ايم ڪيو ايم پنهنجي ووٽرن کان را وٺي سگهي ٿي پر پ پ ڇو نٿي وٺي؟

'راءِ شماري' فورم ۾ رسول بخش جوڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏19 جون 2013۔

  1. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    ايم ڪيو ايم پنهنجي ووٽرن کان را وٺي سگهي ٿي پر پ پ ڇو نٿي وٺي؟
    ايم ڪيو ايم پاران پ پ جي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ لا پنهنجي ووٽرن کان رفرنڊم ذريعي را وٺي رهي آهي ته پ پ سان حڪومت ۾ شامل ٿجي يا اپوزيشن ۾۔ پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا پ پ ڪڏهن سنڌي ووٽرن کان اهو پڇيو ته ايم ڪيوايم کي سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪريون يا نه ، ووٽرن کان پڇڻ جي ڳالهه پري رهي صرف پ پ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن يا چونڊيل ايم پي ايز کان به را وٺن ها پو به ڪجهه نه ڪرڻ کان بهتر هو۔ پر زرداري ائين ڇوڪري ڇو ته سنڌي آهن بي وقوف ! هنن جو ڪم هو سنڌين کان ووٽ وٺڻ سو وٺي ويا هاڻ ڪم لٿو ڪاغذ ڦاٽو واري ڪارآهي۔
    رسول بخش جوڻيجو
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سرڪار جواب ته توهان پاڻ ئي ڏئي ڇڏيو آ۔۔ ڀلا بيوقوفن کان به ڪا صلاح وٺبي آهي ڇا؟
    ڳالهه ته مٺا سچ آهي پر ڳالهه ڳري آهي، هضم ڪرڻ ۾ تڪليف ته ٿيندي۔۔ڀلي ڪجهه دماغ ڦريل ماڻهو پاڻ کي دانشور سمجهن پر بطور قوم اسان اهو ئي ثابت ڪيو آ ته اسان ظلم جو ۽ ظالمن جو ساٿ ڏنو آهي، اسان کي ان ڳالهه ۾ ئي سڪون ملندو آهي ته پاڻ کي مظلوم ثابت ڪريون، پنهنجي مظلوميت تي ماتم ڪريون ۽ هميشه صديون پوئتي وڃي رهون ۽ پنهنجي ماضي تي فخر ڪريون۔۔ حال ۽ مستقبل جو اسان سان ڪهڙو تعلق۔۔
    شرم لاء اها ڳالهه ڪافي آهي ته سنڌين جوچونڊيل اڳواڻ ۽ رهبرآصف زرداري آهي۔ ڀلي ڪير هزار ڀيرا انڪار ڪري پر اسان جي چونڊ ته حقيقت آهي۔۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. گل شير احمد ڀلائي

    گل شير احمد ڀلائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 جون 2011
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪيبل آپريٽر
    ماڳ:
    جده سعودي عرب
    بطور قوم اسان اهو ئي ثابت ڪيو آ ته اسان ظلم جو ۽ ظالمن جو ساٿ ڏنو آهي،
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا ايم ڪيو ايم وارن وارو ريفرينڊم ته ٽوٽل بوگس هيو جوانهن جي کينل ٽوٽل ووٽن کان به وڌيڪ ڪاسٽنگ ٿي، باقي رهي ڳالهه پي پي وارن جي ته انهن کي ضرورت ڪهڙي آهي جو ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شامل ٿا ڪن نواز شريف ته هنن کي گاهه ئي ڪون وڌو۔۔۔۔
    اصل ۾ پي پي وارا بزدل آهن انهن کان ڊڄن ٿا ان ڪري هنن کي منٿو پيا ڪن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    پي پي پي وارا سنڌين جو قدر تڏهن ڪندا جڏهن سنڌي هنن کي ڌڪاري ڇڏيندا ۽ ڪا مضبوط قوم پرست پارٽي اڳيان ايندي ته اهو ممڪن آهي پر اهو تمام گهڻو مشڪل آهي ڇو ته پي پي پي هميشه ايجنسين جي معرفت ئي ڪامياب ٿيندي آهي ۽ ڊيل ڪري اڳتي اندي آهي اها ڀلا عوام جي را ڇو وٺندي۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لغاري صاحب اهي ڳالهيون هاڻ عوام کان برداشت ڪونه پيون ٿين۔ ڇو ته قومپرست مڪمل ناڪام ٿي چڪا آهن۔ هو 50 ديڳڙيون چاڙهيون ويٺا آهن۔ پاڻ ۾ گڏ ويهڻ لاء تيار ناهن۔ نتيجي ۾ ماڻهن وٽ ٻي ڪابه واهه ناهي سواء پ پ پ جي۔
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ڇو ته پي پي پي جمهوريت تي يقين رکندي آهي ان ڪري عوام کان پڇڻ جي ڪهڙي ضرورت؟!!
    جمهوريت جو دوغلو پن ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو هوندو؟!
    ڀلا اهڙي دستور ۾ خير ڪهڙو هوندو جيڪو اسان تي ڪافرن طرفان مَڙهيو ويو آهي!!؟
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جتي شهنشاهيت ۽ بادشاهت آهي اتي ڇا پيو ٿئي اها به سڀني کي خبر آهي۔ ڇا سعودي عرب ۽ قطر جهڙا ملڪ يورپين ۽ آمريڪين جا سڀ کان وڏا اڏا ناهن؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    بلڪل سائين اهي عرب ملڪن جا سربراھ به ڪافرن جو پٺو ٿي ويا آهن اڄ کان نه بلڪه خلافت ختم ٿيڻ کان۔
    ان ڪري ته اسان مسلمان صرف اسلامي نظام ۽ اسلامي دستور قائم ڪرڻ جو مطالبو ٿا ڪريون جنهن نالي تي پاڪستان به حاصل ڪيو سين ۽ ان جي حاصل ڪرڻ ۾ لکين قربانيون به ڏنيون سين۔
    جمهوري مغربي ملڪن ۽ اقوام متحده جو منشور آهي ته عوام جيڪا شي گهري ان کي ملڻ گهرجي ڇو ته ان جو پورو پورو حق آهي۔
    هاڻي هت وري جمهوريت ۽ اقوام متحده جي منافقت ته ڏسو! ته پاڪستانين اسلام جي نالي تي ملڪ پاڪستان حاصل ڪيو ته نه ته کين هي اسلام تي هلڻ جي اجازت ڏين ٿا ۽ نه پنهنجي ملڪن ۾ اسلامي قانون نافذ ڪن ٿا۔
    اسان مسلمان آهيون، قرآن جو فيصلو آهي ته چور جو هٿ ڪٽيو، هاڻ جمهوريت جو ۽ ڪافر ملڪن جو برطانيا وغيره جو قانون آهي ته ان کي جيل ۾ وجهو، اسان کي سندن جمهوري قانون تي هلڻ گهرجي يا اسلامي قرآني الاهي قانون مطابق سندس هٿ ڪٽڻ گهرجي؟
    هاڻي ڪافر جمهوري نظام نه اسان کي اسلامي قانون نافذ ڪرڻ ڏي ٿو ته چور جو هٿ ڪٽجي، اڇا! وري دوغلو پن ته ڏسو جمهوريت جو! اسان جو جمهوريت ۽ ڪفريه نظام جي رعب ۽ دٻدٻي ۾ ايترو ڊنا ويٺا آهيون ۽ جمهوري نظام جي ايڏي عزت ڪندا آهيون، ڇا ڪافر اسان جي الاهي، قرآني اسلامي دستور کي به ايڏي عزت، مان مرتبو ڏين ٿا؟
    ڀلا جي ايئن آهي ته هڪ ڏينهن لا پنهنجن ملڪن ۾ جمهوري دستور معطل ڪري صرف هڪڙي ڏينهن لا اسلامي قرآني دستور نافذ ڪرڻ جو ته اعلان ڪن!!
    سائين شهنشاهيت جو نالو ڏيو، ڊيموڪريٽ جو نالو ڏيو، جمهوريت جو نالو ڏيو، سڪيولرازم جو نالو ڏيو، ڀلي نيشنل ازم جو نالو ڏيو، ڪميونسٽ جو نالو ڏيو، گند اهو ئي گند هوندو آهي، اهي سڀ نالا اسان ۾ اختلاف ۽ تفرقو پيدا ڪرڻ لا ڏنا ويا آهن، اسان کي صرف هڪ دستور، صرف هڪ قانون، صرف هڪ آئين گهرجي، ۽ اهو آهي: اسلامي آئين، قرآني آئين، الله جو ڏنل آئين۔۔۔
    ڀلا هڪ ٻيو مثال وٺو ڪافرن جي جمهوريت جي باري ۾:
    جمهوريت جو قانون آهي ته جيڪڏهن اوهان کي ڪو به قانون پاس ڪرڻو آهي ته اهو پاليامينٽ جي ذريعي ايندو، ٺيڪ؟
    اڇا! هاڻي پارليامينٽ ۾ ڪنهن حلوائي درٻاري مُلي عوام ۾ پنهنجي ڪا عزت بچائڻ خاطر ڪا هڪ اڌ اسلامي شق جو قانون پاس ڪرائڻ لا پارليامينٽ ۾ بل پاس ڪيو، ٺيڪ سائين؟
    هاڻي پارليامينٽ ۾ بل تي بحث ٿيندي، ٺيڪ؟ ڪهڙو بل؟ جيڪو قرآن اڳي ئي نافذ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مسئلي جي متعلق الله سائين اڳ ئي پنهنجو فيصلو پنهنجي مخلوق کي ٻڌايو آهي ته اوهان کي هيئن ڪرڻو آهي، شرابي جي هي سزا آهي، زاني جي هي سزا آهي، چور جي هي سزا آهي، وغيره وغيره، هاڻي جمهوريت جو ان الله جي قانون متعلق اهو فيصلو آهي ته ان بل کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو۔ ڇو ته الله تي (نعوذ بالله) ڀروسو ناهي، ان جو پارليامينٽ ۾ بحث، صلاح مشورو ٿيڻ گهرجي۔
    اڇا! جي مُلي جي ۽ اسلامي قانون جي قسمت سٺي نڪتي ته پارلياميٽ ان کي پاس ڪندي۔ ڪنهن کي؟ الله جي حڪم کي نافذ ڪرڻ لا پارليامينٽ ان جي اجازت ڏيندي! يعني ته پارليامينٽ جو حڪم الله جي حڪم کان مٿي آهي، اهو اسان کي جمهوريت جو تحفو آهي۔
    اڇا! ان کان پو؟ هاڻ ته الله جو حڪم هلندو؟ نه بابا، هاڻي وري سينيٽ هن کي پاس ڪري۔
    اڇا! سينيٽ به پاش ڪيو هاڻ ته نافذ ڪرڻ جي اجازت ڏنو!
    نه بابا! اڃان صدر وزير اعظم ان تي صحيحون ڪن، آئين ۾ ترميم ٿي، ان ۾ سالن جا سال لڳي ويندا، 25 يا 30 سالن کان پو وڃي اها هڪ اڌ شق قانون جو حصو بڻجندي، نافذ وري به ڪونه ٿيندي۔
    سو ادا سائين وساڻ صاحب! شايد مان گهڻو لکي ويس بي خبري ۾۔
    اسلامي، قرآني، الله جي قانون سان جمهوريت ۾ ماجرو سارو اهو آهي۔۔۔
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جمهوريت جو حسن
    حسين ڪپري
    [​IMG]پيرا سڌا وڃي ٿاڻي جي ڀت وٽ پهتا! اڳتي وڃڻ تي ڪير دل نه ٻڌي، وهراڙو موٽي آيو. ايس ايچ او صاحب تمام ڪڙڪ آفيسر! ڪنهن شريف ماڻهو کي همت نه ٿئي، جو منهن چڙهي ساڻس ڳالهائي سگهي. سو هنن وچ وارو رستو اختيار ڪندي شام جو معززين جو هڪ وفد ساڻس ملاقات ڪرڻ لاءِ موڪليو. مگر مسلسل چار ڏينهن وڃڻ جي باوجود به صاحب ملي نه سگهيو! ملي به ڪيئن، روز رات جو ڪچي ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڌاڙيل جي دعوت رکيل! يار ويس مڙس آهي، سندس اچڻ تي پاٿاريدارن جشن ملهايو. ايترو بزي آفيسر ٽائم ڪٿان آڻي، جو هنن سان ملي! معززين احتجاج ڪيو ته وڏي منشي چيو، ”ماڻهو ڪنهن وٽ ٻه پير ڀري لڙي ويو، ته لهي ته ڪو نه پوندو! چور ڌاڙيل به ڪو ويزا، پاسپورٽ وٺي ٻاهرين ملڪن مان ڪو نه ٿا اچن، هتي جا ئي ماڻهو آهن، توهان اسان منجهان، آخر ڪيڏانهن ويندا!“ مگر پوليس آفيسر ۽ ڏوهارين جي دوستي ڪيئن ٿي هلي سگهي؟ وفد ۾ شامل هڪ رٽائرڊ هيڊ ماستر چيو، اهو ٻڌي منشي الٽو هنن تي چڙهي ويو، چي،” اخبارون ڪونه ٿا پڙهو ڇا! ملڪي سطح تي مفاهمت جي پاليسي هلي پئي، ته هتي ڇو نه هلي!“
    واقعي مفاهمت جي پاليسي هڻي وڃي هنڌ ڪيو آهي، مٿين ليول تي انهيءَ جا جيڪي فائدا ٿيا آهن، سي اوهان سڀ اخبارن ۾ پڙهيا ۽ ٽي وي تي ڏٺا آهن، هيٺين ليول تي جيڪو وهي واپري پيو، اهو به ڏسڻ وٽان آهي. ڀاڳيا پنهنجي اغوا ٿيل ماڻهن کي هار پارائي واپس وٺيو پيا وڃن (ڏهه ويهه لک ڏيڻ سان اغوا ٿيل ماڻهو موٽي ملي ته سودو مهانگو ڪونهي) ته ڌاڙيل بوسڪيءَ جا پٽڪا پايو، راڊو واچون ٻانهن ۾ ٻڌيو نڪرن ۽ موبائيل کين ٻيلي جي دنگ تي ڪچي ۾ ڇڏيو اچي. شينهن ٻڪريءَ واري مثال جي هتي ٻي معنيٰ آهي.
    تمام تر اعتراضن جي باوجود هڪ ڳالهه ته دشمن به مڃين ٿا ته هي ايس. ايڇ او عزت ڏيئي به ڄاڻي ته وٺي به ڄاڻي. وڏي رهائي رسائي وارو مڙس آهي. جهڙي آهيس مُٺ تهڙي وري پُٺ! انٽر جو امتحان ڪارتوسي پستول جي زور تي پاس ڪري پوءِ صوبيدار ٿيو هو. ايم پي اي صاحب جي خاص فرمائش تي بدلي ڪرائي هن ٿاڻي تي رکيو ويو. هڪڙي وزير جو مائٽ آهي، سڀني کي خبر آهي ته ڄاڻ ايس پي ٿيو. سندس پروموشن جا ڪاغذ ٺهيا پئي، جو انهي وچ ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي آئوٽ آف ٽرن ڪوڙين ترقين ۽ انضمام کي رد ڪيو ويو. ڪورٽ سڳوريءَ جيڪي آرڊر ڪڍيا ۽ رمارڪس ڏنا، تن مان خبر پئي ته پاڻ واري حڪومت ڪيڏي وڏي ڀينگ ڪري ڇڏي هئي. وزيرن مشيرن جا مٽ مائٽ صوبيدار، انسپيڪٽر مان ايس پي ٿي ويا. پاڪستان ۾ ٻيا صوبا به آهن، پر سنڌ ۾ جهڙي نموني ۽ جيڏي وڏي پيماني تي ميرٽ جو جنازو ڪڍيو ويو، اهو ڏسي ڏندين آڱريون اچيو وڃن! باصلاحيت نوجوانن کي ميرٽ تي سنڌ ۾ روزگار ملڻ ذري گهٽ ناممڪن بنجي ويو آهي!
    پوليس کي کڻي ڇڏيو، تعليم جهڙي اهم وزارت جو مثال سامهون پيو آهي. ٽيهه هزار ماڻهن سان فراڊ ٿيو. تعليم کاتي ۾ نوڪري ڏيڻ جي بهاني هڪ هڪ ماڻهو کان لکين رپيا رشوت طور ورتا ويا. آفيسرن ڪورٽن ۾ پيش ٿي بيان ڏنا آهن. سڀني کي خبر آهي ته ايڏو وڏو فراڊ آفيسر پنهنجي ليکي نٿا ڪري سگهن، يقينن انهيءَ ۾ وڏن ماڻهن ۽ سابق وزير تعليم جو هٿ آهي. هونئن ته تقريبن سڀني وزيرن جا پرڪار ساريا پيا آهن، پر هن صاحب ته ماڳهين ڪمال ڪري ڇڏيو. هن اهڙي قسم جا آفيسر مقررڪيا، جن کي هڪڙو پنو نٿي لکڻ آيو! هن جنهن انتظامي طريقي سان تعليم جي وزارت کي هلايو، تنهن ماڳهين ماڻهو کلايا. سندس دور ۾ ٻهراڙين ۾ اسڪول بند لڳا پيا هئا يا انهن ۾ ڍور ڍڳا ٻڌل هوندا هئا! حالتون ايتري قدر خراب ٿي ويون، جو لاچار سپريم ڪورٽ کي مداخلت ڪرڻي پئجي وئي! هزارن جي تعداد ۾ اسڪولن تي ڇاپا هنيا ويا. پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ائين نه ٿيو هو. فضيلت ڀرين، سيبتن ۽ علم دوست ماڻهن جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويو، پر مجال آهي جو هن همراهه جي منهن ۾ ڪو سر پوي!
    سنڌ ۾ تعليم جي وزارت کي هميشه سونا آنا ڏيندڙ ڪڪڙ وانگر سمجهيو ويو آهي ۽ حڪمران پارٽي ان تي ڪجهه وڌيڪ مهربان رهي آهي. اها ڳالهه لکت ۾ رڪارڊ تي موجود آهي ته پارٽي جي 1993ع واري دور ۾ شهدادپور مان اهڙي صاحب کي ايجوڪيشن منسٽر مقرر ڪيو ويو، جنهن جي تعليمي قابليت ايتري هئي، جو هو سيمينار کي “سينيمار” چوندو هو! رڳو اهي ٻه ئي نه، پر سنڌ ۾ سڀني وزارتن جي ساڳي حالت آهي. پونين پنجن سالن ۾ جيڪي ٻيا ڪلور ٿيا آهن، تن جا داستان ڌار آهن. وزيرن تي نظر رکڻ جي ذميداري سائينءَ جي آهي. پر سائينءَ کي ان جي ڪا خبر ڪانهي. سائينءَ جو ٽيون دفعو وزير اعليٰ ٿيڻ ڪنهن وڏي معجزي کان گهٽ نه آهي. مقابلي ۾ ڪيترائي باصلاحيت، ذهني ۽ جسماني طرح قابل قبول ماڻهو هئا، پر سائين سڀني کي ملهه ماري ويو. ڪي چون ٿا هن وٽ ڪا گدڙ سنگهي آهي، ٻيا وري انومان لڳائين ٿا ته اها سندس ڪرامت آهي ،ٽيان چون ٿا اها سندس وفاداري آهي، جا پارٽي هاءِ ڪمان کي وڻي وئي. وفاداري برابر هڪ سٺو گڻ آهي، پر سنڌ ۾ وفادارن جي ڪڏهن ڪمي رهي آهي! سندس ڪم ڪرڻ جي صلاحيت جي به سڀني کي خبر آهي. ڪم کي ڪير ٿو پڇي، ڪم ته پيا ٿيندا آهن. اصل ڳالهه اها آهي ته سندس نيت ۾ کوٽ ناهي! نيڪ نيتي کڻي ڪيتري گهڻي ڇو نه هجي، پر وري به سوال اهو آهي ته آخر اسي سالن جي ڄمار ۾ ماڻهو ڪيترا ڪم ڪندو! هن عمر ۾ ته ماڻهو کي گوريون کائڻ ئي وسريو وڃن، ڪمن جي يادگيري ڪٿان رهندي! فائلن کي ٽيبلن تي پئي پئي ڊڀ اُڳيو وڃن. ڪم رليو وڃن. پوئين سال ترقياتي ڪمن جا اربين رپيا ليپس(ضايع) ٿي ويا. ٿي ويا ته ٿي ويا، ڪنهن کي به ان جي پرواهه ناهي. جنهن جذبي سان سنڌي ماڻهن پ پ پ کي ووٽ ڏنا، بلڪل انهيءَ جذبي سان کين قبلو سائين واپس موٽي مليو. اردو ٻولي ۾ انهيءَ لاءِ هڪ دلچسپ پهاڪو آهي، ”جيسي ڪو تيسا..“ سنڌيءَ ۾ به روح ۽ ختمن جي ڳالهه ڪيل آهي! عوام پارٽي ۽ سائينءَ ٻنهي جي دائم اقبال جو دعاگو آهي. دنيا ۾ بدنصيب ملڪن، خطن ۽ علائقن جي ڪمي ڪانهي، پر انهن ۾ سنڌ جي هڪ خاص حيثيت آهي. اها حيثيت انهي ڪري حاصل ٿي آهي ته انهن پاڻ پنهنجي لاءِ مسئلا پيدا ڪيا آهن يا انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. گذريل چاليهه سالن کان سنڌي ماڻهو اکيون پوري پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيندو اچي ۽ پارٽي به چاليهه سالن کان پنهنجي بي فيض حڪمراني واري روش تي قائم آهي. تنقيد پنهجي جاءِ تي، پر اها ڳالهه تسليم ڪبي ته پيپلز پارٽي وٽ سنڌ تي حڪمراني ڪرڻ جو اخلاقي جواز موجود آهي، ڇو ته عوام ان جي ڪارڪردگي ڏسي پوءِ ان کي ووٽ ڏنا آهن! ٻئي ڌريون مستقل مزاجي سان پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪري رهيون آهن. خبر ناهي ته هي قصو پراڻن ڦٽن ۽ اياڻن ويڄن جو آهي يا خراب طرز حڪمراني جو، باقي مفاهمت جي پاليسي ۽ جمهوريت جو حسن ڏسڻ وٽان آهي!
    husainkapri@yahoo.com
    The Kawish Group of PublicationB/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڀلا مُلي جو قانون ۽ اسلام جو قانون اهي ٻه الڳ قانون آهن ڇا؟
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    هههههه نه نه ادا! اصل ۾ اسان وٽ هت هڪڙا نيشنل ازم ۽ ڪجھ ٻيا دوست اسلام جو ٺيڪيدار مُلي کي سمجهندا آهن ان ڪري چيم۔
    پر ٺيڪيدار مُلان به واقعي آهن جيڪي اصل ۾ درٻاري مُلان هوندا آهن، پو هو اُهي فتوائون ڏيندا جنهن سان سرڪار خوش ٿئي!
    بحرحال! هي ته هڪ مزاحيه ڳالھ ٿي وئي، اصل ڳالھ تي اوهان جا ڪمينٽس ڪونه آيا!! جنهن جو شدت سان انتظار آهي۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. Nadeem Hussain Chang

    Nadeem Hussain Chang
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 نومبر 2013
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مينيجر يوٿ آف سنڌ
    ماڳ:
    Pacca Chang, Sindh, Pakistan
    پ پ انهن کان را وٺندي جيڪي ان جي اڳواڻن کي کارائيندا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو