ونڊوز 7 تائين نه پهچندڙ دوستن کي اطلاع ته ونڊوز 9 جي آمد پري ناهي...

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏17 مئي 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    علي علي سميت منهنجا ڪافي دوست ٽيڪنالاجي جي روز روز تبديلين کان عاجز لڳندا آهن۔۔ پر ڇا ڪجي جو مقابلو جو جاري آهي۔۔ ان ڪري اهڙن دوستن کي سمجهڻو پوندو ته هاڻي ڪمي واري چال هلڻ جو وقت ناهي ۔۔ دنيا جي ترقي سان گڏ هلو نه ته دنيا توهان کان ڪافي اڳتي نڪري ويندي۔۔۔
    اڃان ونڊوز7 کي ئي درست طريقي سان سمجهي نه سگهيو ويو آهي ته مائڪروسافٽ طرفان ونڊوز 9 کي ايندڙ سال پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو پيو وڃي۔۔ رڳو ايترو ئي نه پر ونڊوز9 جو پري ويو ورجن ته مٿئين مهيني ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان پڻ ٿي چڪو آهي۔۔۔
    ونڊوز 9 جنهن کي ونڊوز 1۔8 يا ونڊوز بليو پڻ سڏيو پيو وڃي۔۔ پنهنجي پراڻي ورجن ونڊوز 8 ۾ ڪافي اضافن ۽ تبديلين تي مشتمل آهي۔۔ جهڙوڪ: نئين اسٽارٽ اسڪرين، وڌيڪ ٿيم ۽ ڪسٽمائيزيشن، انٽرنيٽ ايڪسپلورر 11، نئين پينٽ ايپليڪيشن ۽ ٻيون گهڻيون پرفارمنسز۔۔۔



    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]


    مائڪروسافٽ جي نمائندي ٽام ريلر ڪجهه ڏينهن اڳ ان ڳالهه جو اعلان ڪيو هو ته هن نئين اپڊيٽ ورشنس ۾ ڪسٽمرز جي صلاحن کي سامهون رکيو ويو آهي۔۔ جيڪڏهن ائين ئي آهي ته تمام گهڻي تعداد ۾ ڪسٽمرز اها ڊمانڊ ڪئي هئي ته اسٽارٽ مينون جا بٽڻ واپس آندا وڃن۔۔۔۔
    خير دوستن جي دلچسپي خاطر هتي هڪ وڊيو پيش ڪجي ٿي جنهن ۾ ونڊوز 8 ۽ ايندڙ ونڊوز 9 وچ ۾ پيش ايندڙ فرق کي پيش ڪيو ويو آهي۔۔ وڌيڪ لاءِ وڊيو ڏسو..



    ونڊوز 9 جو پبلڪ پري ويو ايندڙ مهيني جون ۾ بلڊ ڪانفرنس جي موقعي تي پيش ڪيو ويندو۔۔ جڏهن ته مڪمل ورجن شايد هن سال جي آخر يا نئين سال جي منڍ ۾ پيش ڪيو وڃي۔۔۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏3 آڪٽوبر 2014
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا تبديلي هڪ دائمي عمل آهي۔ انهي تي جلد هڪ ليک اوهان سان شيئر ڪبو۔
    علي علي کي به سمجهڻ کپي ته جدت ئي جهان جي خوبصورتي آهي۔ ايئن نه ٿئي جو انهي روش سان ڪٿي جيئري ئي مُدي خارج ٿي وڃون۔
    باقي ڳالهه اها آهي ته ٻه ريم نه وٺي سگهڻ تي سمجهوتو ڪندي اڃان ونڊوز ست ئي نه ڪري سگهيو آهيان۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    وڃ ڀڻا يار مطلب ته اسان جهونا في الحال ڪا شي نه وٺون جيسيتائين اهي پهنجا نوان نوان ورجن آزمائي بيهن ان جو مطلب اهو ٿيندو ته پاڻ کي جامد ڪرڻ جي برابر آهي سو لڳي ٿو ان ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻو ئي پوندو خير ڀلي آڻين پر سان کي جيڪا شي سولي لڳندي اسان استعمال ڪندا سي اصل ڳالهه اها آهي ته مان نواڻ کان ناهيان لهرائيندو پر ڏک ان ڳالهه جو ٿيندو آهي ته مس اسان هڪ شي يا هڪ نظام کي سمجهندا آهيون ته هڪ نئين شي چيلينج بڻجي ڪري اسان جي سامهون اڀرندي آهي وري ان کي سکڻ ۾ لڳي ويندا آهيون ته نئين ۔۔۔۔۔خير ان مان لڳي ٿو ته هي زندي ئي ڀاڳ دوڙ جي زندگي آهي جيڪو هڪ شي تي بيٺو اهو پوئتي رهجي ويندو ان ڪري ڀڄڻندو رهڻو پوندو اسان کي سو ڊوڙ علي تون به ڊوڙ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    علي علي خير ايئن به ناهي۔ ڊوڙ ۽ نئين جي تلاش ۾ ڪڏهن پوئتي اوهان به ناهيو پر بس ڪٿي ڪٿي ليٽ ٿيو وڃو
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هل سائين ۔۔۔۔ پر يار ان لاء اسان کي نئين سسٽم جي ضرورت پوندي ۽ اسان اهي ئي استعمال ڪيل (يوزڊ) سي پي يو پيا استعمال ڪيون۔ پوء ٻڌايو ته اسان ونڊوز 8 يا 9 ڪيئن استعمال ڪري سگهنداسين؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جنهن سسٽم تي ونڊوز 7 انسٽال ڪري سگهجي ٿي ان ئي سسٽم تي ونڊوز 8 ۽ 9 به ٿي ويندي۔۔۔
     
  7. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    يار هڪ ڳالهه سمجه ڪونه ٿي اچي۔ سڀني سافٽويئر ڪمپنين اڀرندڙ embossed گرافڪس کي ترڪ ڪري سادي گرافڪس کي ئي ترجيح ڏني آهي۔ اوهان گوگل ڪروم جي لوگو ۽ ونڊو 8 يا 9 جو مثال ئي وٺو۔۔۔ ڪا خبر آهي رشيد سائين؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مائڪروسافٽ جي مشهور آپريٽنگ سسٽم ونڊوز جو هي نئون ورشن هاڻي ڪمپني جي ويب سائيٽ تي پري آرڊر لاءِ موجود آهي۔۔۔
    ونڊوز 8.1 کي هن مهيني يعني آڪٽوبر 2013 جي 18 تاريخ تي لانچ ڪيو پيو وڃي۔۔ هن نئين ورشن جي تعارفي قيمت 120 آمريڪي ڊالر مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته پروفيشنل ورشن جي قيمت 200 ڊالر آهي۔۔۔
    مائڪرو سافٽ طرفان آگسٽ جي آخر ۾ اعلان ڪيو ويو هو ته ونڊوز جو نئون ورشن 1۔8 تياري جي آخري مرحلي تي پهچي چڪو آهي ۽ هاڻي ان جو ڪوڊ مائڪروسافٽ جي هارڊويئر پارٽنرز ڏانهن موڪليو ويو آهي ته جيئن نون ڪمپيوٽرس، ليپٽاپس ۽ ٽيبليٽس تي انهن کي انسٽال ڪري سگهن۔۔۔
    ونڊوز جي هن نئين ورشن جو انٽر فيس موجوده ونڊزو 8 کان ڪجهه مختلف ناهي ان باوجود هن ۾ ڪافي نوان فيچرس ۽ ايپليڪيشنز شامل ڪيو ويون آهن ۔۔ ان علاوه ونڊوز8 ۾ نشانده خامين کي پڻ ختم ڪيو ويو آهي۔۔۔ ونڊوز استعمال ڪندڙن جي پرزور فرمائش تي ونڊوز 1۔8 ۾ روايتي اسٽارٽ بٽڻ کي واپس شامل ڪيو ويو آهي۔۔ ان کان علاوه هن انٽرنيٽ ايڪسپلورر 11، بنگ سرچ ۽ اسڪائي ڊرائيور ڪلائوڊ ڪنيڪٽوٽي جا نوان فيچرز پڻ شامل ڪيا ويا آهن۔۔۔
    جيڪڏهن توهان هن وقت لائيسنس ونڊوز 8 استعمال ڪري رهيا آهيو ته توهان کي هي نئون ورشن خريد ڪرڻ جي ضرورت ناهي۔۔۔ 17 آڪٽوبرتي موجوده ونڊوز8 استعمال ڪندڙن کي هي اپڊيٽ مفت فراهم ڪيو ويندو۔۔۔
    ها البته ونڊوز7، ايڪس پي يا ٻين پراڻن ورشنس جي لائيسنس يافتا استعمال ڪندڙن کي به هي نئون ورشن خريد ڪرڻو پوندو۔۔۔
    ونڊوز جو هي نئون ورشن پري آرڊر ڪرڻ لاءِ هن لنڪ تي اچو۔۔۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هل سائين ۔۔۔۔۔ ادا اسان ته اڃان وندوز ايڪس پي ۾ ڦاٿل آهيون۔۔۔۔

    هاء ڙي ڀاڳ ۔۔۔۔۔ پي 4 هوندو ته اڳتي ڪيئن وڌبو۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    يار هڪ ڳالهه چئبي. نه رُڳو نئين ونڊوز پر رجسٽرڊ ونڊوز جي اهميت ئي پنهنجي آهي. چوندا ته اسان جي پاسي به آهن ته نئين لئپٽاپ سان نئين رجسٽرڊ ونڊوز ڏينداسون پر لڳي ٿو مڙئي نالو آهي.
    هتي تُرڪي اچي لئپٽاپ به اسان جي ڀيٽ ۾ مهنگو مليو ۽ ونڊوز به وڌايل پئسن سان ملي. جنهن سان لڳو ته لئپٽاپ جي قيمت پاڻ کان هتي ٽيهه فيصد وڌيڪ بيٺي. پر جيڪو فائدو ٿيو سو اهو ته گُذريل 11 مهينا بنا اينٽي وائرس جي بهترين هلي رهيو آهي. نه بئٽري ٽائمنگ تي ڪو وڏو فرق پيو آهي نه وري ونڊوز کي ئي ڪُجهه ٿيو آهي.
    ساڳي شئي اسان وٽ سستي ملي وڃي ها ۽ ونڊوز جي سي ڊي به ٽيهه رُپئي ۾ هُجي ها جيڪا هيستائين چار پنج دفعا ڪو سؤ يا ڏيڍ سؤ مس کائي ها پر جيڪو ٽائم ضايع ٿئي ها ۽ ڪاوڙ اچي ها ان جي بدلي اها اضافي رقم سجائي چئبي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. bewas ali hassan

    bewas ali hassan
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 مئي 2014
    تحريرون:
    174
    ورتل پسنديدگيون:
    337
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    دڪان
    ماڳ:
    ميرپور ماٿيلو
    ادا سائين اسان کي ونڊو 8 آسان لگي ٿي 9 کي اچڻ ڏيو صحيح لگي ٺيڪ نه ته 8 جو مزو پيا وٺندا سين
     
  12. bewas ali hassan

    bewas ali hassan
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 مئي 2014
    تحريرون:
    174
    ورتل پسنديدگيون:
    337
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    دڪان
    ماڳ:
    ميرپور ماٿيلو
    ادا سائين نون ڏچن ۾ نه ٿو پوڻ چاهي ها ابا هلندي کي هلايو اسان سان سنڌ سلامت تي ساٿ ڏيو پوءِ اوهان جي مرضي پر نئين ٽڪنالاجي مان فائيدو وٺو ته بهتر آ پيارا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو