سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ٽيتاليهون (43) ڪتاب سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاءِ (نوٽس) شاگردن لاء پيش ڪجي ٿو. هن نوٽس جي سهيڙ سائين عبدالحئي سومرو صاحب جي محنتن جو نتيجو آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر گل حسن لاکو جي ڪوششن جو ثمر آهي. اسان ڪوشش ۾ آهيون ته سنڌي شاگردن لاءِ خاص نوٽس ۽ سائنسي معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون. هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
توهان جا لک ٿورا جو توهان اهڙا مددگار نوٽس شيئر ڪيا آهن. عرض ته ڊائون لوڊ واري لنڪ تي ڪلڪ ڪرڻ کان جيڪا ايڊ اچي ٿي ان کي اسڪپ ڪرڻ جي باوجود به هي نوٽس ڊائون لوڊ نٿا ٿين. مهرباني ڪري ڪو حل ٻڌايو.
سائين محترم سليمان جي خدمت ۾ عرض آهي ته پنهنجي ايميل ٻڌائين اسان به هڪ ڪتاب سندن جي بارگاهه ۾ پيش ڪرڻ چاهيون ٿا
شايد مطلوبه فولڊر ڪنهن سبب ڊليٽ ٿي ويو آهي. تنهنڪري ڪتاب ٻيهر ڪمپوز ڪري اپلوڊ ڪندس .... بس ڪجهه ڏينهن جي مهلت ڏيو.