مولانا عبدالڪريم چشتي رحه

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالحئي چاچڙ طرفان آندل موضوعَ ‏9 جولائي 2013۔

  1. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    عبدالحئي چاچڙ


    مولانا عبدالڪريم چشتي رحه
    سنڌ جو مشهور نامور صحافي،عالم،فاضل۽ جيد عالم مولانا عبدالڪريم چشتي ولد ميان عبدالله ولد صاحب ڏنو جي ولادت 1898ع مطابق 1216ھ ۾ شڪارپور ۾ جنم ورتو. مولانا صاحب شروعاتي تعليم سن 1904ع ۾ مولانا عبدالغفور وٽ فارسي ۽ قرآن شريف ان کانپوءِ غلام رسول چشتي ۽ مولانا عبدالرحمن ميمڻ وٽ پڙهي سن 1818 ع ۾ دستاربندي ڪيائين ۽علامه عبدالرحمان صاحب کان فقهه اصول،حديث تفسير ،ادب ۽ منطق پڙهيائين. سن 1917ع ۾ سندس والد صاحب وفات ڪئي جنهن جي صدمي سندس دل کي سالن تائين اثرائتو بڻائي ڇڏيو آخر ڪار شڪارپور ۾ رهندڙ ڪامل ولي ميان امين شاه چشتي رحه جو خليفو بڻيو ان ڪري مولانا پاڻ کي چشتي جي لقب سان سڏائيندو هو.
    مولانا صاحب طب جو وڏو ماهر هو.مولانا صاحب 1918ع ۾ ڊاڪٽر ايني بيسنت جي صحبت ۾ اچي ”انڊين هوم رول ليگ“ ۾ شامل ٿيو ،مولانا صاحب آزادي جو ڪوڏيو هو سندس صحافتي زندگي عجيب هئي آخر ڪار مولانا صاحب آگسٽ 1927ع ۾ جيڪب آباد مان ”صداقت“ اخبار ڪڍيائين جا پنجن مهينن کانپوءِ مسٽر ٽانوري ايڊيٽر ”الحنيف“ جي حوالي ڪيائين ان کانپوءِ شڪارپور مان ”پيغام“ هفتيوار اخبار جاري ڪيائين جيڪا ڇهن مهينن تائين هلندي رهي،ڪجهه وقت لاءِ لاڙڪاڻي مان ”پاڪستان“ اخبار ڪڍيائين ،مولانا صاحب ”جمهور“هفتيوار اخبار شڪارپور ،روزانه ”الوحيد“ اخبار ڪراچي،روزانه ”آزاد“ اخبار ۽ روزانه ”مجاهد“ اخبار ڪراچي ۾ پڻ ايڊيٽر رهيو هو.
    مولانا صاحب پهريون ڀيرو 1926ع ۾ حج تي ويو حج جي دوران مولانا صاحب کي ”خدام الحجاج“ جو صدر چونڊيو ويو۽ ٻيون ڀيرو 1932ع ۽ ٽيون ڀيرو 1933ع ۽ چوٿون ڀيرو 1944ع ۾ حج تي ويو.مولانا صاحب سن 1921ع ۾ مدرسه محموديه جو بنياد وڌو ۽ 1924ع ۾ ”انجمن اشاعت اسلام“ جو شڪارپور ۾ بنياد وڌو.
    مولانا صاحب پنهنجي پراثر تقريرون سبب قطع تعلقات هلچل ۾ ٽي ڀيرا جيل پڻ ويو پهريون ڀيرو 144 مهينا ۽ ٻيون ڀيرو 108 مهينا ۽ ٽيون ڀيرو 17مهينا جيل ڪاٽيو.
    مولانا صاحب کي ”جميعت الشعراءِ“ طرفان منعقد ڪيل سنڌ ادبي ڪانفرنس (9 نومبر 1950ع) جي موقعي تي ”سبحان سنڌ“ جو لقب سان نوازيو ويو.
    پاڻ تحريڪ ۾ سرگرميءِ سان حصو وٺندي ڪيتري وقت تائين ”سنڌ خلاف ڪاميٽي “ جو نائب صدر به هيو ۽هن تحريڪ کانسواءِ مولانا صاحب ”جميعت العلماءِ هند“ جو ميمبر به رهيو ۽ آزاد قومي پارٽي “ جو نائب ناظم پڻ رهيو آهي.
    مولانا چشتي ،مولانا تاج محمود امروٽي سان هر تحريڪ ۾ شامل ٿيو امروٽي صاحٻ سنڌ جي علمائن جو صدر رهيو ۽ مولانا چشتي ان جو ميمبر رهيو جڏهن خلافت تحريڪ ،هجرت تحريڪ ۽ عدم تعاون ۾ مولانا امروٽي سنڌ ۾ اڳواڻي ڪئي ڌڏهن مولانا عبدالڪريم چشتي ،امروٽي صاحب سان هميشه گڏ ۽ انهن تحريڪن جو سرگرم رڪن ٿي رهيو ۽ ان سلسلي ۾ مولانا چشتي صاحب ٽي ڀيرا جيل پڻ ڪاٽيو.
    مولانا عبدالڪريم چشتي هڪ اديب ۽ محقق پڻ هيو مولانا صاحب ڪيترائي ڪتاب لکيا انهن جو نچوڙ هيٺ ڏجي ٿو.
    سنڌي ڪتاب:
    (1) هدايات محمدي (2) انوار محمدي (3) حالات محمدي (4) ڪمالات محمدي (5) احسانات محمدي (6) وصال محمدي (7) حبيب خدا (8) آئينه حق (9)تلوار حق (10) آفتاب حق (11) صراة المستقيم (12)برهان رباني (13) حجت حقاني (14) اهليت المومنين (15) شهيد ڪربلا (16) قضيه ڪربلا (17) امام اعظم
    (18) امام شافعي (19) محبوب سبحاني (20) امام رباني (21) سلطان الهند (22) بيان المعراج (23) نور خدا (24) جواهرات (25) تعليم الاسلام (26) مجاهد اسلام (27) اولياءِ السلام (28) رهبر حج (29) علامات قيامت (30) امير معاويه (31) تقديس الرسول (32) پيغام محبت (33) جواب لا جواب (34) عملن جو انجام (35) مجموعه وظائف (36) ڪتاب النڪاح (37) هدايت المسلمين (38) ميلاد نبي (39) باطل نبوت (40) طاهرات (41) قرآني دعائون (42) پيغمبري دعائون (43) مجربات چشتيه (44) پنج سورة مترجم
    (45) شعاءِ الاسقام (46) عبدالڪريم (47) معجزات محمدي
    فارسي ڪتاب :
    (1) قرب قيامت (2) معامله باغ فدڪ (3) القول مقبول (4) القول الاطهر (5) التلقين و هدايت (6) ڪشف الفطاءِ (7) رافع الحب التلقين و هدايت (6) ڪشف
    الفطاءِ (7) رافع الحب
    وفات:
    هي علم جو روشن ڏيئو 19 صفر المظفر 1384ع مطابق 31 مارچ 1964 ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ کيس شڪارپور جي قديم قبرستان ۾ ابدي ننڊ ۾ ستل آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لک قرب

    اوهان سنڌ جي جيده عالم بابت سهڻي معلومات فراهم ڪئي۔ مان تاريخ جي ورقن مان جي 31 مارچ واري پني ۾ سائين بابت لنڪ شامل ڪري ڇڏيو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو