سنڌي نثر جو پهريون ڪتاب ڪهڙو آهي؟!

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ گل حسن لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏6 جولائي 2013۔

  1. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    26 جون 2013ع تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران سنڌ جي تعليم ۽ خواندگيءَ واري کاتي ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرارن جي ڀرتين لاءِ لکت وارو امتحان ورتو ويو، جنهن ۾ 36 سوال سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ متعلق هئا، ۽ 14 سوال عام معلومات جا هئا، سنڌيءَ جي سوالن ۾ ڪي سوال اهڙا به هئا، جن ۾ اسان کي اڃا تائين مونجهارو آهي، جن جا جواب واضح صورت ۾ نه ٿا ملن، ۽ سنڌي ادب جي اُستادن توڙي شاگردن ۾ روبرو، موبائيل ۽ انٽرنيٽ تي ان حوالي سان هڪ بحث هلي رهيو آهي. هر ڪو پنهنجي علمي آڌار تي مختلف ڳالهيون پيو ڪري، انهن ۾ خاص طرح سان اهو سوال آهي ته، ”سنڌي نثر جو پهريون ڪتاب ڪهڙو آهي؟“ جنهن جي جواب ۾ ٻه نالا ٿا کنيا وڃن، هڪڙو ديوان نند پرام جو لکيل درسي ڪتاب ”بابنامو“، جيڪو 1853ع ۾ شايع ٿيو، ٽالپر دور ۾ آخوند عبدالعزيز يا عزيز الله مٽياري واري جو ڪيل قرآن پاڪ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو، ان ترجمي لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو ته، ”اهو پهريون ڀيرو بمبئي مان 1877ع ۾ شايع ٿيو، هاڻي جيڪڏهن آخوند عزيز واري ترجمي کي سنڌي نثر جو پهريون ڪتاب قرار ڏجي، ته پوءِ عرب دور ۾ 855ع ۾ منصوره جي عرب عالم طرفان ڪيل قرآن شريف جي سنڌي نثري ترجمي کي ڇا چئجي؟! پوءِ ته سنڌي نثر جو پهريون ڪتاب عرب عالم وارو ڪيل اهو ترجمو ٿيو، سنڌي ادب جي تاريخ لکندڙ، جن ۾ محمد صديق ميمڻ، منگهارام ملڪاڻي، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ مختيار ملاح شامل آهن. اهي سنڌي نثر جو پهريون ڪتاب آخوند عزيز واري قرآني ترجمي کي قرار ڏين ٿا. ساڳئي سواليه پرچي ۾ ٻيو منجهائيندڙ سوال اهو هو ته، ”حروف علت بيمار اکرن کي چئبو آهي، (صحيح/غلط).“ لفظ علت جي معنيٰ ته سنڌي لغتن ۾ بيماري، مرض، اَگهائي، عادت ۽ هيرَ لکيل آهي، پر ساڳين سنڌي لغتن ۾ ”حروفِ علت“ جي معنيٰ اها لکيل آهي ته، ”ٻئي ڪنهن حرف سان گڏجي اُچار ٺاهيندڙ اکر (ا، و، ي)“انهن لغتن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ واري هڪ جُلدي سنڌي لغت، جيڪا لئنگويج اٿارٽيءَ وارن ڇپائي آهي ۽ عبدالستار بلوچ واري سنڌيڪا لغت شامل آهن، فيروز اللغات (اردو) ۾ ”حروفِ علت“ جي معنيٰ لکيل آهي ته، ”اهي حروف جيڪي حروفِ صحيح کي متحرڪ ڪن (ا، و، ي).“ هاڻي خبر ناهي ته، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وارن وٽ انهن ٻنهي سوالن جو صحيح جواب ڪهڙو آهي؟!
    ارشاد علي چَنجَڻُ/گهوٽڪي
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سوال سڀئي اهم آهن۔۔۔ هن موضوع ۾ سائين نثارابڙو کي ٽيگ ڪجي ٿو۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    موضوع تحقيق طلب آهي ۔۔۔ سنڌ جي تاريخ سان تاريخي طور تي ستم ظريفي اها آهي ته سنڌي قوم وٽ ٻولي ته پراڻي زماني کان موجود آهي ۔۔۔ ٿوري گهڻي فرق سان عربن جي حڪمراني کان اڳ به سنڌي ٻولي موجود هئي، پر عربن جي حڪومت جي اثر هيٺ عربي اثر ۽ قرآن ۽ حديث جي علم سبب سنڌي ٻولي کي وڌيڪ لفظن جو ذخيرو مليو ۔۔۔ عربن جي حڪمراني دوران عربن جي ٻولي جو اثر ٿيو ۽ عربي ڪتابن کي سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪيو ويو، جنهن ۾ قرآن شريف به هيو ۽ وري ڪجهه سنڌي حڪمت ۽ علم رياضي جي ڪتابن کي عربي ۾ ترجمو پڻ ڪيو ويو هو ۔۔۔۔
    هاڻ سوال اهو آهي ته موجود سنڌي ڪتاب نثر ۾ هيا يا بيتن جي صورت ۾ ۔۔۔؟؟؟ حڪمت کي شاعري جي تتبع تي لکڻ يا رياضي کي شاعري جي تتبع تي لکڻ ڪجهه مشڪل آهي، انڪري انهن کي نثري ڪتاب ئي چئبو ۔۔۔ پر اهي ڪهڙي لپي ۾ هيا ۔۔۔؟ انجو جواب به ان وقت جي حالتن مطابق سنسڪرت جي پراڪرت يا جنهن کي گرمکي چئجي ٿو تنهن ۾ لکيل هوندا ۔۔۔۔
    جنهن مان اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته جيڪي ڪتاب سنڌي حڪيمن يا رياضيدانن جا ڪتاب هيا سي سنڌي نثر ۾ هيا ۽ انهن کي فائديمند ڄاڻندي عربي ۾ ترجمو ڪيو ويو ۔۔۔

    انگريزن جي دور ۾ سنڌي صورتخطي ۽ گرامر کي هڪ منظم شڪل ڏني وئي ۔۔۔ ان کان اڳ نثر يا نظم عربي فارسي صورتخطي جي مدد سان لکجڻ لڳو هو، خاص ڪري سنڌي مسلمان عربي فارسي استعمال ڪندا هئا ۽ ان وقت به اسانجا هندو سنڌي گرمکي ۾ لکندا هئا انڪري انگرزن کان اڳ واري زماني ۾ هندو سنڌين جيڪو نثر لکيو هوندو ۔۔۔ خط و ڪتابت ڪئي هوندي سا پڻ سنڌي ٻولي جو حصو ئي سمجهڻ گهربي هئي ۽ انهن کي مناسب جڳهه ملڻ گهربي هئي ۔۔۔

    افسوس جي سنڌي مسلمانن يا سنڌي هندن، سنڌي ٻولي ۾ پئدا ٿيل ان ذخيري کي ڪا مناسب جڳهه ڏئي نه سگهيا ۽ حاڪمن جي رحم و ڪرم تي پئدا ٿيندڙ ادب تي ئي هلندا رهيا ۔۔۔ عربي ۽ فارسي جي اثر وارا اديب، انهن ٻولين ۾ لکندا رهيا ۽ هندو وري ان پراڻي ذخيري کي يا ته ضايع ڪيو يا وري ممڪن اڄ به سندن وٽ ڪي پراڻا هٿ اکري لکيل ڪتاب موجود هجن ۔۔۔۔

    انگريزن جي اچڻ کانپو سنڌي لکڻ پڙهڻ جا قانون لاڳو ٿيا ته اهي پراڻا ڪتاب جيڪي ديوناگري يا گرمکي ۾ لکليل هيا سي يا ته ضايع ٿيا يا وري گم ۔۔۔ باقي جيڪي عربي فارسي يا انگريزي ڪتاب هيا انهن جا ترجما شروع ٿي ويا ۔۔۔۔

    قرآن شريف جو پراڻو ترجمو پڻ ممڪن ديوناگري ۽ گرمکي ۾ هجي ته جيئن سنڌي اڪثريت جيڪا هندن جي هئي سا سمجهي سگهي ۔۔۔ انکانپو مسلمان عالمن جيئن جيئن عربي سمجهه ۾ اچڻ شروع ٿي ته ڪتابن ۾ عربي ٻولي رائج ڪندا رهيا ۔۔۔ ۽ اهڙي طرح انگريزن جي زماني ۾ قائم ٿيل حرف و نحو مطابق نئين سري سان ترجما ۽ تخليقون ٿيڻ لڳيون ۔۔۔

    باقي جيڪي دوست تحقيق سان لاڳاپيل آهن، اهي مختلف ڪتابن جي مدد سان تحقيق ڪري اهو سوال حل ڪري سگهنٿا ۔۔۔ سنڌ جي نثري تاريخ پڻ لکيل آهي، ان مان پڻ مدد ملي سگهي ٿي ۔۔۔ مونکي تمام گهڻا سال ٿيا جو ڪتابن کان پري آهيان ، انڪري دوست رشيد سمون جي ڪيل اشاري مطابق ڪو جواب ڏيڻ کان قاصر آهيان ۔۔۔

    سنڌ جي تاريخ سان اسان سنڌين جيڪا مذهبي اثرن هيٺ حالت ڪئي آهي سا به افسوسناڪ آهي ۔۔۔۔ بس ائين لڳندو آهي ته سياري جي باهه هرڪو پاڻ ڏي سوري ۔۔۔ حقيقت واري تحقيق ٿيڻ گهرجي ته جيئن اصل سامهون اچي۔

    ٻيو سوال ته حرف علت، جيئن انگريزي ٻولي ۾ واولز آهن تئين سنڌي ٻولي ۾ حرف علت آهن ۔۔۔ جن جي مدد سان اکرن کي ملائي لفظ ٺاهجن ٿا ۔۔۔ جيئن دوست لاکي صاحب لکيو آهي۔

    لک قرب دوست گل حسن لاکي صاحب جا، جو اهڙو اهم موضوع موڪليو اٿس۔۔۔۔
     
  4. sanaullah solangi

    sanaullah solangi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Los Angeles, California
  5. اياز علي لغاري

    اياز علي لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جولائي 2015
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    ڌنڌو:
    سنڌي ٻولي جو ماھر استاد
    ماڳ:
    سکر
    حروف علت بيمار اکرن کي چئبو آهي، (صحيح/غلط)
    ھن جو جواب ته خود سوال ۾ موجود آھي باقي بحث ڪرڻ جي ڪا به ضرورت نه آھي. ڳالھ صرف سمجھ جي آھي. الف، و ۽ ي ڪمزور اکر آھن ان ڪري انھن کي حرف علت يعني بيمار اکر چئبو آھي. ھاڻي ڪمزور اکرن مان ڇا مراد آھي؟ جڏھن ٻار ڄمندو آھي ته سڀ کان پھريان ڪمزور آواز ڳالھائڻ سکندو آھي، جيئن آ، وا، يا. ٻار ڪڏھن به پھريون آواز با، تا، سا وغيره نه ڳالھائي سگھندو آھي ڇو ته اھي صحيح حرف يا طاقتور اکر آھن، حرف علت، صحيح حرفن جي آواز بدلائڻ ۾ ڪم آندا ويندا آھن. 90 في سيڪڙو سنڌي ماڻھن کي اھا به خبر نه آھي ته سنڌي ۾ حرف علت ڪيترا آھن؟ سنڌي ۾ حرف علت 10 آھن جن کي اسان ڪڪ چوندا آھيون. انھن ۾ ٽي حرف علت ننڍا يعني زبر، زير ۽ پيش آھن باقي ست حرف علت وڏا آھن جيڪي الف، ي زير، و پيش، ي، ي زبر، و ۽ و زبر آھن.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏6 جولائي 2015
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو