حمل فقير لغاري

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالرحيم طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2010۔

  1. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    ميراڻي دور جو هي مشهور عوامي شاعر، فقير حمل ولد رحمي خان لغاري، بلوچ قوم جي سيرڪاڻي قبيلي جي ”بهلولاڻي“ پاڙي ۾، ذوالحج 1225ھ مطابق 28 فيبروري 1809ع تي خيرپور رياست ۾ ڄائو هو. سندس وڏن ديري غازي خان مان لڏي، سنڌ ۾ خيرپوررياست جي ڳوٺ ”خان پور“ ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي. حمل فقير پاڻ پري ٿيڻ سان، نواب شاھ ضلعي جي تعلقي سڪرنڊ ڏانهن لڏي، ڳوٺ ”مير خان لغاري“ ۾ وڃي رهيو.
    فقير حمل کي ننڍ پڻ ۾ ئي علم جي تربيت ملي هئي جنهن ڪري فارسي، سنڌي ۽ سرائڪي (جيڪا سندن گهرو زبان به هئي) ۾ خاصي ڄاڻ حاصل ڪيائين. نهايت پرهيزگار ۽ حلال روزي ڪمائي کائڻ کي افضل عبادت سمجهندو هو. درس و تدريس لاءِ زندگي وقف ڪيل هيس. سندس تعلقات مير علي مراد خان ٽالپر، مير شاهنواز خان ٽالپر، پير پاڳارا ۽ لکيءَ جي ساداتن سان رهيا آهن. پاڻ لواريءَ جي بزرگ، خواجه محمد حسن مدني رحمته الله عليه جو مريد هو، ۽ هميشه سندس ثنا ۽ قصيدا ۽ مولود ۽ بيت چوندو هو.
    هن ذي فهم شاعر کي اها ڏاتر طرفان ڏات عطا ٿيل هئي، جو ٺھ پھ شعر جوڙي ويندو هو. شايد انهن لفظن لکندي وڌاءُ نه ٿئي ته ”حمل فقير فطرتا شاعر هو. جنهن کي مدارزا به چئي سگهجي ٿو.“ اهو ئي سبب آهي، جو سندس شعر ۾ روانيءَ سان گڏ لطافت ۽ بلاغت ۽ سلاست زباھ کان زياده آهي. حسن ۽ عشق جو ذڪر به نهايت حقيقت پسندانه نوع ۾ ڪيو اٿس. سندس شاعريءَ جا عنوان؛ بهراڙيءَ جي واهڻن ۽ وستين، دريائن جي ڪپن، ٻيلن ۽ ٻيٽارن، ٿرن ۽ برن، روهن ۽ رڻن بابت وضاحت سان ڪيل آهن.
    عوامي شاعر ۾ هڪ خاص خوبي اها به ليکي ويندي آهي، ته سندس ڪلام ڳائي سگهجي انهيءَ معيار تي فقير حمل جي شاعري سنڌ جي سرتاج صوفي شاعر، حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جي ڪلام جيان ڪسوٽيءَ تي بلڪل ٺهيل آهي. سنڌي سرائڪي ۽ هندي زبانن تي سندس طبع آزمائي ٿيل آهي. محترم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”ڪليات حمل“ جي نالي سان، سنڌي ڪلام کي يڪجاءِ ڪري 1953ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان پڌرو ڪيو آهي. ماھ صفر المظفر 2، 1296ع ھ مطابق 9 ڊسمبر 1878ع تي ڳوٺ ”ميوي خان لغاري“ ۾ پساھ پورا ڪيائين. کيس ”ابراهيم شاھ واري مقام“ ۾ دفن ڪيو ويو.
    هي حساس طبع انسان نه رڳو ناناڻي ۽ ڏاڏاڻي وطن پنجاب کي رکي رکي ساريندو هو ۽ ان لاءِ اڪير ۽ حب پيدا ٿيندي هيس. بلڪ اهو سندس چوڻ هو، ته ”جيڪڏهن اباڻو وطن پنجاب آهي، ته منهنجو وطن سنڌ آهي،“ پاڻ طبيعت جو خوش مزاج، رلڻوملڻو، سنجيده، ذهين، صلح پسند، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، مجلس جو مور ۽ سير و سفر جو بي حد شوقين هو. مير صاحبان سندس وڏي تعلظيم ڪندا هئا.
    ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ، آءُ ڪاڻون ڪڍان ڪن جون،
    نه ته ڪير ڪاڻ، ڪيراسين، ڪير ڪڍي هوند ڪاڻ،
    اسين پاڻ اتامرا، ڪڍون نه ڪنهنجي ڪاڻ،
    پر حمل سرهي ساجن ڪاڻ، ٿا ڪاڻون ڪڍون ڪن جون.“​
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: حمل فقير لغاري

    ادا عبدالرحيم توهان سنڌ جي هڪ مشهور شاعر ۽ صوفي صفت انسان جي متعلق لکيو آهي تمام بهترين عمل آهي اميد ته آئينده به اهڙيون تحريرون دوستن سان شيئر ڪندا رهندا۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: حمل فقير لغاري

    حمل فقير بابت اهڙي معلومات پڙهي ڪري سٺو لڳو

    سدائين گڏ
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: حمل فقير لغاري

    تمام بهترين ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو