اڄوڪو ڏينهن 30 جون تاريخ جي دريءَ مان

'جون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 جون 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 30 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
    جنم ڏينهن:
    30 جون 1857ع سماجي اڳواڻ، ليکڪ، فلاسافر ديارام گدومل شهاڻي (حيدر آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    30 جون 1880ع سماجي اڳواڻ ۽ تعليم جي ميدان ۾ ڪم ڪندڙ آدمجي حاجي دائود ميمڻ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    30 جون 1903ع شاعر ۽ فريڊم فائيٽر مولوي نذير حسين جتوئي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    30 جون 1920ع ليکڪ بهاري ٽي مسند (شڪارپور / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    30 جون 1936ع صحافي محرم علي ڀٽي (نوابشاهه) جو جنم ڏينهن آهي.
    30 جون 1940ع ليکڪ محمد عثمان ٽڳو (ٽڳا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    30 جون 1955ع سماجي اڳواڻ نارائڻ ڪيسواڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    30 جون 1960ع اداڪار گورڌن نيناڻي (دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
    30 جون 1966ع مشهور عالمي باڪسر مائيڪ ٽائيسن جو جنم ڏينهن آهي.
    30 جون 1969ع سريلنڪن ڪرڪيٽر سنٿ جي سوريا جو جنم ڏينهن آهي.
    وڇوڙو:
    30 جون 1931ع بزرگ سيد حزب الله شاهه راشدي (پير ڳوٺ) جو لاڏاڻو ٿيو.
    30 جون 1942ع مذهبي اسڪالر ۽ سياستدان پير محمد اسماعيل جان جو انتقال ٿيو.
    30 جون 1979ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد ابراهيم بٺوي جي وفات ٿي.
    30 جون 2004ع مشهور سنڌي افسانه نگار ۽ ليکڪ جمال ابڙو لاڏاڻو ڪري ويو.
    _______
    اڄوڪي ڏينهن 30 جون جا ڪجهه اهم واقعا
    [​IMG]
    حواله:
    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    وڪيپيڊيا
    _______
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو