سائين نثار ابڙو صاحب کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ باد هجي !!!!

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ڦلپوٽو فقير طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2010۔

  1. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ باد هجي !!!!

    سائين علي علي دير آيد درست آيد جي مصداق تحت اوهان جي تحرير تمام پياري آهي اميد ته سائين جن کي به اوهان جي تحرير سان تمام گهڻي خوشي ٿي هوندي اوهان جيڪو لکيو آهي ته اسان جي فورم ته ٻن شخصيتن جو اهم ڪردار آهي سو بالڪل درست آهي انهن ٻن بزرگن جي محبت جي ڪري ڪافي دوست ڇڪجي اچن ٿا جن ۾ هي عاجز به شامل آهي۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سائين نثار ابڙو صاحب کي 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ باد هجي !!!!

    دوست علي علي! ڀٽ جي گهوٽ چواڻي ته ”چڱا ڪن چڱايون، مدايون مدن“ اوهان دوستن جي اندر ۾ سٺا ۽ محبتي انسان ويٺل آهن، جي ٻين سان به سٺائي ۽ ڀلائي سان پيش اچڻ تي خوش ٿيندا رهنٿا ... الله جا لک شڪرانا جو اسانجي هن فورم تي تمام سٺا ۽ سلڇڻا انسان ايندا رهنٿا ... جن جي محبت ۽ اخلاص سان هن اوطاق جو اڱڻ سنواريل آهي ... اوهان دوستن جون مهربانيون جن ايترو پيار ۽ عزت ڏني آهي ... جو هوند ”ظاهر ڪريان ذري ته لڳي ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري ... “

    ادا علي علي، اوهانجي موجودگي هن فورم تي ايئن لڳندي آهي ڄڻ ڪو معتبر شخص وچ ۾ هجي ۽ اماني احساس پئدا ٿيندا آهن ... ٻي ڳالهه ته اوهانجي هجڻ سان منهن تي مشڪ هوندي آهي ۽ اندر جو مذاحي انسان کُلي سامهون اچي ويندو آهي ۽ اوهانجي وڃڻ سان اهو مذاحي انسان به ننڊ ۾ هليو ويندو آهي ...

    ادي رحيم بخش جا به لک ٿورا ... انتهائي سٻاجهڙو دوست آهي، سندس موجودگي اسان لئه پڻ اطمينان بخش هوندي آهي ... سٺا دوست الله جي ٻاجهه ۽ نعمت هوندا آهن.

    ٻين دوستن جن هن ڌاڳي ۾ موتي جوڙيا آهن، انهن جو به آءُ ٿورائتو آهيان ۽ اميد ڪريانٿو ته هو پنهنجي علم ۽ عرفان سان اسانجي رهبري ڪندا رهندا، جن ۾ سائين زاهد سومرو، ،محترم عبدالوهاب، دوست ابو زين، سر جو سائين اسد مير جت، ڀائڙو عظيم، مٺڙو رياض گلال، سهڻو پرديسي ڀاءُ رنجيت، گلزار ڏاهري، مڪي وارو مٺڙو علي منير پاٽائي، اسانجو مانوارو بادشاهه جهانداد سمون صاحب، پرولين ۽ راندين جو شوقين دوست زاهد نظاماڻي، اسانجو جلالي ۽ وجدي بخت فقير، ڏاهري صاحب، جانوري صاحب، عبدالستار چنا صاحب، دوست محترم بشير صاحب، ساٿ ۾ نئون دوست عبدالرحيم غوري ۽ ٻيا سڀ دوست عزيز جن جا نالا لکڻ وسري ويا آهن ۽ اهي به دوست جي مهمان طور هن فورم تي اچن ٿا ...

    الله تعالا، اسان سڀني کي صحت ڪامله عطا فرمائي ...

    سنڌ جي خاڪ منجه پڪي پاڪ
    نثار ابڙو
    sindhsalamatsaathsal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو