مهانگا نه خوبصورت تحفا يادگار هجن ٿا

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏9 جون 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    مهانگا نه خوبصورت تحفا يادگار هجن ٿا


    اسان وٽ هڪ رواج عام آهي ته ڪنهن کي تحفو ڏيڻ بدران ان جي قيمت کي نظر ۾ رکي خريد ڪيو ويندو آهي. پر اصل ۾ قيمتي نه پر خوبصورت تحفا يادگار هجن ٿا. جيڪڏهن اوهان جو تحفو ڏاڍو مهانگو آهي پر اهو نفيس ۽ سهڻو ناهي ته اهو بيڪار آهي، ڪنهن کي جڏهن به ڪو گفٽ ڏيڻو هجي ته هي سوچڻ گهرجي ته ان کي وصول ڪرڻ وارو کولڻ کان پوءِ ان جي باري ۾ ڪهڙي راءِ ڏيندو. جيڪڏهن اوهان ڪنهن جي لاءِ ڪو گفٽ پسند ڪريو ٿيون ۽ اڳلو اوهان مان ڪپڙن يا پرفيوم جي اميد رکندو هجي ۽ اوهان ان کي رانديڪو يا گيم ڏيو ته يقينن ان کي سٺو نه لڳندو. اهڙي طرح وڏي عمر وارن ماڻهن کي گفٽ ڏيڻ وقت به انهن جي پسند جو خيال ضرور رکيو وڃي. جيڪڏهن ڪنهن کي پهريون ڀيرو گفٽ ڏنو وڃي ته پهريان ڪنهن طريقي سان ان جي پسند يا نا پسند جو جائزو وٺڻ گهرجي. ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ ڇوڪرين کي ڪارڊن جا گفٽ وڌيڪ وڻندا آهن جن کي اهي سنڀالي رکنديون آهن.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    بيشڪ۔۔۔ قرب محبت ۾ ڏنل شئي ٿوڙي قيمت جي هجي پر اڳلي جي دل کي وڻي ٿي۔۔۔
     
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    منهنجي خيال ۾ ته شئي کان وڌيڪ انهي جذبي جي اهميت جي قدر وڌيڪ هُجڻ کپي جنهن سان اهو تحفو ڏنو وڃي ٿو۔ اکڳئين کي به اهو ئي ڏسڻ کپي۔
    ها باقي اضافي خوبي اها چئبي جو تحفو وٺڻ وقت اڳئين ماڻهو جي پسند جي شئي جو خيال رکجي ته بهترين۔
    ڪُجهه سمجهه ۾ نه اچي ته ڪتاب هڪ بهترين تحفو آهي۔ اهو اڳئين کي نه به وڻي ته به ڪنهن نه ڪنهن جي ڪم ايندو۔ يا ڪي سال پُڄانان به اهو ڪتاب ڪنهن پڙهي ورتو ته تُحفو سجايو چئبو۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. راشد خان

    راشد خان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2013
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    تحفا محبت ۽چاهتن ۽ قرب ڪي ودا۽ن ٿا۔۔۔۔۔۔
     
  5. سلمان حسين فاروقي

    سلمان حسين فاروقي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 جون 2013
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    179
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا معصوم سنڌي، بلڪل صحيح ٿا چئو ته تحفي ۾ قيمت نه پر اوهان جي خلوص ۽ جذبي کي ڏٺو وڃي ٿو۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو