اڄوڪو ڏينهن 26 جون تاريخ جي دريءَ مان

'جون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 جون 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 26 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    26 جون 1893ع شاعر ۽ بزرگ سيد نجي الله شاهه راشدي (پير ڳوٺ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    26 جون 1927ع ليکڪ نور عباسي (ڀريا) جو جنم ڏينهن آهي.
    26 جون 1944ع راڳي ڀڳت ارجن ڪنواڻي (گمبٽ / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي.
    26 جون 1953ع شاعر اقبال شينو (دادو) پيدائش جو ڏينهن آهي.
    26 جون 1970ع شاعره پرهه سڪينه گاد (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    26 جون 1274ع مشهور اسلامي مفڪر ابو جعفر محمد نصير الدين طوسي جو انتقال ٿيو.
    26 جون 1946ع سياستدان تهلرام لوڪومل جي ديهانت ٿي.
    26 جون 1950ع موسيقار غلام علي چاڳلا (ڪراچي) جو انتقال ٿيو.
    26 جون 1955ع صحافي تلوڪچند شرما (ڀريا / اجمير) جي ديهانت ٿي.
    26 جون 1973ع شاعر محمد رمضان آزاد جو انتقال ٿيو.
    26 جون 2005ع شاعر مجرم لغاري (جهڏو) جو انتقال ٿيو.
    26 جون 2010ع مشهور شاعر احمد خان مدهوش (جوهي) جو لاڏاڻو ٿيو.
    26 جون 2016ع صوفي راڳي جمال الدين فقير لاڏاڻو ڪري ويو.
    26 جون 2020ع سياستدان ۽ اڳوڻو صوبائي وزير حاجي منور علي عباسي (لاڙڪاڻو) لاڏاڻو ڪري ويو.​
    26 جون 2020ع جماعت اسلامي جو اڳوڻو امير منور حسن وفات ڪري ويو.

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام​
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    181
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    ﻣﺠﺮﻡ ﻟﻐﺎﺭﻱ
    ﻧﺎﻣﻴﺎﺭﻭ ﺷﺎﻋﺮ
    ﺍﻟﻬﺠڙﻳﻮ ﺷﺎﺩ/ ﺟﻬڏﻭ
    ﻣﻴﺮﭘﻮﺭ ﺧﺎﺹ ﺟﻲ ﮘﻮﭞ ﻗﻴﺼﺮ ﺧﺎﻥ
    ﻟﻐﺎﺭﻱ ۾ ﻟﻌﻞ ﺑﺨﺶ ﻟﻐﺎﺭﻱ ﺟﻲ ﮔﻬﺮ ۾
    ۱۹۳۰ﻉ ۾ ﺟﻨﻢ ﻭﭠﻨﺪڙ ﻫﻮﺕ ﺧﺎﻥ ﻋﺮﻑ
    ﻣﺠﺮﻡ ﻟﻐﺎﺭﻱ، ﺍﺑﺘﺪﺍﺋﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺗﻌﻠﻘﻲ
    ڪﻮٽ ﻏﻼﻡ ﻣﺤﻤﺪ ﺟﻲ ﻣﺪﺭﺳﻲ ﻣﺎﻥ
    ﺣﺎﺻﻞ ڪﺌﻲ . ﺳﻨﮅﻱ ﻓﺎﺋﻨﻞ ﺟﻮ
    ﺍﻣﺘﺤﺎﻥ ﭘﺎﺱ ڪﺮﮠ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ، ٽﻴﭽﺮﺱ
    ٽﺮﻳﻨﻨﮓ ڪﺎﻟﻴﺞ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﻣﺎﻥ
    ڪﻮﺭﺱ ﻣڪﻤﻞ ڪﺮﻱ، ﺗﻌﻠﻴﻢ ﮐﺎﺗﻲ
    ۾ ﭘﺮﺍﺋﻤﺮﻱ ﻣﺎﺳﺘﺮ ﺟﻲ ﻧﻮڪﺮﻱ
    ﻭﺭﺗﺎﺋﻴﻦ. ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﻫﻦ ﺷﺎﻋﺮﻱ
    ﺷﺮﻭﻉ ڪﺌﻲ ۽ ٽﻴﻬﺎﺭﻭ ﮐﻦ ﺷﻌﺮ
    ﻟﮑﻲ ”ﺳﭻ ۾ ﻣﭻ “ ڪﺘﺎﺏ ﮀﭙﺮﺍﻳﺎﺋﻴﻦ.
    ﺍﻧﻘﻼﺑﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ﻭﺍﺭﻱ ڪﺘﺎﺏ ﺗﻲ
    ﺳﺮڪﺎﺭ ڪﺎﻭڙﺟﻲ ﭘﻴﺌﻲ ۽ ﺗﻌﻠﻴﻢ
    ﮐﺎﺗﻲ ﺳﻨﮅ ﭘﺎﺭﺍﻥ ﮐﻴﺲ ﺷﻮڪﺎﺯ
    ﻧﻮٽﻴﺲ ﻣﻠﻴﻮ. ﻫﻦ ﻭﺭﺍﺋﻲ ﺍﻥ
    ﻧﻮٽﻴﺲ ﺟﻲ ﭘﻮﺋﻴﻦ ﭘﺎﺳﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ
    ۾ ﺟﻮﺍﺏ ﻟﮑﻲ ﻭﺍﭘﺲ ﻣﻮڪﻠﻲ ڏﻧﻮ.
    ﺍﻥ ﺷﻌﺮ ﺟﻮﻥ ڪُﺠﻬﻪ ﺳِٽﻮﻥ ﻫﻦ
    ﺭﻳﺖ ﻫﻴﻮﻥ.
    ﭘُﺮﺍﮢﻲ ﺟﺎ ﭤﻲ، ﺳﺎ ﻧﺌﻴﻦ ڪﺎ ﻧﻪ ﭤﻴﻨﺪﻱ،
    ڏﻧﮕﻲ ﭘﺎﺳﺮﺍٽﻲ، ﺳﻨﺌﻴﻦ ڪﺎ ﻧﻪ
    ﭤﻴﻨﺪﻱ،
    ڪﮃﻳﻦ ﻧﻮڪﺮﻱﺀَ ﻣﺎﻥ، ﭜﻠﻲ ﺗﻮﻥ ڪﮃﻱ
    ﮀَڏ،
    ﺟُﺘﻲ ﻣﻮﻥ ﮐﺎﻥ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ، ﮐﻨﺌﻲ ڪﺎ
    ﻧﻪ ﭤﻴﻨﺪﻱ .
    ﺍﻫڙﻱ ﺟﻮﺍﺏ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﻧﻪ ﺻﺮﻑ
    ﺳﻨﺪﺱ ﻧﻮڪﺮﻱ ﺧﺘﻢ ڪﺌﻲ ﻭﻳﺌﻲ ﭘﺮ
    ﺳﻨﺪﺱ ﺷﻌﺮﻱ ﻣﺠﻤﻮﻋﻲ ﺗﻲ ﺑﻪ
    ﺣڪﻮﻣﺖ ﭘﺎﺑﻨﺪﻱ ﻣڙﻫﻲ ﮀڏﻱ. ﺳﭻ
    ﭼﻮﮠ ﺗﻲ ﻣﺠﺮﻡ ﮐﻮڙ ﺳﺎﺭﻳﻮﻥ
    ﺗڪﻠﻴﻔﻮﻥ ۽ ﺳﺨﺘﻴﻮﻥ ﺑﺮﺩﺍﺷﺖ
    ڪﻴﻮﻥ. ﺳﭻ ﻟﮑﮡ ﺟﻲ ڏﻭﻫﻪ ۾ ﻣﺮﺣﻮﻡ
    ﻣﺠﺮﻡ ﻟﻐﺎﺭﻱ ﺟﻴﻞ ﺟﻮﻥ ﺳﺨﺘﻴﻮﻥ ﺑﻪ
    ﺳَﭡﻴﻮﻥ .
    ﻣﺠﺮﻡ ﻟﻐﺎﺭﻱ ﻫڪ ﻣﺰﺍﺣﻤﺘﻲ ۽
    ﺍﻧﻘﻼﺑﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﻫﺠﮡ ﺳﺎﻥ ﮔڏﻭﮔڏ ﻫڪ
    ﺳﭡﻮ ﺻﺤﺎﻓﻲ ﭘﮡ ﻫﻮ . ﻫﻮ ڪڏﻫﻦ ﺑﻪ
    ڪﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺍﮘﻴﺎﻥ ڪﻮ ﻧﻪ ﺟُﻬڪﻴﻮ.
    ﻫﻮ ﺑﻲ ﭘﻬﭻ ۽ ﻫﻴﮣﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎﻥ
    ﻣﺤﺒﺖ ڪﻨﺪڙ ﻫﻮ ۽ ڪﻨﻬﻦ ﮐﻲ
    ﺗڪﻠﻴﻒ ﭘﻬﭽﺎﺋﻴﻨﺪڙ ﻧﻪ ﻫﻮ ﭘﺮ ﺗَﺮ ﺟﺎ
    ڪﺎﻣﻮﺭﺍ ۽ ﻭڏﻳﺮﺍ، ﻫﻦ ﮐﺎﻥ ﻟﻬﺮﺍﺋﻴﻨﺪﺍ
    ﻫﺌﺎ . ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﻠﻢ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﺠﻲ
    ﺧﻮﺷﺤﺎﻟﻲﺀَ ﺟﻮ ﻭﺳﻴﻠﻮ ﻧﻪ ﺑﮣﺎﻳﻮ، ﭘﺮ
    ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺩﻳﺲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ڏُﮐﻦ
    ﺧﻼﻑ ﺟﺪﻭﺟﻬﺪ ﺟﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ۾ ﻋﻤﻠﻲ
    ﻃﻮﺭ ﻫڪ ڪﺎﺭڪﻦ ﺟﻴﺎﻥ ﺷﺎﻣﻞ
    ﺭﻫﻴﻮ . ﻫﻮ ﺳﻨﮅ ﺗﺎﻥ ﺳِﺮ ڏﻳﮡ ﻭﺍﺭﻥ ﻣﺎﻥ
    ﻫﻮ .
    ﺟﻴﻞ ۾ ﺭﻫﮡ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻃﺒﻴﻌﺖ
    ﺧﺮﺍﺏ ﺭﻫﻨﺪﻱ ﻫﺌﻲ، ۽ ﺁﺯﺍﺩ ﭤﻴﮡ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ
    ﻫﻦ ﮐﻲ ﺩﻝ ﺟﻮ ﺩﻭﺭﻭ ﭘﻴﻮ ﭘﺮ ﺳﺘﺖ
    ﺋﻲ ﻋﻼﺝ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ﭠﻴڪ ﭤﻲ ﻭﻳﻮ. ﭘﺮ
    ڪﻤﺰﻭﺭﻱ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ﻫﻮ ﮔﻬﮣﻮ ڪﺮﻱ
    ﺑﻴﻤﺎﺭ ﺭﻫﻨﺪﻭ ﻫﻮ . ﺍﻫﺎ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ،
    ﺟﻴڪﻮ ﭠڪﺮ ﭠﻬﻴﻮ ﺁﻫﻲ، ﺍﻫﻮ ﻫڪ
    ڏﻳﻨﻬﻦ ﭜُﺮﮢﻮ ﺿﺮﻭﺭ ﺁﻫﻲ . ﺍﻫڙﻱ ﺷﺨﺺ
    ﺟﻮ ۲۷ ﺟﻮﻥ ۲۰۰۵ﻉ ﺗﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ
    ﻭﭼﺎﻥ ﻫﻠﻴﻮ ﻭﭸﮡ ﺿﺮﻭﺭ ﻫڪ ﻭڏﻭ ﺍﻟﻤﻴﻮ
    ﺁﻫﻲ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    181
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    ﺍﻗﺒﺎﻝ ﺷﻴﻨﻮ: ﻧﺎﻟﻴﻮﺍﺭﻭ ﺷﺎﻋﺮ ۽ ﭔﺎﺭﻥ ﺟﻮ
    ﻟﻴﮑڪ - ﺍﻗﺒﺎﻝ ﺷﻴﻨﻮ- 26 ﺟﻮﻥ 1953 ﻉ ﺗﻲ
    ﺩﺍﺩﻭﺀَ ۾ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻴﻮ. ﺍﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ۾ ڊﭘﻠﻮﻣﺎ
    ڪﺌﻲ ﺍﭤﺲ ۽ ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ﻫﺎﺀِ ﻭﻱ ۾ ﺳﺐ
    ﺍﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﺁﻫﻲ . ﻫﻮ ﺳﭡﻮ ﺷﺎﻋﺮ ﺁﻫﻲ . ﺳﻨﺪﺱ
    ﺷﺎﻋﺮﻱ ڪﻴﺘﺮﻥ ﺋﻲ ﺍﺩﺑﻲ ﺭﺳﺎﻟﻦ ۾ ﺷﺎﻳﻊ
    ﭤﻴﻨﺪﻱ ﺭﻫﻲ ﺁﻫﻲ. ﭔﺎﺭﻥ ﻻﺀِ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺟﻮ
    ﻟﮑﻴﻞ ڪﺘﺎﺏ ” ﺟﻬڙﺍ ﮔﻞ ﮔﻼﺏ ﺟﺎ“ 1986ﻉ
    ۾ ﮀﭙﻴﻮ. -ﺍﻥ - ﮐﺎﻥ ﺳﻮﺍﺀِ ڪﺠﻬﻪ ڪﺘﺎﺏ
    ﻭٽﺲ ﺍﮠ ﮀﭙﻴﻞ ﺻﻮﺭﺕ ۾ ﭘﻴﻞ ﺁﻫﻦ. ﻫﻮ
    ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ﺳﻮﻧﺎﺭﻱ ﭘﺎڙﻱ، ﺩﺍﺩﻭ ﺷﻬﺮ ۾ ﺭﻫﻲ
    ﭤﻮ
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين عبدالله جروار صاحب اوهان جا ٿورا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو