السلام عليڪم ڀائرو ۽ دوستو منهنجي ڪمپيوٽر جي سي ڊي روم خراب آهي، مون کيايڪس پي ۾ايم بي سنڌي انسٽال ڪرڻي آهي، ان لا لينگوج فائلن جي ضرورت پوندي آهي۔ انٽرنيٽ يا ڪنهن ٻئي طريقي سان ان مسئلي کي حل ڪري سًگهجي ٿو؟ جيڪڏهن ڪنهن به دوست کي ان باري ۾ ڄاڻ هجي ته شيئر ڪري۔ مهرباني ٿيندي۔
نه ڀاء منهنجي خيال ۾ نه ٿيندا توهان ڪنهن دوست کان سي ڊي روُم اڌارو کڻو يا هارڊ ڊسڪ ٻئي ڪنهن دوست جي ڪمپيوٽر ۾ لڳائي ڪري سگهو ٿا۔ مون به ايئن ئي ڪيو آ۔
جيئن ته مائڪروسافٽ وارن ونڊوز ايڪس پي سروس پيڪ 2 جي سپورٽ ختم ڪري ڇڏي آهي ان ڪري انهن پنهنجي ڊيٽابيس مان فائيلز ريموو ڪري ڇڏيون آهن۔ ها البته سروس پيڪ 3 جي سپورٽ 2014 جي شروع تائين موجود آهي۔۔۔ پر ٿوري ڳولا کان پوءِ مون کي هڪ لنڪ مليو آهي۔۔۔ توهان هتي ڪلڪ ڪري ايشين لينگويج فائيلز ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔ انسٽاليشن دوران لوڪيشن ڏيو۔۔ ڪم ٿي وڃي ته آگاهي ڏيندا ته جيئن ٻيا به فائدو وٺي سگهن
السلام عليڪم ڪجهه ڏينهن اڳ مون هڪ مسئلو شيئر ڪيو هو پر سوا هڪ دوست جي ڪنهن به جواب نه موڪليو۔ ادا سنگت ۾ ائين نه ڪريو مون غريب جي مدد ڪريو۔
توهان پاڻ ئي جواب نه لکيو آهي ته توهان ڏسيل فائيلز ڊائونلوڊ ڪيا۔۔۔ ۽ لينگويج انسٽال ڪندي گهرندڙ سي ڊي جي لوڪيشن جي جاءِ تي ڊائونلوڊ ۽ ايڪسٽريڪٽ ڪيل فائيلز جي لوڪيشن ڏئي ساڄي کان کاٻي وارو اسڪرپٽ انسٽال ڪيو۔۔۔؟ جيڪڏهن توهان جو مسئلو حل نه ٿيو آ ته ڪيتري اڳ ڀرائي ٿي آهي۔۔۔ ؟ ڪجهه ڏسيو ته جيئن وڌيڪ سڻائي ڪرائي سگهجي۔۔۔
ادا ذيشان صاحب توهان جي مهرباني۔ توهان جو نسخو ڪڏهن استعمال ڪبو۔ باقي مون سي ڊي روم تيار ڪرائي ڇڏيو آهي۔
جي ادا رائٽ ٽو ليفٽ لينگوئجز سي ڊي روم کانسوا به انسٽال ڪرڻ ممڪن آهن توهان هتان کان پاڪ اردو انسٽالر ڊاون لوڊ ڪري انسٽال ڪريو هن سان توهان جي ڪمپوٽر ۾ اهي لينگوجز انسٽال ٿي وينديون ۽ هڪ عدد اردو ڪي بورڊ به باء ڊفالٽ انسٽال ٿي ويندو ۔ سائين رشيد صاحب به جيڪو حل ٻڌايو آهي ان سان به ممڪن آهي پر پاڪ اردو انسٽالر منهنجو آزمايل آهي ۔
ادا توهان بلڪل بغير ونڊوز سي ڊي جي، پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ ايم بي سنڌي توڙي اردو جي لينگويج سپورٽ حاصل ڪري سگهو ٿا۔ هتي مان اوهان سان اهو سافٽ ويئر ونڊ ڪري رهيو آهيان۔۔۔۔۔هي سافٽ ويئر انسٽال ڪرڻ کان بعد ۾ اوهان کي ٻيهر پنهنجي ڪمپيوٽر جي بيڪ مان يا انٽرنيٽ تان صرف ايم بي سنڌي 2007 انسٽال ڪرڻو پوندو۔۔۔نسخو آزمايل ۽ ڪارآمد آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔آزمائڻ کان پو جواب ضرور ڏيندا۔ هي سافٽ ويئر منهنجي ويب سائيٽ تي (سنڌي، اردو انسٽالر ودائوٽ اي سي ڊي ) جي نالي سان پيل آهي جنهن جو لنڪ هتي شيئر ڪريان ٿو۔ http://www.daurcity.8m.com/box_widget.html هي آهي ان سافٽ ويئر جو لنڪ جنهن سان بغير ونڊوز سي ڊيءَ جي اوهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ۽ اردو جي لينگويج سپورٽ انسٽال ٿي ويندي۔ هي آهي سنڌي ڪي بورڊ لي آئوٽ لنڪ اوهان جو محسن ايم ايڇ جمالي 03433681358 03053038290