اڄوڪو ڏينهن 16 جون تاريخ جي دريءَ مان

'جون' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏16 جون 2013۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي

    اڄوڪي ڏينهن 16 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    16 جون 1451ع صوفي بزرگ حضرت مخدوم بلاول جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    16 جون 1942ع سُگهڙ گُل حسن بروهي جي پيدائش ٿي.
    16 جون 1947ع شاعر نور رضوي (روهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    16 جون 1950ع باليووڊ اداڪار مٿن چڪروتي جو جنم ڏينهن آهي.
    16 جون 1951ع ليکڪ سُريا مخدوم (درٻيلو) جو جنم ڏينهن آهي.
    16 جون 1969ع شاعر واحد انصاري (ڳاڙهي موري) جو جنم ڏينهن آهي.
    16 جون 1970ع صحافي خالد ڪمبوهه (شهداد ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.
    16 جون 1975ع ليکڪ شفيق مسڻ (ڪراچي) جي پيدائش ٿي.
    16 جون 1984ع شاعر بشير بخت جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    16 جون 1815ع مذهبي اسڪالر قاضي محمد عاقل سنڌي جو انتقال ٿيو.
    16 جون 1817ع حضرت محمد راشد شاهه روضي ڌڻي (پير جو ڳوٺ) جو لاڏاڻو ٿيو.
    16 جون 1969ع سنڌ جي نامياري جاگرافيدان ڊاڪٽر پروفيسر مانيڪ بيجنجي پٿاوالا جو انتقال ٿيو.
    16 جون 2005ع ماٽا جي باني ممتاز مهر جو انتقال ٿيو.
    16 جون 2009ع راڳي اسحاق فقير عرف ڪارو مڱڻهار جو انتقال ٿيو.
    16 جون 2010ع ٿر سان تعلق رکندڙ شاعر، دانشور ۽ سماجيات جي ڄاڻو شخصيت غلام محمد جنجھي جو انتقال ٿيو.
    16 جون 2011ع ناميارو شاعر حسن درس روڊ حادثي سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

    سنڌ جي واقعاتي تاريخ-(16جون)

    ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق​

    16.6.1832
    سنڌ جي ڏکڻ-اوڀر ۾ فرنگين ڦرڻ ۽ رستا روڪ سنڌين خلاف ميرن وٽ انگريزن دانھيو, پر اتان کين جوڳو آسرو نه مليو. ان ڪري اڄ ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت ممبئي سرڪار, جوڌپور ۽ جيسلمير جي رياستن کي چيو ته اهي ڏکڻ-اوڀر سنڌ ۾ اسان کي لٽيندڙ ۽ اسان جي رستي روڪ ڪندڙ سنڌين خلاف قدم کڻن. ھن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌي عوام فرنگين سان ڀرپور مزاحت ڪئي.

    16.6.1839
    منوڙي ۽ ڪراچئ کي هٿ ڪرڻ کان پوء انگريزن اها چال هلي ته غير سنڌي قبيلن سان ٺاه ڪري "بلوچ ليوي" قائم ڪجي, جنھن ۾ سنڌي نه هجن, پر اهو فورس سنڌين خلاف ڪم آڻجي. ان ڪري راس بيل قادر بخش کوسي ۽ محمد خان بڙدئ سان ٺاه ڪيو ته هو پنهنجا ماڻھون "بلوچ ليوئ“ ۾ ڀرتي ڪرائيندا. اڄ راس بيل انھئ ٺاه بابت پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو.

    16.6.1843
    ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت نيپيئر کي خط لکي راضپو ڏيکاريو, بلڪ, اجازت ڏني ته مير علي مراد انھن پرڳڻن/زمين جو ملڪ آھي, جيڪي سندس پنهنجا هئا ۽ پڳ سنڀالڻ ڪري کيس مليا. مطلب ھڪ الڳ ۽ آزاد رياست جي حڪمران جي زمينن/پرڳڻن جي وارثئ جو فيصلو به انگريز پيا ڪن.

    16.6.1843
    جنگي قيدي مير صوبدار خان اڄ ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کي تفصيلي خط لکيو ته نيپيئر مون سان فريب ڪيو, مون جو گهر ٻھاريو ۽ جنگي قيدي بڻايو. هن نسورو ظلم ڪيو آھي ۽ مون سان انصاف ڪيو وڃي.
    سندس خط تاريخ جو اهم دستويز آھي. ان جو متن گل حيات ۾ موجود آھي.

    16.6.1851
    سنڌ جي ڪمشنر اڄ سرڪيولر ڪڍي سمورن ڪليڪٽرن ۽ فاريسٽ رينجرس کي تاڪيد ڪيو ته سنڌ جي معيشت ۾ بهتر فائدو ڏيڻ ڪري ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت جو بچاء ڪيو ۽ ڇانو ڏيندڙ وڻ پوکيو.

    16.6.1942
    " جنگ دوران اسان هندستان ڪونه ڇڏينداسين. هندستان ۾ سدائين رهڻو به ڪونھي. مناسب وقت تي مناسب قدم کڻبو"- اسٽيفرڊ ڪرپس بيان ۾ چيو.

    16.6.1947
    محمد علي جناح ھلندئ وارن کي اپيل ڪئي تي اسان "پاڪستان فند" قائم پيا ڪريون, ان ۾ مسلمان دل کولي چندو ڏين.

    16.6.1949
    "وفاقي حڪومت کي مدد طور ڪڻڪ جا هڪ لک ٽن ڏنا ويندا"- سنڌ سرڪار جو اعلان.
    مطلب ته سنڌ اصل کان پاڪستان کي پئي ڏنو آهي. سنڌ جي واحد اسيمبلي هئي جنهن پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو, سنڌ پاڪستان کي گادئ جو هنڌ ڏنو ۽ سنڌ اڻ-ڳڻجدڙ پناهگيرن کي پناه ڏني.

    16.6.1950
    "اسان جاگيردارانه نظام جي حمايت ڪريون ٿا. ايندڙ چونڊن ۾ اسان جي پارٽي حصو وٺندي"- مولانا مودودي.

    16.6.1977
    "مان مڊل ايسٽ جي دوري تان موٽي اچان, ان کان پوء پي.اين.اي سان ٿيل ٺاه تي ٻئي ڌريون دستخط ڪنديون"- وزير اعظم ڀٽو.

    16.6.1988
    جنرل ضياء الحق "شريعت آرڊيننس" لاڳو ڪيو. هاڻي علمائن کي جج مقرر ڪبو ۽ مفتي ڪورٽن کي مذھبي مشورا ڏيندا.

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تاريخ ڳالهائي ٿي

    16 جون 1939ع تي ننڍي کنڊ جي آزادي لاءِ وڙهندڙ سڀاش چندر بوس لاهور ۾ هڪ انٽرويو ۾ چيو ته وقت ڏاڍو بيرحم ٿيندو آهي.مڪمل آزادي حاصل نه ڪرڻ سياسي خودڪشي جي برابر هوندو.

    16 جون 1947 ۾ قائداعظم محمد علي جناح هڪ بيان ۾ مسلمانن کي پاڪستان جي لاءِ چندو گڏ ڪرڻ جي اپيل ڪئي.جيڪو سرحد ۽ مستقل اسيمبلي جي بنيادي ڪمن طور استعمال ڪيو ويندو.

    16 جون 1949 ۾ سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کي 1لک ٽن ڪڻڪ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.

    16 جون 1950 ۾ مولانا مودودي جاگيرداري نظام جي حمايت ڪندي پارٽي طرفان اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو اشارو ڏنو.

    16 جون 1952 ۾ بلوچستان جون رياستون بلوچستان صوبي ۾ شامل ٿيون.

    16 جون 1957ع تي جي اسيم سيد ۽ مولانا ڀاشانيءَ وچ ۾ ڳالهيون ٿيون.

    16 جون 1988 ۾ جنرل ضياالحق شريعت آرڊيننس نافذ ڪندي مولوين ۽ مذهبي عالمن کي ڪورٽن ۾ ججن طور مقرر ڪيو.

    عوامي آواز جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو