• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صليب جو سڏ (اياز امر شيخ)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو 41 (ايڪيتاليهون) ڪتاب صليب جو سڏ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر اياز امر شيخ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.

اسين ٿورائتا آهيون سجاول جي سهڻي دوست سارنگ حبيب چانڊيو صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني. ٿورا سائين اياز امر جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. هي ڪتاب روپا پبليڪيشن سجاول پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.


ڪتاب مان ورتل هڪ چونڊ غزل
اسان سڏ پنهنجا نه واري سگهياسين،
نه ئي مُحبتن کي ڪو ماري سگهياسين.
اُٿي درد درياھ پيو سُهڻيءَ جان ٻوڙي،
دلو دل جو مُرڪي نه تاري سگهياسين.
تمنا هُئي تاريڪين کي تڙڻ جي،
مگر اک ڏِيئي جي نه ٻاري سگهياسين.
خوشيءَ جي جسم تان ميرو گج غمن جو،
زمانا ٿيا نَه اُتاري سگهياسين.
اکين جي اڱڻ تي ڪُٺا خواب جيڪي،
اُنهن جو نه رت ڀي ڌُئاري سگهياسين.
سوين حسرتن سان ڀريل غرق ٿي جا،
نه سا ناوءَ آڻي ڪناري سگهياسين.
اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين ، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.






 
مسيحا ... اياز امر شيخ

منهنجي اکين مان سمورا
پاڻياٺ وارا لڙڪ سڪي ويا آهن
۽ رت ٽمي رهيو آهي
آئون هن خنجر جي تکي
نوڪ جهڙي دئور مان گذري
سڄو درد ٿي ويو آهيان
۽ ان دور ۾ ڌڪجي
دفن ٿي رهيو آهيان
جنهن ۾ ڪنهن به مسيحا جي
مرڪ نظر ئي نٿي اچي.​
 
ادا اياز امر شيخ صاحب جا ٿورا آهن جو پاڻ اهو ڪتاب مونکي به ڪوريئر سروس جي ٿرو ڏياري موڪليو آهي وڏي ڳالهه ته سندس سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت جي اي بُڪ ۾ به شمار ٿي ساري دنيا جي سنڌين لاءِ آن لائن ٿي وئي آهي۔ مبارڪون سائين اياز امر شيخ کي مُبارڪون محمد سليمان وساڻ کي ۔
 
ادا اياز امر شيخ صاحب جا ٿورا آهن جو پاڻ اهو ڪتاب مونکي به ڪوريئر سروس جي ٿرو ڏياري موڪليو آهي وڏي ڳالهه ته سندس سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت جي اي بُڪ ۾ به شمار ٿي ساري دنيا جي سنڌين لاءِ آن لائن ٿي وئي آهي۔ مبارڪون سائين اياز امر شيخ کي مُبارڪون محمد سليمان وساڻ کي ۔

قرب سائين ۔۔۔۔۔ سائين اياز امر پنهنجي هٿن سان لکيل آٽوگراف واري هڪ ڪاپي مون ڏانهن به موڪلي هئي ۔۔۔ سندس محبتون آهن ۔۔۔سندس مهربانيون آهن۔
 
Back
Top