سنڌ جي وسندين سان سنڌين جو رويو

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏24 مئي 2013۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    چون ٿا ته سچل ڳوٺ ڪراچي ۽ قاسم آباد حيدرآباد, سنڌين جا مثالي ڳوٺ آهن، سنڌين جا قلعا آهن، جن ۾ سنڌ جا پڙهيل ڳڙهيل ۽ سڄاڻ ماڻهون رهنٿا ... پر حالتون ٻڌائن ٿيون ته اهي ئي مثالي ڳوٺ گند ڪچري جا ڍير آهن ۽ سنڌي سڄاڻ ماڻهن انهن آبادين سان ڪهڙو رويو اختيار ڪيو آهي، اهو ٻڌي حيرت سان گڏ سنڌي ماڻهن جي ذهني ۽ فڪري پسماندگيءَ جو احساس ٿئي ٿو.

    منهنجي هڪ ليک تي محترم اقبال ابڙو صاحب اجهو هيٺ ڏنل رايا قاسم آباد لاءِ ڏنا آهن، اها ساڳي حالت سچل ڳوٺ ڪراچيءَ جي به آهي، اهڙي حالت ڏسي ڇا اندازو لڳائجي ....؟؟؟ اوهان پاڻ انصاف ڪريو ۽ ٻڌايو ته ڇا اسين سنڌي پنهنجن شهرن، ڳوٺن ۽ آبادين جي ڪيتري حد تائين مالڪي ڪريون ٿا ۽ پنهنجا فرض ڪيئن نڀايون ٿا ....؟؟؟

    شرم اچي يا نه پر ڏک جو احساس ضرور اڀري ٿو.
    *************
    اقبال ابڙي صاحب جا لفظ؛

    پھرين اسان پنهنجي گھٽيءَ کي ته صاف رکڻ جي تڪليف ڪيون

    اسان وٽ قاسم آباد حيدرآباد ۾ ته هر گھٽي، هر رستي تي گندگي جا ڍير لڳا پيا آهن ان جو ڏوهاري ڪير؟ سڀ کان پهرين اسان پاڻ ، ان کا پوءِ ايڇ ڊي اي ۽ ان جا اهلڪار

    چند علائقن کان سواءِ (جن ۾ ايڇ ڊي اي پلاٽ وڪيا )باقي زياده تر علائقا ، ڪالونيون پرائيويٽ ڪمپنين ،۽ پرائيويٽ پلس ايڇ ڊي اي جوائنٽ وينچر معاهدي جي تحت ٺهيون آهن انهن ۾محلا ڪميٽيون به آهن پر اڪثر ڪميٽيون غير فعال آهن هر گھٽي ۾ 15 کان 20 گھر آهن ۽ انهن مان چند گھر اهڙا آهن جيڪي 200 يا 300 رپيا ماهانه ڀنگيءَ کي نٿا ڏين ۽ ڪارنر وارن گھرن جي پاسي۾ پنهنجي گھر جو گند ڪچرو ڦٽي ٿا ڪرائين . جيڪڏهن انهن کي ڪجھ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي ت ماڳهين جھيڙو ٿو شروع ٿئي

    ڪير جيڪر جاءِ ٿو ٺهرائي ته گھر مان نڪتل ڀڳل سرون ۽ ٻيو ڪچرو پنهنجي گھر اڳيان رستي تي وڇرائي ڇڏي ٿو جيئن مينهن جي موسم ۾ سندس گھر اڳيان پاڻي نه بيهي. اها ٻي ڳالھ آهي ته نتيجتآ سندس گھر جي ٻنهي پاسن کان پاڻي بيٺل هوندو آهي. خبر ناهي ته ڪهڙو گند ڪچرو گٽر ۾ وجھن ٿا جو اڪثر گٽر بند، پوءِ ڀنگين کي منٿون ۽ وري ڀنگي به اهڙا استاد ،جو جنهن ڪم جا شهر ۾ يا لطيف آباد ۾ 200 چارج ڪن ، اهو ساڳيو ڪم قاسم آباد ۾ 1000 رپيا ، شايد اسان قاسم اباد وارا امريڪن ڊالر ۾ ٿا ڪمايون.
    ********​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    مٿي ڄاڻايل سچل ڳوٺ واري گيٽ جي تصوير شايد فيسس بوڪ تي ڪافي ڏينهن اڳ ڏسي سوچيم ته ڪافي ڏينهن اڳ جڏهن سچل ڳوٺ ويو هيس تي هن گيٽ جا حال ته دادو واري گيٽ جهڙا هيا شايد هاڻ ان جو رهيل ڪم مڪمل ٿي ويو هجي ۽ ڏسيل تصوير جهڙي هجي۔ مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي۔
    پر جڏهن هاڻ اتي وڃڻ ٿيو ته گيٽ کي ڏسي سوچيم ته نه ڪو اهو خيال به ته سنڌي وسنديون اهڙيون مثالي ٿي وينديون جو سچل ڳوٺ وارن ٻڌايو ته هتي ته ڦر جون واڌاتون تيز ٿي ويون آهن ۽ پنهنجا ئي پهنجن کي پيا لٽين، ٻيو ته ٺهيو پر ڪجهه ڏينهن اڳ سچل ڳوٺ جي دوڪاندار کان قومپرستن ايم ڪيو ايم وارن وانگر ڀتو وٺڻ شروع ڪيو جنهن تي جهڳڙو به ٿيو هو۔

    الائي ڪڏهن اسان ۾ شعور ايندو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجو به وڃڻ ٿيو سچل ڳوٺ ۾ ته گهٽين ۾ گندگيءِ ۽ وهندڙ گٽرن جو حال ڏسي سوچڻ لڳم ته اهو پراڻو سچل ڳوٺ ڪيڏانهن ويو جيڪو مان 1999 ۾ ڇڏي آيو هيس۔۔ الاءِ جي ڇو سچل ڳوٺ کي ائين بيگانو ڪري ڇڏيو اٿن، جڏهن ته ان وقت جي لحاظ کان هاڻ وڌيڪ تعليم يافته ۽ شعور رکندڙ ماڻهو اچي آباد ٿيا آهن پوءِ به اهڙي اجڙيل حالت آهي۔۔؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لکڻ لاء ايترو ڪجهه آهي جو ٻه ٽي صفحا ڀرجي ويندا... طبيعت جي بهتري ناهي، ڪنهن ٻئي وقت تفصيلي لکبو ..... خبر ناهي سوال ڪنهن کان ڪيو ٿو وڃي .... اهو سوال پنهنجي پاڻ کان ڇو نه؟ دروازا ٺيڪ ڪرايو؟؟؟؟ صفائي سٿرايو ڪرايو؟؟ سيڪيورٽي وڌايو؟؟؟ بجلي ۽ پاڻي جا مسئلا ختم ڪرايو؟؟؟ادا سائين ڪير ڪرائي ؟؟؟ ڇو ڪرائي؟؟؟ ڪٿان ڪرائي؟؟؟ ڪيئن ڪرائي؟؟ اهو ڇو نه ٿا لکو ته اچو ته گڏجي ڪيون ..... ياد رکو جيستائين اسان پنهنجي گهرن جي صفائي وانگر پنهنجي گهر جي ٻاهران صفائي نه ڪنداسين ... ٻيو ڪوبه ڪونه ايندو .... ڪاش ڪو اچي ۽ ڏسي ته نسيم شاهاڻي ۽ سندس دوست ڪيئن نه رات ڏينهن سچل ڳوٺ جي صفائي سٿرائي لاء ڪوشان آهن... 48 ڊگري گرمي ۾ پاڻ ميدان ۾ آهن ۽ سٺو ڏينهن گهٽين جي صفائي ۾ لڳل آهن ... ڪو کين ٿڌي پاڻي پيارڻ به آڇ نه ٿو ڪري. مان اهڙن دوستن کي سلام ٿو ڪيان، جيڪي پوء به مايوس ناهن ۽ ڪم کي لڳا پيا آهن ..... مونکي حيرت ٿيندي آهي اهڙن ماڻهن کان جيڪي ڪمپيوٽر تي يا ميڊيا تي يا ٻي هنڌ ويهي صرف تنقيد ڪرڻ ڄاڻڻ .... ياد رکو عمل ئي آهي جنهن ذريعي اوهان مثالي وسندي بڻائي سگهو ٿا ..... جتي ڪرڻ وارا 5 هجن ۽ ڊاهڻ وارا هزارين ... اتي ڪنهن به تبديلي يا چڱائي جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي .... مان دوستن جون تقريرون، صلاحون ۽ رايا ٻڌي ٿڪجي پيو آهيان. .....​
    اچو ۽ هن ڪم ۾ دوستن جو هٿ ونڊايو .... 2 مان 4، چئن مان 8 ۽ ايئن وڌندا سون ۾ پهچو، پوء صفائي سٿرائي، سيڪيورٽي مونکان وٺو.
    سچل ڳوٺ جي نئين ڪميٽي جي دوستن کي جس هجي جن صفائي جو عمل شروع ڪيو آهي ۽ چار بلاڪ بلڪل صاف سٿرا ٿي چڪا آهن پر ماڻهن کي ڇا ڪجي؟؟ئ جو صفائي ٿي ناهي وري گهٽين ۾ پاڻي، گند؟؟؟ اهو ته ڇڏيو پر جيڪو آزار گهرن جي اڌ ۾ رهيل ڪم سبب ريتي بجري سبب ٿئي ٿو ان کي ڇا ڪجي؟؟؟ سنڌي ماڻهن جا رويا به عجيب ، اسان جهلينداسون ته برادري ڪٺي ٿي ويندي ۽ جهيڙو شروع ۔۔۔۔۔ مينٽيننس جي مد ۾ ايم ڪيو ايم جي علائقن ۾ رهندڙ 1000 روپيا انهن جي آفيس ۾ وڃي هر مهيني ڏئي ايندا؟؟؟ پر هتي 200 روپين لاء ڏهه دفعا منٿ ميڙ ۔۔۔۔۔۔۔ سائين نثار سنڌي قوم تي ڇا لکان يار ۔۔۔۔۔ پر ها دلجاء ڪيو ۔۔۔۔۔ اوهان جي سچل ڳوٺ لاء نئين سر پلاننگ ڪئي آهي۔۔۔ بس ماڻهن لاء لکو ته اهي ساٿ ڏين۔ هي ڪم 5 يا 10 ماڻهن جو ناهي ۔۔۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هڪ وڏو افسوس اهو ٿئي ٿو جو اسان جون قومپرست ڌريون هن سڄي عمل کان پاسي تي رهن ٿيون يا وري مڪمل ڪنٽرول چاهين ٿيون جيئن من ماني فيصلا ڪري سگهن۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين سليمان صاحب اوهان جي هڪ هڪ ڳالهه کري ۽ سچي آهي۔۔بس ماڻهن ۾ ماڻهپو اچي وڃي ته ڪم ٺهي پوي۔۔
     
  7. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    بهتري جي اُميد ڄاڳي آهي۔ جيئن چار ڀائر هُجن ۽ انهن سان ڪنهن فڏائي جو فڏو هُجي ته مثبت انداز سان منهن ڏيڻ لاءِ والد طور ڪو شخص ٿورو شوخ طبيعت جي ئي چونڊ ڪندو ته منهن ڏيئي سگهي۔
    ايئن ئي هتي ٿيو آهي۔ هڪ ته فٽائڻ وارا گهڻا ٻيو ته ڏاڍ مُڙسي به آهي ڪُجهه فردنجي۔ انهي سڀني شين کي منهن ڏيڻ لاءِ بهتر اهو ئي هو ته ڪو ارڏو ڀا ميدان تي اچي جيڪو پنهنجن کي نقصان به نه ڏي ۽ اجايو تنگ ڪندڙن کي به منهن ڏي۔ ۽ خوشي جي ڳالهه آهي ته سچل ڳوٺ جي سڀني معزز رهواسين سندس ساٿ نڀائڻ جو وچن ڪيو آهي۔
    ڪم جاري آهي۔ رتي برابر پتي کان به گهٽ پر ڪُجهه حصو اسان به اٽڪائيندي انهي ڪم ۾ دڪچسپي ورتي آهي۔ پلان ٺهن پيا۔ انهي کان وڌيڪ ڀلي ڳالهه اها ته عملي ڪم شروع آهي۔ هن مهل تائين مهيني اندر جيڪا تبديلي اچي سگهي ٿي انهي کان وڌيڪ اي چُڪي آهي۔ بس جي ڪُجهه ڄٽن کي برداشت ڪري وئي سنگت ۽ ڪم هلي ويو ته هي مثالي ڳوٺ ثابت ٿيندي دير ناهي۔
    باقي اُميد ته رکڻي پوندي۔ مايوسي جي گناهه کان بچڻ لاءِ صبر جو دامن نه ڇڏڻ مجبوري آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو