اڄوڪو ڏينهن 4 جون تاريخ جي دريءَ مان

'جون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 جون 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 4 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    4 جون 1906ع ليکڪ دادا تيرٿ داس هوتچند واڌواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    4 جون 1936ع گلوڪار ڄيٺالال نريش (ڪراچي / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    4 جون 1942ع سماج سڌارڪ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جو جنم ڏينهن آهي.
    4 جون 1954ع ليکڪ ۽ اداڪار ارباب ڇڄڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    4 جون 1975ع هاليووڊ اداڪاره انجلينا جولي جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    4 جون 1947ع صوفي شاعر ڀائي ڌرمداس جي ديهانت ٿي.
    4 جون 1999ع ليکڪ ڪمال الدين سولنگي جو لاڏاڻو ٿيو.
    4 جون 2020ع ناليواري شاعر، اديب، نقاد ۽ ماھوار سوجھري جو ايڊيٽر تاج بلوچ انتقال ڪري ويو

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام​
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏4 جون 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    181
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    محسن ڪڪڙائي
    وڏي فڪر ۽ فن جو سائين
    آزاد انور ڪانڌڙو/ميهڙ

    ڪي شخصيتون ڪنهن شهر جي حوالي سان سڃاتيون وينديون آهن ۽ ڪي شهر وري ڪن شخصيتن جي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن. سنڌ جو برک شاعر محسن ڪڪڙائي به ڪڪڙ شهر جي سڃاڻپ بڻيل رهيو. سائين محسن ڪڪڙائي اهڙن انسانن مان هو، جيڪو جسماني طور ۲ اپريل ۲۰۰۵ع تي اسان کان جدا ٿي ويو آهي، پر هو پنهنجي شاهڪار ۽ اڻ وسرندڙ تخليقن ذريعي هميشه زندهه رهندو. اهڙن انسانن کي موت ڪڏهن به مات نٿو ڪري سگهي. سائين محسن ڪڪڙائيءَ جو جنم ۴ جولاءِ ۱۹۳۷ع تي ڪڪڙ ۾ سيد احمد شاهه تراب لڪياريءَ جي گهر ۾ ٿيو. سندس اصل نالو نياز علي شاهه هو. ايم اي، بي ايڊ، اديب سنڌي، اديب فاضل ۽ اديب عالم پاس محسن ڪڪڙائي رٽائرڊ هاءِ اسڪول ٽيچر هو. ۱۹۵۱ع کان لکڻ جي شروعات ڪندڙ محسن ڪڪڙائيءَ کي ۱۹۶۸ع ۾ قومي نغمن واري مقابلي ۾ سنڌي زبان ۾ بهترين نظم لکڻ تي پهريون نمبر انعام مليو. ۱۹۶۴ع ۾ ريڊيو حيدرآباد تي سندس ڪلام نشر ٿيندو رهيو. سندس پهريون شعري مجموعو ”اُمنگون“ ۱۹۶۲ع ۾ ڇپيو. سال ۲۰۰۵ع ۾ سندس شعري مجموعو ”سونهن جي ساڃهه“ ڇپيو، سندس ٻين ڇپيل ڪتابن ۾ ”ليلا جا خط“ ۽ ”سوريءَ چڙهيو سچ“ آهن. جڏهن ته، سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ مجنون جي ڊائري، انار ڪلي، ڪنهن جي ڳالهه ڳراٺڙي، مقبوليت، ڏک سکن جي سونهن، روحاني رهبر، تذڪراءِ اولياءِ سنڌي، اربيلا عشاق، زينت الادب، شاهه نجف، ديوانِ محسن ۽ ٻيا شامل آهن. محسن ڪڪڙائي بنيادي طور پيار، محبت ۽ سونهن جو شاعر هو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ حسن ۽ پيار جا گيت ڳايا. سندس شاعريءَ ۾ پيار، محبت ۽ سونهن جا مختلف رنگ آهن ۽ اهي سمورا محرڪ سندس شاعريءَ ۾ موجود آهن، جيڪي هڪ سٺي شاعر وٽ هجڻ گهرجن، فني لحاظ کان به محسن ڪڪڙائي پختو ۽ پڪو شاعر هو. هن کي پنهنجي انفراديت، سڃاڻپ ۽ شاعرانه سونهن هئي. هن ادب ۾ هڪ اهڙي دور ۾ قدم رکيا يا ائين کڻي چئجي ته سنڌ جي اهڙي تاريخي دور جي پيداوار هو، جنهن دور ۾ شاعرن جي وڏي سٿ ۾ پاڻ مڃرائڻ وڏو مسئلو بڻيل هو، ان دور ۾ محسن ڪڪڙائي پنهنجي خوبصورت تخليقن ذريعي پنهنجو نالو روشن ڪيو. نه رڳو پنهنجو نالو روشن ڪيو، پر پنهنجي جنم ڀومي، ڪڪڙ کي به علمي ادبي حلقي ۾ شهرت ڏياري. سندس شاعري پڙهبي ته، جديد شاعر هجي يا قديم شاعر، اهو داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو. سندس نثر پڙهبو ته، ائين محسوس ٿيندو ته محسن هن دور جو بهترين ۽ سگهارو نثر نويس نظر ايندو. ۶۸ سالا اسان جو جوان جذبن وارو شاعر محسن ڪڪڙائي، پنهنجي شاهڪار تخليقن باوجود بيماريءَ دوران مسيحا جي نالي ۾ موجود جلادن ۽ انسانيت جي دشمنن جي نامناسب رويي ڪري زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺو. اڄ محسن ڪڪڙائي اسان وٽ جسماني طور ته موجود نه آهي، پر سندس فن ۽ فڪر شاهڪار تخليقن جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آهن. هن راتين جون راتيون جاڳي اوجاڳا ڪري شاعريءَ جا ديپ جلائي پنهنجي تخليقن سان جديد سنڌي شاعريءَ کي روشن ڪيو. سندس شاعري مستقبل ۾ هميشه لاءِ چمڪندي، ٻرندي ۽ روشني پکيڙيندي رهندي.
    هڪڙو هو وڏي فڪر ۽ فن جو سائين،
    ٻيو، ڌن جو ڌڻي هوندي به من جو سائين،
    قدرت کان مليون سنڌ کي هستيون ٻه امر،
    هڪ ڀٽ جو ڌڻي ۽ ٻيو سن جو سائين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو