سنڌو ندي جي ڏينهن جي مناسبت سان هڪ آرٽيڪل

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏23 جنوري 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سنڌ ڇا هئي، ڇا ٿي وئي؟
    هي آرٽيڪل سنڌي ادب جي مشهور ليکڪ سائين اياز عالم ابڙو پاران اڄ 23 جنوري 2010 جي ڪاوش جي زينت بڻجيو۔۔ هن ۾ سنڌو نديءَ جي بابت تاريخي معلومات موجود آهي۔۔۔ سوچيم ته اوهان سان هن ڏينهن جي مناسبت سان ضرور ونڊ ڪجي۔ (مست ڄامشورائي)

    ليکڪ: اياز عالم ابڙو​

    جڏهن به انسان پنهنجي ذاتي مفادن کي ڀاڻ ڏيڻ ۽ طمع کي توانو ڪرڻ لاءِ فطرت سان هٿ چراند ڪئي آهي ته ان جا نتيجا هاڃيڪار ئي نڪتا آهن، دريا شاهه جي فطري آزادي کي بندن ۾ باندي بڻائي، گهرا گهاءُ ڏئي ڪئنال ڪڍي هن جي مستيءَ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ گهاٽ گهڙي، سنڌوءَ جي ساڃاهه کي سڃو ڪري ڄڻ ته شاهوڪار ۽ ساکائتي تهذيب کي دنيا جي نقشي تان ميسارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سنڌو سڪائي، دريا ڌڻين جي پيرن هيٺان ڌرتي کسڪائي رڻ ۾ روليو وڃي. دنيا جا پوتر ڪتاب ويد ۽ پراڻ ۽ ڪئين تاريخون، جاگرافيون سپت سنڌوءَ جا ڏس پتا ڏين ٿا. جڳ مشهور اسڪالر پروفيسر ماڻڪ پيٿاوالا لکي ٿو:

    It (The Indus) is an example of an antecedent drainage, having existed even before the great Himalyan up-heavals…(Prof: Manik Pithawala:
    (Marveles of the Earth,P.P 56-57)
    ”سنڌو دريا، سنڌ ڌرتيءَ جي جنم کان اڳ ئي موجود هو، جيئن ٻار جي جنم کان اڳ ماءُ جي ڇاتين ۾ ٿڃ اچي ٿي، تيئن سنڌ کي تاتي نپائي وڏو ڪرڻ لاءِ سنڌو دريا اڳ ئي حاضر هو.“ سنڌوءَ جي اکٽ ڦهلاءُ ۽ وشالتا بابت مئڪسمولر لکي ٿو: ”اڄ به سنڌو نديءَ جو پيٽ ديري اسماعيل خان کان وٺي ڪالاباغ تائين ايڏو وڏو آهي، جو ڪا ٻيڙي وچ سير ۾ هوندي ته نه ڪي اورين ڀر نظر ايندي، نه ڪي پرينءَ ڀر...!!“
    (Prof. Max Muller: India-what can it teach us? P.71)
    هندوستان جي امپيرئل گزيٽيئر، بينفي صاحب ۽ پروفيسر آپٽي واريون سنسڪرت ڊڪشنريون ۽ جنرل هيگ واري ڪتاب ”سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو علائقو“ ۾ سنڌ، سِندس، اِنڊس جي نالي حوالي ۽ ساکائتي سڃاڻپ بابت نهايت دليلن سان بحث ڪيل آهي. انهن جڳ مشهور ڏاهن ”سنڌو“ لفظ جو ڌاتو يا بنياد کولي ٻڌايو آهي، تنهن موجب سنسڪرت لفظ ”سيند“ Syand معنيٰ ”وهڻ“ يا اها ندي جيڪا سدائين پئي وهي (جنهن کي زوال ئي ناهي). مئڪسمولر جي خيال موجب، ”سنڌو ڌاتو آهي، ”سِڌ“ معنيٰ بچاءُ ڪرڻ، يعني ”سنڌو جٿان به وهي هلي ٿو، اتان ٻي ڀر کان خونخوار جانورن يا حملي آورن کان بچاءُ ڪري ٿو. اهو حوالو، اها ڄاڻ ڏئي ٿو ته جڏهن سڪندر اعظم جو لشڪر سنڌو ڪناري اچي بيٺو ته ان جي سمنڊ جهڙين موتمار اڇلن ۽ ڇولين ۽ شينهن جيان گجگوڙ ڪندڙ وهڪري کان دهلجي ويو هو.

    سڪندر اعظم کي اها ڄاڻ ڪو نه هئي ته هو جنهن شينهن دريا تي بيٺو آهي، تنهن جي ڌرتي سمنڊ ڄائي آهي ۽ اهو دريا اڳ ئي موجود هو. رگويد ۾ هيئن به چيل آهي ته: ”اي سنڌو! ”ورڻ ديوتا“ تنهنجي ”وهڻ“ لاءِ ڪئين ئي واٽون آهن.“ پارسين جي پوتر ڪتاب ”زند اوستا“ ۽ ٻين ڌرمي پستڪن ۾ هماليه وارين قطارن کي ”البوزر“ (مٿانهون جبل) سڏيو اٿن، جتان جيڪي نديون وهن ٿيون، انهن مان هڪڙي ”وهه“ (Veh) ندي آهي، جنهن لاءِ اڪثر مارٽن هاگ ڄاڻايو هو ته، اهو ”وهه“ لفظ ساڳيو ئي آهي، جنهن جو اچار پارسي ٻولي ۾ ”بهه“ (بهتر، چڱو يا چڱن کان چڱو، ٻين کان چڱو). جنهن ڪري چئبو ته اهو سنڌو ندي جو صفاتي نالو آهي، جيڪو هڪ مقدس ڪتاب ۾ پڙهجي ٿو. پارسين جي مذهبي ڪتاب ”بندهش“ ۾ سنڌوءَ جو ٻيو نالو ”مهرا“ ڄاڻايل آهي، جنهن جو مطلب ”مهر ڪندڙ، مهربان، ٻاجهه ڪندڙ“ ۽ ان مان هڪ لفظ ”مهراڻ“ به ملي ٿو. (اها مهراڻ سنڌو ندي جي هڪ ڌار شاخ هئي، جا اڀرندي ناري، ڍوري پراڻ ۽ ڪوري کاريءَ مان وهي ڪڇ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ڪاڪو ڀيرو مل لکي ٿو ته: پارسين جي ڪتاب ”بندهش“ ۾ جيڪڏهن ”مهراڻ“ بدران ”مهرا“ لکيل آهي ته اها ڪاتب جي چڪ چئبي (حوالو: نئين زندگي، جون- جولاءِ 1970ع ص 16). اهو ”مهراڻ“ هاڪڙو“ به سڏبو هو، جنهن کي ڪن تاريخ نويسن ”واهنده“به لکيو آهي. سو قديم زماني کان ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور تائين اڀرندي ناري جي پيٽ مان وهي، ڏيپلي جي ڏکڻ ڏانهن ڪڇ جي رڻ ويجهو هاڻوڪي ڍوري پراڻ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو. (پراڻ“ لفظ جي معنيٰ پراڻو يا جهونو دريا) ان پراڻ ۾ اڀرندو نارو اچي ڇوڙ ڪندو هو ته ان جا ڪنارا چوڏس اٿلي پوندا هئا. سو ڪوري کاري کان هلي، لکپت کان لنگهي ڪڇ جي ناري ۾ وڃي پوندو هو. ميان غلام شاهه ڏٺو ۽ پرکيو ته مهراڻ جو پاڻي ضايع ٿو ٿئي، سو ”پراڻ“ جي پريان بند ٻڌايو هئائين ته جيئن سنڌ جو پاڻي سنڌ ۾ رهي ڪتب اچي ۽ رڻ ۾ ضايع نه ٿئي. (ڪاڪو ڀيرو مل، نئين زندگي، جون- جولاءِ 1970ع، ص 17)

    1819ع ۾ خوفناڪ زلزلو آيو، نتيجي ۾ مهراڻ يا هاڪڙو هيڪاري سڪي ويو، پر اهو ته ٿيو قدرتي ڪارنامو، جو مهراڻ منهن موڙي ويو، پر هي هٿرادو اٿل پٿل ڪري (بند ٻڌي، ڪئنال ڪڍي) سنڌو سڪايو ويو آهي، تنهن لاءِ هي وقتائتو قدم آهي ته اليڪٽرانڪ پرنٽ ميڊيا جو استعمال ڪري پنهنجو ڪيس عالمي سطح تائين چٽو ڪجي، ان لاءِ 24 جنوري تي سنڌ ڄاوا دريا تي اچي گڏ ٿيندا، تنهن جو ڪو نه ڪو کڙ تيل ته نڪرندو. تاريخ حوالن ۾ جيڪو دريا پنٿين جو حوالو ملي ٿو، سي 24 جنوري تي لکن جي تعداد ۾ پاڻ پسائيندا، جيڪي درياهه کي هلي اچي دعائن جي ڀيٽا ڏيندا. ڪاوش ڪي ٽي اين سٿ وارا ساٿي سنڌ واسين جي اڳواڻي ڪندي ان مهان پرارٿنا جي سرواڻي ڪندا.

    اسان جيڪي دريا ڌڻي آهيون، مڇي ماني وارا هئاسين، آنيارا پلا کائيندا هئاسين، ان جو پاڻيءَ سان جياپو آهي، ان دريا ذريعي سڄي دنيا سان واپار وڙو ۽ ڪار وهنوار هلندو هو، اهو سڄو ايندڙ وقت جو اهڃاڻ آهي، جيڪو وري ضرور موٽي ايندو. هن لکت جي پڄاڻي رگويد جي شلوڪن سان ڪجي ٿي:

    اي سنڌو! جڏهن تون ميدان مان وهين ٿي، تڏهن بيشمار سيڌو پاڻ سان گڏ آڻين ٿي ۽ تنهنجي ان خزاني مان جهجهي پوک ٿئي ٿي، تنهنجو پاڻي اتم آهي،

    اي سنڌو، جيڪڏهن تنهنجي خوبصورتي جي ڀيٽ ڪجي ته تون ”نو ورني“ ڪنوار وانگر آهين، تون سدائين جوان ۽ سدا سهڻي آهين. سنڌو جي گجگاهه ڌرتيءَ تان اٿي ٿي ته آسمان لوڏيو ڇڏي... تون زور آور آهين، تنهنجي منهن ۾ مڻيا آهي ۽ ائين ٿو لڳي ڄڻ ”سنڌو“ ڪنهن ڍڳي وانگر رنڀندي پئي اچي، جيڪا پنهنجي اوهن ۾ مٺو کير کنيو, پنهنجن ڦرن ڏانهن ڊوڙندي پئي اچي

    اي سنڌو! تون سينا پتي (سپهه سالار) آهين، جنهن جي پويان ڪئين نديون هڪالينديون پيون اچن ۽ سڀني جي اڳيان شاهاڻي شان سان ڌوڪيندي پئي اچين. تون ندين جي مهندار آهين. اي سنڌو تون اجيت آهين (توکي ڪير به فتح نٿو ڪري سگهي) تنهنجي پاڻيءَ ۾ وڏي تک (تيزي) آهي، تون چوڏس ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڪاهيندي ٿي وڃين.... جيڪي به چرندڙ شيون آهن، تون سڀني ۾ تيز تکي لاڏلي آهين.

    روزنامه ڪاوش 23 جنوري 2010 تان ورتل
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌو ندي جي ڏينهن جي مناسبت سان هڪ آرٽيڪل

    ٿورا اوهانجا جو اوهان مختصر ئي سهي پر تمام معلوماتي ليک سائين اياز عالم ابڙي صاحب جو پڙهايو۔ موقعي ۽ مناسب سان وقتائتو آهي ۔۔۔ ۽ جڏهن سڀاڻي سنڌ ڄاوا هر طرف کان سنڌو درياهه تي اچي گڏ ٿيندا ته يقين ڄاڻو منظر ڏسڻ وٽان هوندو ۔۔۔

    رب العالمين سنڌوءَ کي سڪڻ کان بچائي ۔۔۔ باقي اسين چڙهي ته ظالمن جي ور ويا آهيون۔۔۔ جن جو نه دين آهي نه ايمان ۔۔۔ بس پئسي جا پٽ آهن ۔۔۔ مسلمانن جي وڳي ۾ فرعون آهن ۔۔۔

    واڳ ڌڻيءَ وس، آءُ ڪا پاڻ وهيڻي ۔۔۔

    sindhsalamatsaathsal
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌو ندي جي ڏينهن جي مناسبت سان هڪ آرٽيڪل

    lajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharing
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو