار جي نئين کوليل کاتي مواصلاتي اطلاعات جو ڊپٽي مئنيجر ٿيو، اتي جھاز راني تي ٻه ڊاڪيوميٽري فلمون ٺاھيائين ۽ دي ڪميونيڪيٽر نالي سان انگريزيءَ ۾ ماھوار رسالو ايڊٽ ڪيائين جتان 1978 ۾ آمر ضياءَ جي دور ۾ کيس نوڪري مان ڪڍيو ويو ، 1990 ۾ جھموريت جي بحاليءَ سان نوجوانن واريءَ وزات لاءِ سندس خدمتون حاصل ڪيون ويون جتي ھن يوٿ پاليسي جوڙي جنھن کي ڏيھي توڙي پرڏيھي ماھرن پھريون ڀيرو عوامي يوٿ پاليسي مڃيو ۽ شھيد بينظير ڀٽو پڻ ان ڳالھه کي ساراھيو بعد ۾ کيس ساڳي وزارت تحت ھلندڙ اداري يوٿ انويسٽمينٽ پروموشن سوسائٽيءَ جو صوبائي سربراه ڪيو ويو. 11 مئي 1993 کان سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري طور ڪم شروع ڪيائين جتان پوءِ کيس ھٽايو ويو.
    صحافت:
    ايڊيٽر ھفتيوار پنجتني، سب ايڊيٽر روزاني خادم وطن حيدرآباد، اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر روزاني ھلال پاڪستان حيدرآباد، منئيجنگ ايڊيٽر روزاني ھلال پاڪستان ڪراچي (ٻه ڀيرا) ، چيف ايڊيٽر ماھوار ھلچل، ايڊيٽر ماھوار پارس، ايڊيٽر ھدايت، چيف ايڊيٽر ھفتيوار اعلان حق، مئنيجنگ ايڊيٽرروزانه مھراڻ، چيف ايڊيٽر روزاني خلق، ايڊيٽر ماھوار حياتي وغيره.
    تصنيف تاليف، ترجمو:
    لاٽ (شاعري) بھترين افسانه (ترتيب) سنڌي آزاد نظم جي اوسر (تحقيق) سنڌي شاعريءَ جو اڀياس (تحقيق) آمريڪا جو سياسي سرشتو (ترجمو) ڪئنڊيڊ (ترجمو)سُجاڳ سنگھڙ (تحقيق، ترتيب)ڪاڪ محل (ٽي وي ڊرامو) سوکڙي (ترتيب) ڪاروان ڪربلا (ترتيب) انسان ڪامل (ترتيب) فليم اينڊ فليوٽ (ترتيب) ايڪسپلورنگ سنڌ (گزيٽيئر ــ انور پيرزادي سان گڏ) روشن تارا (ٻارن لاءِ شاعري) لاٽ ٻيو ڇاپو (صرف نظم) تاريخ ڪلھوڙا ٻه جلد (ترجمو) تاريخ جو ڪچرو (شاعري) پيار جا نو گيت (جرمن شاعريءَ جو منظوم (ترجمو).
    ٽيليويزن لاءِ:
    150 کان مٿي سنڌي، اردو ڊرامه، ڊاڪومينٽريون، اسڪرپٽ وغيره، 100 ٻاراڻا گيت، 50 سنڌي لوڪ گيتن جو اردو ۾ ترجمو گيت منظر جي نالي سان، شاھ لطيف جي چونڊ ڪلام ترجمو.
    ايوارڊ:
    پي ٽي وي ايوارڊ ــ 4، پاڪستان حڪيمن جي ڪائونسل جا ايوارڊ ــ 2، مڃتا شيلڊ ، سنڌي اڪيڊمي دھلي، مڃتا شيلڊ، مارئي دھلي، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن ٽرافي ۽ گولڊ ميڊل، مادر وطن گولڊ ميڊل (ايس ٽي پي) ڪراچي پريس ڪلب گولڊن جوبلي شيلڊ، لائف ٽائم اچيومينٽ شيلڊ، سنڌ اسيمبلي لائف ٽائيم اچيو مينٽ شيلڊ، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي، سنڌي ادبي سنگت مڃتا شيلڊ، مڃتا شيلڊ ثقافت کاتو سنڌ، مڃتا شيلڊ اطلاعات کاتو سنڌ، عوامي آواز سٿ شيلڊ، مڃتا شيلڊ ماھوار نئي زندگي (پي آئي ڊي) پرائڊ آف پرفارمنس حڪومت پاڪستان، شھيد بينظير ڀٽو شيلڊ، سمبارا ٽاپ ٽين ايوارڊ، مڃتا شيلڊ اڪيڊمي آف ليٽرس، شيلڊ ايراني ڪلچر سينٽر اينڊ اڪيڊمي آف ليٽرس، لطيف ايوارڊ 2012 ثقافت کاتو سنڌ، مڃتا شيلڊ سنڌ مدرسو، مڃتا شيلڊ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد.
    (هي مضمون سليم حيدري پاران مليو جيڪو ايس اي ايف جي رسالي سجاڳ نمبر 4 ۾ پيج نمبر 56 ۽ 57 تي شايع ڪيو آهي)
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جو اهڙو املهه هيرو هيو جنهن تعليم، ادب، شاعري ۽ سماجي کيتر ۾ پاڻ ملهايو۔۔۔۔ هن ڪڏهن به ڪنهن کان ڪا تقاضا يا اميد نه رکي، هو مولا تي ننگ آ جي سدا هيو ۔۔۔

    هو پاڻ سنڌ هيو۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    تون ياد وري آئين ۔۔۔ بابا جڏهن جيئرو هو ته شايد ان گيت ايترو اثر نه ڪيو هجي پر جڏهن کان بابا جي جدائي ٿي آهي ته سندس تصور ايندي ئي اهو گيت ذهن ۾ اڀري پوندو آهي ۔۔۔ اسين گهر ڀاتي شايد ان پارس مان ايترو مستفيض نه ٿياسون جيترو ٿيڻ کپندو هو ۔۔۔ پر پو به سندس پاڇولن ۽ محبتي سڀاوَ جو اثر باقي آهي ۔۔۔

    رب العالمين هن سنڌ جي سڄڻ کي پنهنجي خاص مغفرت ۾ رکي ۔۔۔ ۽ جنت ۾ اعلا مقام عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. آغا محمد خان پٺاڻ

    آغا محمد خان پٺاڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 سيپٽمبر 2013
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    رب العالمين هن سنڌ جي سڄڻ کي پنهنجي خاص مغفرت ۾ رکي ۔۔۔ ۽ جنت ۾ اعلا مقام عطا ڪري ۔۔۔ آمين


    سـڄڻ ۽ سـاڻيهه، ڪنهــن اڻـــاسيءَ وســــري،
    حيــــف تنين کـــي هوءِ، وطــــن جـن وساريو۔

     
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    مالڪ سائين محترم شمشير الحيدري صاحب کي جنت ۾ بلند مقام عطا فرمائي آمين
     
  6. Moazzam baloch

    Moazzam baloch
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2012
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    دعا آھي تا الله تعالي جنت ۾ اعلي مقام عطا ڪري.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو