”عرب نيوز“

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏19 جنوري 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    اڄ جي ”عرب نيوز“ اخبار ۾ تعليم ۽ ثقافت جي وزير عبدالعزيز خوجا اعلان ڪيو آهي ته:

    ”سعودي حڪومت سعودي عربستان ۾ موجود سڀني نجي ۽ اعلا تعليمي ادارن ۽ ڪاليجن ۽ ۾ وٺندڙ سڀني سعودي شاگردن جي 50 فيصد فيس ادا ڪندي ... “
    اهو انڪري ته شاگرد ٻاهرين ملڪن ۾ وڃڻ جي بجاءِ سعوديءَ عرب ۾ موجود تعليمي ادارن ۾ داخلائون وٺن ۽ ته جيئن ملڪ جو تعليمي معيار مٿاهون ٿي سگهي ... سعودي عرب سالياني بجيٽ جو تمام وڏو انگ تعليم تي خرچ ڪري رهيو آهي ....

    انکي چئبو آهي پنهنجي قوم کي اڳ کان اڳرو ڪرڻ ....

    دوستو مون ٻين قومن جي ترقيءَ کي پاڪستان سان ڀيٽ ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي ... جو ائين ڪرڻ سان اندر ۾ وڍ پون ٿا ۽ ممڪن ته دل جا دورا وڌي وڃن يا فشار خون جي بيماري تيز ٿي وڃي ... ان جو سبب پنهنجي ملڪ جي بربادي ۽ تباهي آهي جا هر روز گهري ۽ جامع ٿيندي پئي وڃي ...

    الله تعالا، چور، ڌاڙيل ۽ ظالم حڪمرانن کان سنڌين جي حفاظت ڪري ۽ جان ڇڏائي ... آمين

    sindhsalamatsaathsal
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ”عرب نيوز“

    سائين پاڪستان ۾ ايترا ڪيترائي اعلان ٿيندا رهن ٿا جيڪي رڳو اعلان تائين ئي محدود هوندا آهن، انهن کي جيڪڏهن 25 سيڪڙو به پاڙيوڃي ته پاڪستان جون مشڪلون آسان ٿي وڃن۔۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ”عرب نيوز“

    پر هي سعودي حڪومت جو صرف اعلان ناهي، اڳواٽ ئي عملي حڪمناما جاري ٿي ويا آهن ۔۔۔۽ ادارن کي هدايت نامه به پهچي ويا آهن ۔۔۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ”عرب نيوز“

    سائين اها ئي ته ڳالهه آهي عمل ۽ اعلان جو اهو سلسلو پاڪستان ۾ صحيح طور انجام نه ٿو ڏنو وڃي۔۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ”عرب نيوز“

    ادا نثار ابڙا بروبر سچ ٿو چوين پر۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    ٿر تي مينهن وسائي ڪير!
    اهڙو سارنگ ڳائي ڪير!

    توسان گڏجي ٽيبل تي،
    رت سان ماني کائي ڪير!

    هر ماڻهوءَ جِي ڄڀ وڍيل،
    انا الحق الائي ڪير!۔۔۔۔۔۔

    جنهن ۾ ٻرڻو آهي رت،
    اهڙو ديپ جلائي ڪير!

    بم گولي کان گوءِ کٽي،
    ايڏي وک وڌائي ڪير !

    ڪوسو رت ته ڏوڪي ويا،
    گوشت هڏا، ڳڙڪائي ڪير!

    ڪاراين کان هٿ وڍيا،
    هاڻي روٽ پچائي ڪير !

    جيري تائين پهچي وئي،
    اهڙي باهه وسائي ڪير !

    ”بيوس“ جهڙي رُسڻي کي،
    پيار ڏئي پرچائي ڪير !
    (تاجل بيوس)​


    اميد ته سولي سنڌي ۾ سمجهي ويو هوندين۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  6. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: ”عرب نيوز“


    ڪوٽار ڏنگو ، ڪمدار ڏنگو مختار ڏنگو سرڪار ڏنگي
    جنهن جاءِ هوندا اهي چار ڏنگا تنهن جاءِ هوندي هرڪار ڏنگي
     
  7. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: ”عرب نيوز“



    ادا باقي ته سڀ ٺيڪ پر الله تعالي هر مسلمان کي انهيءَ قسم جي نعري کان محفوظ رکي

    منهجي مراد صوفين واري اصطلاحي انا الحق آهي
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ”عرب نيوز“

    ”اناالحق“ عشق جِي اُها انتها آهي،جو دنيا جي هن وڏي ۾ وڏي سچ جا حقيقي پيروڪار مُرڪندي ۽ مَرِڪندي پنهنجي سسي وڍائيندا آهن ۽ تاريخ ۾ امر ٿي ويندا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ”عرب نيوز“

    سائين هن وقت اناالحق وارا ته ڪونه آهن ليڪن ڪافي نالي جا صوفي آهن جيڪي چون ٿا روزي نماز تي ٿوري آهي بس نيت صاف نماز معاف هڪ صوفي صاحب هڪ شخص کي مثال ڏئي سمجائي رهيو هو ته ادا مَٽَ ۾ پيشاب جو قطرو ڪري پوي ته پوء ان چيو ته پوء پليد ٿي ويندو ان چيو ڀلا درياه ۾ پوي ته پوء ان چيو اهو پليد نه ٿيندو جو اهو وهندڙ ۽ ڪثير پاڻي آهي صوفي صاحب چيو ته پوء اهو مثال آهي اسان جو ۽ مولوي جو اسان پليد ناهيون ٿيندا ۔ انصاف ته ڏسو نه اهڙي دعوي ڪنهن نبي ڪئي نه ڪنهن ولي الله ڪئي هي الائي ڪهڙي قسم جو درياء بنجي آيو آهي جيڪو پليد ئي ڪونه ٿو ٿئي بهرحال اصل ڳالهه سائين نثار ابڙو صاحب جن جي ته اسان جي ملڪ ۾ ننڍي کان وٺي وڏي آفيسر تائين سڀ چور ڌوڪيباز آهن ان ۾ اسان عوام به شامل آهيون جو اهڙن سيبتن کي ووٽ ڏئي پاڻ تي مسلط ڪري پوء رڳو روئڻ پٽڻ ۾ پورا آهيون جيڪڏهن عوام ۾ ايمانداري ۽ بيداري اچي وڃي ته لٽيرا ڀڄي ويندا پر اسان کي به بجلي چوري جي کپي ٽرين ۾ بنا ٽڪيٽ جي سفر جي سهولت کپي ڪنهن نه ڪنهن وڏيري جي نالي تي ڏوهه ڪري جيل وڃڻ کان آزادي کپي اگر اهي سوچون آهن ته پوء ائين ئي رهنداسين اڃا به بد حالي ايندي خوشحالي محال آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو