• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فيس بوڪ، گوگل پلس ۽ ٽويٽر هاڻي سنڌي دلڪش فونٽس سان... سنڌ سلامت پروجيڪٽ

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
2010 جي ڳالهه آ جڏهن ڪمپيوٽر استعمال ڪرڻ جو رجحان وڌيو ان جو هڪ سبب ڪمپيوٽر جو ڏينهون ڏينهون سستو ٿيڻ پڻ آهي۔ شروع شروع ۾ ڪمپيوٽر ٻارن جي گيمز ۽ شاگردن جي تعليم لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو پر پوءِ پي ٽي سي ايل جي تيز رفتار انٽرنيٽ جي اچڻ سان ننڍن سان گڏ وڏن پڻ ڪمپيوٽر تي ويهڻ جي عادت بڻائي۔ جنهن کان پوءِ سوشل نيٽ ورڪنگ وڌڻ لڳي، فيس بوڪ ۽ ٽويٽر جا پروفائيل ڌڙا ڌڙ ٺهڻ لڳا۔
ماڻهن جو رجحان سوشل نيٽ ورڪنگ ڏانهن ڏسي گوگل ۽ مائڪروسافٽ جهڙين ڪمپنين پڻ پنهنجا پنهنجا سوشل نيٽ ورڪ لانچ ڪيا۔ هوڏانهن ملڪ ۾ نت نون قسمن جي موبائيلز جي ريل پيل به وڌي ۽ اهي ماڻهون جيڪي پنهنجي ڪچي ڦڪي انگريزي ڪري ميسيجز رومن ۾ لکندا هئا تن پڻ پنهنجا فيس بوڪ پروفائيل جوڙڻ شروع ڪيا۔ جنهن کان پوءِ هيڏانهن هوڏانهن انگريزي جي مڪالمن کي ڪاپي پيسٽ ڪري اسٽيٽس اپڊيٽ ڪرڻ بجاءِ رومن اردو ۽ پوءِ رومن سنڌي ۾ اسٽيٽس اپڊيٽ ٿيڻ لڳا۔
جيتوڻيڪ شروع ۾ فيس بوڪ تي سنڌي لکائي سان اسٽيٽس اپڊيٽ ڪندڙ تمام گهٽ هئا پر ان هوندي به انهن اميدون نه لاٿيون۔ سنڌ سلامت طرفان پڻ فورم انتظاميه کي فيس بوڪ تي موڪليو ويو ته جئين اتي موجود سنڌين کي سنڌيءَ ۾ لکڻ تي مجبور ڪيو وڃي۔ نتيجا خاطر خواه نڪتا ۽ هن وقت فيس بوڪ تي رومن اردو يا رومن سنڌي ۾ لکڻ کي ناپسند ڪيو پيو وڃي۔ خود رومن لکائي لکندڙ پڻ ان ڳالهه کي سٺو نه پيو سمجهي۔
ان ڳالهه کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ منهنجي خواهش هوندي هئي ته فيس بوڪ ۽ ٽويٽر سميت گوگل تي موجود مواد کي ڊيفالٽ فونٽ بجاءِ سنڌي فونٽ سان سينگاريو وڃي۔ ۽ هاڻي جڏهن انهن پليٽ فارمس تي سنڌي مواد جو اضافو ٿي رهيو آهي۔ ان خواهش ۾ شدت اچڻ لڳي۔
آخر ڪجهه ڏينهن جي جستجو کان پوءِ آخر جاوا ڪوڊنگ جي مدد سان هڪ اهڙو اسڪرپٽ تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس جنهن ذريعي مختلف ويب سائيٽس تي پنهنجي پسند جا فونٽ ڏيکاري ٿي سگهيا۔ ان سلسلي ۾ پهريون تجربو مون فيس بوڪ تي ڪيو ۽ نتيجا ڀرپور مليا پر جيئن ته فيس بوڪ ڪو خالص سنڌي سوشل نيٽ ورڪ نه آهي ان ڪري ان تي موجود انگريزي ۽ اردو لکائي جا فونٽ پڻ سنڌي فونٽس ۾ تبديل ٿي ويا نتيجتن ٻين ٻولين ۾ لکيل مواد کي پڙهڻ ڏکيو لڳو۔۔ جلد ان جو به مون حل ڳولي ورتو ۽ اسڪرپٽ ۾ اها ڪنڊيشن لڳائي ته سنڌي فونٽ رڳو ساڄي کان کاٻي لکندڙ ٻولي تي اپلائي ٿئي ۽ ٿوري جستجو کان پوءِ سڪرپٽ ڪوڊنگ ڪاميابي ملي اهڙي طرح فيس بوڪ تي موجود سنڌي لکائي جو نظارو منهنجي خواهش مطابق نظر اچڻ لڳو ۽ پورو فيس بوڪ جهڙوڪ سنڌي سوشل نيٽورڪ لڳڻ لڳو۔
جيڪو هڪ ئي وقت سنڌي لکائي کي سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي تيار ڪيل فونٽ ايم بي لطيفي جڏهن ته اردو لکائي کي جميل نوري نستليق سان ظاهر ڪرڻ لڳو۔ اهي فونٽ هونء ته اسٽيٽس اپڊيٽ کان وٺي ڪمينٽس تائين سٺو ڏيک ڏيکارڻ لڳا پر انسٽنٽ يا فل چيٽ تي سائيز ۾ بلڪل ننڍا نظر اچڻ لڳا جنهن جو حل اهو ڪڍيو جو ٻنهي قسمن جي چيٽ ۽ ايڊيٽر باڪسز تان سنڌي لکائي ڏيک کي هٽايو ويو۔

اهڙي طرح هن جڏهن محترم عبيدالله ٿهيم جي تازو تيار ڪيل SSRead فونٽ کي مناسب سائيزسان رکيو ويو ته ڪمال اسڪرپٽ تيار ٿي پيو.. جيڪو هڪ ئي وقت سنڌي اردو انگريزي ۽ عربي لکائي کي درست طريقي سان ظاهر ڪرڻ لڳو...
فيس بوڪ تي ڪامياب تجربي کي نظر ۾ رکندي ٽويئٽر ۽ گوگل تي پڻ تجربن کي ڪامياب بڻايو ويو ۽ ڏسندي ڏسندي گوگل ڳولا، گوگل پلس، گوگل ريڊر، ٽويئٽر ۽ فيس بوڪ کي جهڙوڪ سنڌي بڻايو ويو۔ آخرڪار هن سڪرپٽ جي خوبين ۽ خامين کي پرکڻ کان پوءِ سنڌ سلامت طرفان سنڌ سلامت سرچ (SSSearch) پروجيڪٽ کان پوءِ هن سڪرپٽ کي سنڌ سلامت ريڊ (SSRead) جي نالي سان رليز ڪجي ٿو۔ ته دوستو حاضر آهن هن اسڪرپٽ اپلائي ٿيڻ کانپوءِ منظرنامي جون ڪجهه اسڪرين جهلڪيون۔

فيسبوڪ تي سنڌي لکائي جو ڏيک
12118603_892777134091393_1417944647687360816_n.jpg


فيسبوڪ تي اردولکائي جو ڏيک

12112330_892777164091390_4452947864027723609_n.jpg


گوگل ڳولا تي سنڌي لکائي جو ڏيک
12096282_892777264091380_6606921490005369087_n.jpg


گوگل ڳولا تي اردو لکائي جو ڏيک
12107066_892777284091378_8622642966183830927_n.jpg


گوگل پلس تي سنڌي لکائي جو ڏيک
12115740_892777217424718_6606208561269094175_n.jpg


گوگل پلس تي اردو لکائي جو ڏيک
12141697_892777237424716_8343870529823128022_n.jpg


ٽويئٽر تي سنڌي ۽ اردو لکائي جو ڏيک
12118712_892777387424701_4111908771978310159_n.jpg



گوگل ڪروم برائوزر لاءِ انسٽاليشن جو طريقي ڪار
  • انسٽاليشن کان اڳ ان ڳالهه جي تصديق ڪريو ته توهان جي ڪمپيوٽر ۾ SSRead فونٽ انسٽال ٿيل آهي۔ نه هجڻ جي صورت ۾ هتي ڪلڪ ڪري فونٽ ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو۔
  • هاڻي هتي ڪلڪ ڪري گوگل ويب اسٽور تان سنڌ سلامت طرفان تيار ڪيل ايڪٽينشن انسٽال ڪريو ۽ برائوزر ريسٽارٽ ڪريو يا ويب پيج ريفريش ڪريو۔
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
فائرفاڪس استعمال ڪندڙ دوستن لاءِ هدايتون...
سڀ کان پهريان ته جيڪڏهن توهان اڃان تائين فونٽ انسٽال ناهي ڪريو ته هتي ڪلڪ ڪري SSRead فونٽ ڊائونلوڊ ڪريو ۽ انسٽال ڪري وٺو...
  • ٿوري ئي دير ۾ ايڊان انسٽال ٿي ويندو .. جنهن کان پوءِ توهان کان فائرفاڪس کي ريسٽارٽ ڪرڻ جو پڇيو ويندو.. Restart Now بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو...
  • ۽ بس توهان سڀ ڪجهه ڪري ورتو...
اميد ته هاڻي گوگل ڪروم استعمال ڪندڙ ساٿين وانگر فائرفاڪس استعمال ڪندڙ ساٿي پڻ فائرفاڪس، ٽويٽر ۽ گوگل تي درست سنڌي فونٽس ڏسي مزا ماڻيندا..
 
اميد ته سوشل نيٽورڪس تان رومن سنڌي جي پاڙ پٽڻ لاءِ سنڌ سلامت جي ڪيل هي ڪوشش دوستن کي پسند ايندي۔۔ گڏ سموري ساٿ کي گذارش ٿي ڪجي ته هن موضوع کي فائرفاڪس سميت گوگل پلس يا ٽويئٽر تي شيئر ڪن ته جيئن وڌ کان وڌ سنڌي فائدو حاصل ڪري سگهن۔
 
حقيقت ۾ سنڌي ٻولي جي اهڙي ئي خدمت هوندي آهي جيڪا سنڌي ٻولي کي دنيا جي سڀني ٻولين جي پهرين صف ۾ بيهاري سگهي ٿي، سنڌ سلامت جي نهايت ئي جفاڪش دوست محترم عبدالرشيد سمون کي سنڌي ٻولي لا اڻ ڳڻيون جفاڪشون ڪرڻ تي منهنجي ٻنهي هٿن جو سلام ، ۽ سنڌي قوم کي هن اهم ترين ڪاميابيون ماڻڻ تي لک لک مُبارڪون۔ جوت سان جوت جلندي رهي ۔ باقي ڪمپيوٽر جي دنيا جو صفا ڪورو ڄٽ آهيان مونکي اهي سنڌي فونٽ انسٽال ڪرڻ نٿا اچن ۽ اهو طريقو به ڪونه سمجهي سگهيس ته فيس بُڪ ۽ ٽيوٽر يا گوگل ۾ سنڌ سلامت جا فونٽ ڪيئن انسٽال ڪجن ۽ ڪيئن هن اهم ترين ڪاميابي مان ، مان به لاب حاصل ڪريان ته دوستن کي لاڀ حاصل ڪرڻ جو طريقو ٻُڌائي سنڌي ٻولي جي خدمت ڪري سگهان۔
 
پهريائين ته سمورن دوستن کي مبارڪون!
انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي جو اهڙي ايڪسٽينشن ۽ ايڊان هاڻي سنڌي ٻولي جي واسطي موجود آهي۔ تمام بهترين محسوس ٿئي ٿو ته اسين مختلف لکتن کي صحيح فونٽس سان گڏ آساني سان پڙهي سگهنداسين۔

الله سائين مونکي توفيق ڏي ته فائر فوڪس ايڊان لا موزون سنڌي، اردو فونٽ تيار ڪري سگهجي جيڪو موجود فونٽ کان وڌيڪ بهتر ۽ پرڪشش هجي۔۔
وري به منتظم سميت تمام سٿ خاص طور تي سموري سنڌ کي گهڻي کان گهڻيون مبارڪون

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
اميد ته سوشل نيٽورڪس تان رومن سنڌي جي پاڙ پٽڻ لاءِ سنڌ سلامت جي ڪيل هي ڪوشش دوستن کي پسند ايندي۔۔ گڏ سموري ساٿ کي گذارش ٿي ڪجي ته هن موضوع کي فائرفاڪس سميت گوگل پلس يا ٽويئٽر تي شيئر ڪن ته جيئن وڌ کان وڌ سنڌي فائدو حاصل ڪري سگهن۔

اوهان پاران اهڙو ته بهترين ڪم ڪيو ويو آهي جو مون وٽ اهي لفظ ڪونهن جو هن ڪم جي شان ۾ لکي سگهان، مون ڪڏهن سوچيو به نه هو ته سنڌي ٻولي ايتري ترقي ڪندي۔۔اهو ڏينهن به ياد آهي جڏهن سنڌي ٻولي ڪمپيوٽر تي لکڻ هڪ خواب هيو، سنڌ سلامت جي هي ڪاوش وڏي ساراهه جوڳي آهي، خاص ٿورائتا آهيون اوهان جا جن ايڏي چاهه منجهان اهو ڪم ڪيو۔۔اسان ته نپٽ مفت خور آهيون اوهان جي ڪيل ڪاوشن مان پيا ٿا مفت ۾ فائدا وٺون۔۔ الله پاڪ اوهان کي ۽ سنڌ سلامت کي ۽ ان جي سموري سنگت کي هميشه ڪاميابي و ڪامراني عطا ڪري۔ آمين
 
ادا مون کي تمام گهڻي بيقراري ٿئي ٿي مون ايڪسٽينشن پڻ انسٽال ڪئي آ پر ساڳي حالت آ۔۔۔۔
توهان فائر فاڪس تي ڪئي آهي يا گوگل تي۔۔۔پهريان نفيس اردو فونٽ انسٽال ڪيو،،پوءِ لنڪ تي وڃي ايڪستينشن جي فائيل انسٽال ڪيو۔ پوءِ فائر فاڪس ري اسٽارٽ ڪيو ته پاڻمرادو اچي ويندا۔
 
ادا مون کي تمام گهڻي بيقراري ٿئي ٿي مون ايڪسٽينشن پڻ انسٽال ڪئي آ پر ساڳي حالت آ۔۔۔۔
توهان فائر فاڪس تي ڪئي آهي يا گوگل تي۔۔۔پهريان نفيس اردو فونٽ انسٽال ڪيو،،پوءِ لنڪ تي وڃي ايڪستينشن جي فائيل انسٽال ڪيو۔ پوءِ فائر فاڪس ري اسٽارٽ ڪيو ته پاڻمرادو اچي ويندا۔

ادا مان گوگل ڪروم استعمال ڪندو آهيان ۽ مون وٽ ايم بي لطيفي ۽جميل نوري نستليق ٻئي انسٽال ٿيل آهن پر پوءِ به ڪو فرق نه ٿو پوي۔
 
تمام سٺو ڪم آهي ۔۔۔ سٺي اڳڀرائي آهي، جنهن جي تعريف نه ڪرڻ زيادتي ٿيندي۔۔۔۔

ڪجهه دوستن وٽ مسئلا اچي رهيا آهن، مونکي ڪافي دوستن جا ذاتي ميسيج به مليا آهن۔ گهڻن دوستن کي سمجهائڻ کانپوء انهن جا مسئلا حل ٿيا آهن ۽ اهي خوش آهن۔

ڪروم جي نئين اپڊيٽيڊ برائوزر تي مسئلو پيو اچي۔۔۔۔۔۔ ان کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي۔ جڏهن ته اردو ۽ سنڌي لاء ڪنهن هڪ فونٽ جي نه هجڻ سبب فائر فاڪس جا نوان فونٽ ڪجهه دوستن کي پسند ناهن۔

پر پوء به پهريان جي نسبت ڪافي سهڻا فونٽ لڳي رهيا آهن۔ خاص ڪري ڪروم جي 18 ورجن ۾۔
 
دوستن جي پسنديدگيء لاءِ مهرباني۔۔۔
گوگل ڪروم جي ليٽيسٽ ورجن سان ڪمپيٽبلٽي جي مسئلي درست ڪيو ويو آهي۔۔ جن دوستن ان کان اڳ ايڪسٽينشن انسٽال ڪيو هو سو ۔۔ پهرين ورجن کي ريموو ڪري ساڳي لنڪ تان نئون اپڊيٽڊ ايڪسٽينشن ڊائونلوڊ ڪري اسنٽال ڪن۔۔۔

پراڻي ورجن کي ريموو ڪرڻ لاءِ هي ٻه تصويرون ڏسو​
google-chrome-extensions1.jpg
 
حقيقت ۾ سنڌي ٻولي جي اهڙي ئي خدمت هوندي آهي جيڪا سنڌي ٻولي کي دنيا جي سڀني ٻولين جي پهرين صف ۾ بيهاري سگهي ٿي، سنڌ سلامت جي نهايت ئي جفاڪش دوست محترم عبدالرشيد سمون کي سنڌي ٻولي لا اڻ ڳڻيون جفاڪشون ڪرڻ تي منهنجي ٻنهي هٿن جو سلام ، ۽ سنڌي قوم کي هن اهم ترين ڪاميابيون ماڻڻ تي لک لک مُبارڪون۔ جوت سان جوت جلندي رهي ۔ باقي ڪمپيوٽر جي دنيا جو صفا ڪورو ڄٽ آهيان مونکي اهي سنڌي فونٽ انسٽال ڪرڻ نٿا اچن ۽ اهو طريقو به ڪونه سمجهي سگهيس ته فيس بُڪ ۽ ٽيوٽر يا گوگل ۾ سنڌ سلامت جا فونٽ ڪيئن انسٽال ڪجن ۽ ڪيئن هن اهم ترين ڪاميابي مان ، مان به لاب حاصل ڪريان ته دوستن کي لاڀ حاصل ڪرڻ جو طريقو ٻُڌائي سنڌي ٻولي جي خدمت ڪري سگهان۔
سائين معاف ڪجو مان هن ايڪسٽينشن کي انسٽال ڪرڻ سيکاري نه سگهيس ۔۔ خير گوگل ڪروم برائوزر ۾ هن ايڪسٽينشن کي انسٽال ڪرڻ لاءِ بس رڳو ويب اسٽور جي ايڪسٽينشن لنڪ تي اچي بٽڻ ايڊ ٽو ڪروم تي ڪلڪ ڪريو۔۔ باقي ڪم سمورو ايڪسٽينشن پاڻ ئي ڪندو ۔۔۔ وڌيڪ تفصيل لاءِ هيٺين تصوير ڏسو۔۔۔

 
Back
Top