1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

مڪمل خلاصه تراويح..............

'رمضان المبارڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏11 جولائي 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,587
    ورتل پسنديدگيون:
    5,544
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    شڪر آهي ان ذات جو جنهن جي هٿ ۾ منهنجي زندگي آهي ۔۔۔ جنهن هن ڀلاري مهيني ۾ بخشش وٺڻ جو هڪ دفعو وري موقعو عطا ڪيو۔۔۔
    شڪر الحمد لله اڄ رمضان الڪريم جهڙي ڀلاري مهيني جنهن ۾ قرآن پاڪ کي لاٿو ويو جي شروعات سنڌ ۾ ٿي چڪي ۔۔۔ ان طرح هن مهيني جي راتين جي پهرين رات ۾ پهرين تراويح پڻ پڙهڻ جي توفيق ملي ۔۔۔
    قرآن پاڪ ۾ ارشادِ پاڪ آهي ته
    ۽ اسان قرآن کي سمجهڻ لاءِ آسان ڪيو آهي ته ڪو آهي جو ان ۾ سوچي ۽ سمجهي؟
    (سورة قمر، آيت نمبر:71)
    هن بابرڪت مهيني جي راتين ۾ پڙهيون ويندڙ تراويحن جو خلاصو اسان جي معزز ميمبر محبتي محمد يوسف دل صاحب جن ترجمو ڪيندي گذريل سال ۾ غزالي اڪيڊمي ميرپور خاص طرفان ڪتابي صورت ۾ ڇپايو آهي۔۔۔
    دوستن جي ايمان کي تازو ڪندي هتي تراويحن جي مڪمل سلسلي کي انشاء الله روزانو جي بنياد تي پيش ڪيو ويندو۔۔۔

    ڪتاب تي نظرثاني فرمائيندي مولانا امير الدين مهر سائين لکن ٿا ۔۔۔۔

    بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ​
    الحمد لله رب العالمين والصلوٰة والسلام علي رسوله الکريم و عليٰ اٰلهٖٖ و اصحابه اجمعين والعاقبة اللمتقين. امام بعد​
    مسلمان امت وڏي خوشقسمت ۽ ڀاڳن واري آهي جو وٽن الله تعاليٰ جو ڪلام ۽ ٻنهي جهانن جو وسيلو پنهنجي اصل شڪل ۾ موجود آهي. انهن آيتن، اچارن ۽ لهجي ۽ قرات ۾ پوري طرح محفوظ آهي. ٻئي پاسي ڏسجي ته افسوس ٿئي ٿو جو امت محمدي ۾ ناظره پڙهيل به پنجاهه سيڪڙي کان وڌ ناهن. وري قرآن مجيد جي معنيٰ ۽ مطلب سمجهڻ وارا ته ڪي ڳاڻ ڳڻيا ئي آهن. ۽ وري قرآن مجيد تي عمل ڪرڻ جي لحاظ سان ڏسجي ته اڃان ٿورا بلڪ تمام ٿورڙائي آهن.
    قرآن شريف پنهنجي باري واضح فرمايو. وَ لَقَدْ يَسَّرْنَا الْقُرْاٰنَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ۰۰(القمر 54:17) بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت لاءِ تمام سولو ڪيو آهي. پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو.
    اهوئي ڪارڻ آهي جو قرآن پڙهڻ، سمجهڻ، ان ۾ غور فڪر ڪرڻ ۽ ان جي حڪمن تي عمل ڪرڻ ان جي تعليم کي ٻين تائين پهچائڻ جي ترغيب ڏيارڻ ۽ تبليغ لاءِ چيو ويو. ان مقصد لاءِ روزانو تلاوت ڪرڻ ، معنيٰ ۽ ترجمو پڙهڻ لاءِ ترغيب ڏنل آهي.
    رمضان المبارڪ قرآن مجيد جو مهينو آهي جنهن لاءِ نبي اڪرم ﷺ ارشاد فرمايو: جنهن شخص رمضان جي راتين ۾ قرآن ٻڌو ته ان جا گناهه بخشيا ويندا. وري ارشاد آهي ته قرآن مجيد قيامت جي ڏينهن پنهنجي پڙهندڙ لاءِ الله تعاليٰ وٽ شفاعت ڪندو ۽ اها شفاعت قبول پوندي.
    رمضان المبارڪ ۾ ئي قرآن نازل ٿيو ان ڪري ان جي هڪ رات کي اها فضيلت ۽ درجو مليو جو ان جي عبادت هزار مهينن کان وڌيڪ ٿي پئي.
    اسلامي ڀائرو! الله تعاليٰ هڪ ڀيرو اسان کي اهو موقعو ڏنو جو رمضان جي سعادت نصيب ٿي. ان مان برڪت ۽ سعادت حاصل ڪندي. ڏينهن جا روزا رکي الله تعاليٰ جو حڪم مڃون ۽ ۽ رات جو تراويحون پڙهي نبي سائين جي سنت ادا ڪريون ۽ قرآن مجيد سان لئون لائي سچا مسلمان ٿيون.
    تراويح جي خلاصي کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ اسان جي نوجوان محمد يوسف دل کي اها سعادت ملي جو هن سولو سلوڻو ترجمو ڪيو. وري غزالي اڪيڊمي کي اها توفيق ملي جو ڇپرائي پڌرو ڪري ۽ توهان جي خدمت ۾ پيش ڪيو.
    اوهان کي گذارش ڪجي ٿي هر رات تراويحن کان پوءِ هڪ خلاصو نمازين کي پڙهي ٻڌائيندا.
    والسلام​
    توهان جو ديني ڀاءُ​
    امير الدين مهر​
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,587
    ورتل پسنديدگيون:
    5,544
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پهرين تراويح
    اڄ جو بيان پهرئين سوا سيپاري جي تلاوت تي ٻڌل آهي. يعني سوره فاتحھ ۽ سوره بقره جون 176 آيتون.
    حقيقت ۾ سورة فاتحه هڪ دعا آهي، جيڪا الله تعاليٰ هر انهيءَ انسان کي سيکاري ٿو، جيڪو هن ڪتاب جو مطالعو شروع ڪري ٿو. باقي سڄو قرآن انهيءَ دعا جي جواب ۾ الله تعاليٰ جي طرفان، جڏهن بندو دعا ڪري ٿو ته ”منهنجا رب! منهنجي رهنمائي فرماءِ. مان تنهنجو ئي ٻانهو آهيان ۽ تو کان ئي مدد گهران ٿو.“ منهنجو رب کيس ان دعا جي جواب ۾ هي پورو ڪتاب عطا ڪري ٿو. هيءَ آهي اُها هدايت، جنهن جي تو مون کان گهر ڪئي هئي.
    سورت بقره: الله تعاليٰ جو ارشاد آهي: ”قرآن مجيد الله کان ڊڄڻ وارن جي رهنمائي ڪري ٿو.“ هيءَ هدايت انهن ماڻهن جي ڪم نٿي اچي، جن ۾ هدايت حاصل ڪرڻ جي صلاحيت نه آهي. اُهي گونگن ۽ ٻوڙن وانگر محروم رهندا آهن. هن سورة ۾ غيب تي ايمان آڻڻ ۽ نماز قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ ايمان جو شرط ٻڌايو ويو آهي ته قرآن سان گڏ ٻين الهامي ڪتابن تي ايمان آندو وڃي، آخرت تي يقين رکيو وڃي ۽ الله جي ڏنل رزق مان الله جي راهه ۾ خرچ ڪيو وڃي. منافقت کان روڪيو ويو آهي، جهنم جي عذاب کان ڊيڄاريو ويو آهي ۽ جنت جي خوشخبري ڏني وئي آهي.
    ان کان پوءِ حضرت آدم ؑ جي پيدائش ۽ ان کي پنهنجو خليفو بنائڻ ۽ ان سلسلي ۾ فرشتن ۽ آدم ؑ جي امتحان جو ذڪر ڪيو ويو آهي. الله تعاليٰ جي حڪم سان فرشتن سيدنا آدم ؑ کي سجدو ڪيو، جڏهن ته ابليس انڪار ڪيو ۽ هو تڙجي ويو. ابليس جي ڀلائڻ سان آدم وحواعليھ السلام الله تعاليٰ جي حڪم جي نافرماني ڪئي ۽ اُهي جنت مان زمين ڏانهن لاٿا ويا. ٻنهي جي توبه قبول ڪئي وئي.
    ان کان پوءِ موسيٰ ؑ جو ذڪر آهي. هو ڪوهِ طور تي ويو ته سندن غير موجودگي ۾ سندس قوم گابي کي پنهنجو معبود بڻائي ڇڏيو. پوءِ به الله تعاليٰ کين معاف فرمايو ۽ انهن جي لاءِ مَن سَلويٰ جي غذا عطا ڪئي ۽ انهن جي ٻارهن قبيلن جي لاءِ پاڻيءَ جا ٻارهن چشما معجزاڻي طور تي عطا ڪيا. پر سيدنا موسيٰؑ جي قوم يهود ناشڪري ۽ گهٽ ذهنيت وارا منافق ثابت ٿيا. نتيجًا عذاب ۾ وڪوڙيل رهيا.
    هاڻي سيدنا ابراهيم ؑ جي عظمت جو ذڪر آهي. هُو پنهنجي رب جي هر آزمائش ۾ ڪامياب ٿيو. پوءِ الله تعاليٰ اُن کي ۽ اُن جي پٽ سيدنا اسماعيل ؑ جي هٿان خانه ڪعبه تعمير ڪرايو. هن مبارڪ موقعي تي سيدنا ابراهيم ؑ، الله تعاليٰ کان هيءَ دعا گهري: ”سندن جي قوم ۾ هڪ اهڙو نبي پيدا فرماءِ، جيڪو الله جي آيتن جي تلاوت ڪري، ساري دنيا کي هدايت ڪري.“ هيءَ (بشارت) هئي اسان جي پياري رسولﷺ جي ظهورِ قدسي جي طرف. ان کان پوءِ قبلي جي مٽائڻ جو ذڪر آهي. بيت المقدس جي بجاءِ خانه ڪعبه جي طرف منهن ڪري نماز پڙهڻ جو حڪم مليو ۽ پوءِ نماز، زڪواة، حج ۽ قرباني جا احڪام نازل ٿيا. مردار رت ۽ سور جو گوشت حرام قرار ڏنو ويو ۽ غير الله جي نالي تي ڪيل سڀ شيون حرام ٿيون.
    شال الله پاڪ اسان کي قرآن مجيد جي ڏسيل هر آيت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)

    اول نالو الله جو، جو ڏيندڙ ڏيهه ساري
    ڏيئي نه پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,587
    ورتل پسنديدگيون:
    5,544
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ٻي تراويح
    اڄ جي تراويح ٻئي سيپاري جي چوٿين حصي کان ٽئين سيپاري جي اڌ تائين ڪيل تلاوت تي مشتمل آهي. سورة بقره ۾ گهڻي حد تائين اسلامي دعوت، حقوق الله، حقوق العباد، زندگي جي نظام ۽ معاشرتي تعليم جو نچوڙ آهي.
    نماز، روزي ۽ حج جا حڪم به موجود آهن. زڪواة، صدقات، گڏيل مشاورت، شادي، طلاق، عدت، وصيت، ڏيتي ليتي ۽ قرض جي باري ۾ تعليم ڏنل آهي.
    وياج، شراب ۽ حرام وحلال شين جي بابت هدايت ڪئي وئي آهي. امر ونهي يعني جائز ۽ ناجائز ڳالهين جي تعليم جو به وڏو حصو شامل آهي، جنهن کي اسلامي ضابطه حيات چوندا آهن.
    اڄ جي تلاوت جي سلسلي ۾ ايمان جو شرط ٻڌايو ويو آهي ته: ”ايمان آڻيو الله تي، الله جي رسول تي، قيامت جي ڏينهن تي، فرشتن تي، پيغمبرن تي ۽ انهن سڀني ڪتابن تي، جيڪي مختلف پيغمبرن تي نازل ڪيا ويا.“
    ۽ حڪم ڏنو ويو: ”پنهنجي مال مان والدين، مٽن مائٽن، يتيمن، مسڪينن، مسافرن ۽ غلام جي مدد ڪرڻ ۾ خرچ ڪريو.“
    قتل جي باري ۾ خون جي بدلي خون ۽ جيڪڏهن مقتول جا وارث راضي هجن ته خون بها يعني معاوضي جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ شراب ۽ جوا بلڪل منع ڪيو ويو آهي.
    مشرڪ ۽ مسلم مرد عورت جو نڪاح جائز قرار ڏنو ويو آهي.
    ٻارن کي ٻن سالن تائين پنهنجو يا غير عورت جو کير پيارڻ جي اجازت ڏنل آهي.
    وياج جي ڏيتي ليتي سختيءَ سان حرام ڪئي وئي آهي.
    هن سورة مبارڪ ۾ پيغمبرن جي دل جي اطمينان جي لاءِ مُردن ۽ جانورن کي زنده ڪري ڏيکارڻ جو ذڪر ٿيل آهي.
    پوءِ آخر ۾ الله تعاليٰ پنهنجن بندن کي دعا ڪرڻ جا الفاظ ۽ طريقا سيکاريا آهن. هن سورة ۾ ڪيترا ئي دفعا قرآني آيتن تي غور ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو ويو آهي. (ان لاءِ ضروري آهي ته قرآن مجيد جو مڪمل ترجمو پڙهجي ۽ ٻڌجي، جيئن قرآن جي ڏنل تعليم جو مقصد پورو ٿي سگهي)
    سورة آل عمران جي پهرئين ارڙهن آيتن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عبادت جي لائق صرف الله جي ذات آهي ۽ هي ته قيامت ضرور برپا ٿيندي ۽ عملن جي جزا ۽ سزا ضرور ملندي. قرآن مجيد ان ڪري نازل ڪيو ويو آهي ته حق ۽ باطل کي الڳ الڳ ڪري ڇڏي ۽ اهو ٻڌايو ويو آهي ته جنگ بدر ۾ الله تعاليٰ جهڙي طرح مسلمانن کي فتح عطا ڪئي، ان ۾ سمجهڻ وارن لاءِ نشانيون ۽ غور ڪرڻ وارن لاءِ وڏي عبرت آهي. ارشاد ٿيو ته: ”اهلِ ايمان مشڪل حالتن ۾ صبر ڪن ٿا، الله جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا ۽ رات جي پوئين حصي ۾ الله تعاليٰ کان پنهنجي گناهن جي معافي گهرن ٿا.“
    شال الله پاڪ اسان کي هن هدايت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
    ***
    اول نام الله جو، جو ڏيندڙ ڏيهه ساري
    ڏيئي نه پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو
     
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,733
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جزاك الله خير...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,587
    ورتل پسنديدگيون:
    5,544
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ٽين تراويح
    اڄ جو بيان ٽئين سيپاري جي اڌ کان چوٿين سيپاري جي ٽئين حصي تائين جي تلاوت تي مشتمل آهي. هن ۾ جنگ بدر ۽ جنگ احد ٻنهي جو ذڪر آهي. جنگ بدر ۾ مسلمانن جي تعداد 313 هئي، جن وٽ مناسب بنيادي هٿيار به نه هئا، جڏهن ته ڪافرن جي تعداد هڪ هزار هئي ۽ اُهي پوري ريت هٿياربند هئا. الله تعاليٰ فرشتن جي مدد سان مسلمانن جي اهڙي ريت مدد فرمائي جو کين فتح نصيب ٿي. هيءَ جنگ اچڻ وارين گهڻين جنگين جو سبب ٿي. جنگ بدر ۾ شڪست کان پوءِ مڪي جي سڀ کان وڏي لشڪر مديني تي چڙهائي ڪئي ۽ اُحد جي ميدان ۾ مسمانن سان جنگ ڪئي. هن جنگ ۾ فتح ٿيندي ٿيندي مسلمانن کي شڪست ٿي، ڇوته فوج جي هڪ حصي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله والسلم جي هدايت ۽ حڪم جي خلاف عمل ڪندي ڀڄي ويل دشمنن جو مال ڦرڻ شروع ڪيو. مسلمانن جي انهيءَ حرڪت جي ڪري فتح، شڪست ۾ تبديل ٿي وئي. ايتري حد تائين جو حضور اڪرم صلي الله عليه وآله والسلم جي چهري مبارڪ تي زخم آيا. منافقين پڻ مسلمانن سان دوکو ڪيو ۽ فتني برپا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. الله تعاليٰ مسلمانن جي غلطين جي نشاندهي ڪري اصلاح جي متعلق هدايت ڏني. ارشاد ٿيو: ”ڏنگي ذهن وارا ماڻهو قرآن سان پنهنجي مرضي جا مطلب ڪڍڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اهڙا ماڻهو انهيءَ عذاب ۾ گرفتار ٿيندا.“
    ارشاد باري تعاليٰ آهي: ”غير مذهب وارن کي پنهنجو رازدان نه بڻايو.“ يهودين وانگر عيسائي به اسلام جي دعوت جا سخت مخالف هئا، ڇاڪاڻ ته نبي ڪريم صلي الله عليه وآله والسلم ۽ عيسائين جي وچ ۾ معاهدو رکيو ويو ته ٻئي ڌريون پنهنجي معاملي کي الله جي حوالي ڪندا. جيڪو ڪوڙو ٿيو، انهيءَ تي الله جي لعنت هجي. پر عيسائي انهيءَ تي قائم نه رهيا. الله ڪوڙين قسمن جي کائڻ جو سخت منع ڪيو آهي.
    الله ڌن، دولت کي ٻانهي لاءِ الله جي آزمائش قرار ڏنو آهي ۽ بخل کان منع فرمايو آهي. ڌن، دولت ۽ اولاد ڇٽڪاري جو ذريعو ڪونهي، پر ڇٽڪاري جو ذريعو تقويٰ ۽ پرهيزگاري آهي. مؤمن قرآن تي يقين رکي ٿو ۽ عاجزي، انڪساري سان الله جي بارگاهه ۾ دعا گهري ٿو. اُهي قرآني سورتن جو معاوضو نٿا وٺن. مؤمن جي نيڪ اعمال جو صلو سندس رب وٽ آهي. تاڪيد فرمائي وئي: ”اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان جو ڪفارن سان مقابلو ٿئي ته ميدان ۾ ثابت قدم رهو ۽ پنهنجي مورچن تي پير ڄمائي بيهي رهو.“
    شال الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
    ***
    اول نام الله جو، جو ڏيهن جو ڏتارا
    ڏيئي پچاري نه پار، مڙنيان مهربان گهڻو
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,587
    ورتل پسنديدگيون:
    5,544
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    چوٿين تراويح
    هي بيان چوٿين سيپاري جي ٽن حصن کان پنجين سيپاري جي ختم ٿيڻ تائين جي تلاوت تي ٻڌل آهي.
    الله تعاليٰ جو ارشاد آهي: ”جيستائين افواهن جي ڪري چڱي ريت معلوم نه ڪيو وڃي، ان وقت تائين ان جي اشاعت کي روڪيو وڃي، ڇوته منافقين غلط افواهه پکيڙي مسلمانن کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.“ مسلمانن کي هيءَ هدايت ڏني وئي آهي ته پنهنجي ڪردار ۽ اخلاقي سطح کي مٿانهون رکن، جيئن ڪفار جي مقابلي ۾ توهان پنهنجي گهٽ تعداد هوندي ڪاميابي حاصل ڪريو. پر يهودين، عيسائين ۽ مشرڪن جا مذهبي ساڙ ۽ اخلاق وعمل تي تنقيد ڪئي ويئي آهي ۽ انهن کي دينِ حق جي طرف اچڻ جي دعوت ڏني ويئي آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”توهان آدم جو اولاد آهيو، انهيءَ لاءِ معاشري کي خراب نه ڪريو.“
    حڪم ٿيو ته: ”يتيمن جو مال انهن کي واپس ڪريو. انهن جي سٺي مال سان پنهنجو خراب مال نه بدلايو.“
    هن سورة ۾ تيمم جي اجازت پڻ ڏني وئي آهي ۽ نماز قصر ڪرڻ، نماز خوف ادا ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي. پوءِ زالن جي تعداد مقرر ڪندي ارشاد فرمايو ويو آهي ته: ”جيڪڏهن توهان زالن سان انصاف نه ڪري سگهو ته هڪ زال سان گذاريو ۽ ٻين زالن جو مهر خوش دلي سان موٽايو.“
    ملڪيت مرد ۽ عورت جا حصا مقرر ڪيا ۽ قرض جي واپسي کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
    بدڪار عورت تي چار شاهدن لازمي قرار ڏنو ويو ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي قيد ۾ رکڻ جو حڪم مليو. بدڪار مردن لاءِ سخت سزا جو حڪم ٿيو، پر توبه ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو ويو آهي. پر آخري وقت جي توبه قابلِ قبول نه آهي.
    ان کان پوءِ رشتن جو تفصيل آهي، جن سان نڪاح جائز آهي. مقرر ڪيل مهر ۾ زالن جي رضامندي سان گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿي. متعو ڪرڻ محض شهوت کي پورو ڪرڻ آهي، ان ڪري حرام آهي. ڪاروبار ۾ گڏيل رضامندي سان مناسب منافع جائز آهي. پر ظلم ۽ هيرا ڦيري ناجائز آهي، جنهن جي سزا جهنم آهي. وڏن گناهن جي بچڻ جي ڪوشش سان ننڍن گناهن جي شرط توبه معاف ٿي وڃي ٿي. عورتون جيڪڏهن نافرمان ۽ قابو کان ٻاهر هجن ته کين سزا ڏيئي سگهجي ٿي. پر سزا ڏيڻ جو بهانو ڳولڻ سخت گناهه آهي. زالن ۾ جيڪڏهن ناراضگي ٿي وڃي ۽ گڏيل فيصلو نه ٿي سگهي ته ٽياڪڙي مقرر ڪيو وڃي.
    بخيل ۽ ناشڪرن ماڻهن لاءِ ذلت جو عذاب آهي. نشي ۽ ناپاڪيزگي جي حالت ۾ نماز جائز ڪونهي. پاڻي نه هجڻ جي صورت ۾ غسل، ناپاڪي ۽ وضو جي بدلي تيمم جائز آهي. مسلمانن کي امانتون واپس ڪرڻ، انصاف ڪرڻ ۽ خيانت نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي ويئي آهي، جهاد جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ گواهي جو رتبو اعليٰ رکيو ويو آهي. مسلمان لاءِ موت کان ڊڄڻ بزدلي آهي. مسلمانن کي جهاد جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ شاهدي صاف لفظن ۾ ڏيڻ گهرجي. منجهيل شاهدي ناجائز آهي. ايتري حد تائين سچي شاهدي جا نقصان توهان جي ذات يا پنهنجي ڪنهن عزيز جي ذات تي به اچي رهيا هجن، ته به شاهدي سچي ڏيڻ گهرجي.
    ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: شرڪ کي هرگز معاف نه ڪيو ويندو ۽ خطائون ان جي رحمت سان معاف ٿي سگهن ٿيون.
    شال الله پاڪ اسان کي قرآن مجيد جي پيغام تي عمل جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)

    اول نام الله جو برڪت، برڪت بي شمار
    ڏيهن جو ڏاتار، سو سٻاجهو سڀني پرين
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,733
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جزاڪ الله خير سائين۔۔۔
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,587
    ورتل پسنديدگيون:
    5,544
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پنجين تراويح
    اڄ جو بيان ڇهين سيپاري جي شروع کان ستين سيپاري جي چوٿين حصي جي تلاوت تي مشتمل آهي. سوره مائده ۾ ارشاد ٿيل آهي: ”شريعت جي پابندين جو پورو پورو احترام ڪريو، حج لاءِ احرام ٻڌڻ کان پوءِ حلال جانور جو شڪار ڪرڻ پڻ حرام آهي. مردار جانور، رت، سور جو گوشت، غير الله جي نالي سان ذبح ڪيل جانور، گُهٽو ڏيئي ماريل جانور، ٻئي جانور جو شڪار ڪيل جانور ۽ مرده جانور حرام آهن، پر ان کان جيڪو مرڻ کان پهرئين الله جي نالي تي ذبح ڪيو وڃي. الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته: ”فال ۽ ڍارن کان پنهنجي قسمت جو حال معلوم ڪرڻ جي منع ڪيل آهي، ڇوته اهو ڪم فاسقن جو آهي. فائدو ۽ نقصان سڀ الله جي طرف کان آهي. توهان پنهنجي دين تي ايمان رکو، جنهن کي هاڻي الله تعاليٰ مقرر ڪري ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي نعمت توهان تي پوري ڪري ڇڏي اٿس، پر شرعي پابندين جو احترام ۽ حلال وحرام جو خيال رکو.“
    ارشاد ٿيو: ”توهين پرهيزگار ۽ شڪر گذار ٿيو.“ هن سورة ۾ مذهبي، تمدني، معاشرتي ۽ سياسي زندگي جي متعلق حڪم نازل ٿيا آهن. سفرِ حج جا آداب، دين جي اصولن جو احترام، حرام ۽ حلال جون حدون، اهلِ ڪتاب سان نڪاح ۽ لاڳاپا، وضو، غسل ۽ تيمم جا فائدا، فساد ۽ چوري جون سزائون، شراب ۽ جوا جي ممانعت، قسم ٽوڙڻ جو ڪفارو ۽ گواهي جي قانون متعلق حڪمَ نازل ٿيا آهن. چوري ڪرڻ وارو مرد هجي يا عورت، اُن جي سزا هٿ ڪٽڻ آهي. الله تعاليٰ جو ارشاد ٿيو آهي ته: ”يهودين ۽ نصارن کي پنهنجو دوست نه ٺاهيو، ڇوته اُهي پاڻ ۾ هڪ سازش جي تحت دوستي ڪري ويٺا آهن.“
    عيسائين جو عقيدو واضح ڪفر آهي. الله تعاليٰ نبي ڪريم صلي الله عليه والسلم کي مخاطب ڪري فرمايو: ”ڪافرن جي ڪفر کان غمزده نه ٿيو. ڪافرن جي دل ۾ قيامت تائين عداوت ۽ بغض وجهي ڇڏيو آهي. ظالم بي يار ومددگار آهي ۽ مشرڪ تي بهشت حرام آهي. ها جيڪڏهن پهرئين قومن مان ٻين مذهبن وارا ماڻهو جيڪي نيڪ عمل ڪندا هوندا ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکڻ وارا ڇوٽڪارو حاصل ڪندا.“
    الله تعاليٰ جو ارشاد آهي: ”ايمان وارؤ! جيڪي پاڪ شيون الله تعاليٰ توهان لاءِ حلال ڪيون آهن، انهن کي پاڻ تي حرام نه ڪريو. جيڪڏهن اوهين ڪنهن حلال شيءِ کي پنهنجي مرضي مطابق پاڻ لاءِ حرام ڪيو ته الله جي قانون جي بدران، پنهنجي نفس جي پيروي ڪندؤ.“ جيئن: عيسائي راهبن وانگر دنيا کي ترڪ ڪرڻ، حلال لذت کي پنهنجي مٿي حرام ڪرڻ غلط ۽ ناجائز طريقو آهي.
    اي مسلمانؤ! توهان ڄاڻي ٻجهي قسمَ کڻو ٿا ۽ پوءِ انهن قسمن تي قائم رهڻ جي بدران انهن کي ٽوڙي ڇڏيو ٿا. انهن تي توهان کان پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي. انهيءَ قَسم جو ڪفارو اهو آهي ته ڏهن مسڪينن کي ماني کارايو يا انهن کي ڪپڙا پارايو يا هڪ غلام کي آزاد ڪريو، نه ته ٽن ڏينهن جا روزا رکو.
    اي مسلمانؤ! شراب، جوا، ڍارا، آستانه، فال جهڙا سڀ ڪم شيطاني ڪم آهن. قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ پنهنجن پيغمبرن کان سندن اُمت جي باري ۾ سوال ڪندو ته اُهي عرض ڪندا: اسان کي گهڻو علم ڪونهي، جنهن جو تو اسان کي حڪم ڏنو هو، باقي سڀ لڪل حقيقتن جو ڄاڻندڙ صرف تون آهين.
    اي مؤمنؤ! توهان تي احرام جي حالت ۾ شڪار ڪرڻ حرام قرار ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن ڄاڻي ٻُجهي ائين ڪندو ته اُن جو ڪفارو توهان کي ڏيڻو پوندو. بدلي ۾ قرباني ڪريو يا ٻن مسڪينن کي کاڌو کارايو يا انهيءَ جي بدران روزا رکو ته به پنهنجي ڪيئي جي سزا ملندؤ.
    شال الله پاڪ اسان کي ڪلام پاڪ جي ڏنل هدايتن تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
    ***
    اول نالو الله جو، برڪت بي شمار
    سو ڏيهن جو ڏاتار، سو سٻاجهو سپرين
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,733
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جزاڪ الله خير سائين۔۔۔
     
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,587
    ورتل پسنديدگيون:
    5,544
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڇهين تراويح
    اڄ جو بيان ستين سيپاري جي چوٿين حصي کان اٺين سيپاري جي تلاوت تي ٻڌل آهي. الله تعاليٰ سيدنا عيسيٰ ؑ کي فرمايو ته: ”مون توکي ڪهڙي طرح پيدا ڪيو ۽ پوءِ ڪهڙا ڪهڙا معجزا توکي عطا ڪيا ۽ ڪهڙيون نعمتون توکي ۽ تنهنجي ماءُ کي ڏنيون ۽ ڪهڙي طرح تنهنجي قوم کي نوازيو، ته هاڻي توهين سڀ جواب ڏيو، توهان ماڻهن کي چيو ته الله کي ڇڏي توکي ۽ تنهنجي ماءُ کي پنهنجو رب ٺاهيو؟ اُهي جواب ڏيندا: هرگز نه! اوهين دلين جا حال ڄاڻڻ وارا آهيو. مون تنهنجي ڏنل حڪم جي مطابق صرف تنهنجي بندگي جي هدايت ڪئي هئي. هدايت جي باوجود جيڪڏهن ماڻهن ڪفر ڪيو ته اي الله! تون انهن کي سزا ڏين يا معاف ڪرين، تون غالب ۽ دانا آهين.“
    هاڻي سورة انعام شروع ٿئي ٿي.
    الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته: ”ڪفارن جي ته طريقو ئي اهو آهي ته پيغمبرن جو مذاق ۽ ٺٺوليون ڪن ۽ انهن کي جادوگر ٺاهين، پر الله تعاليٰ جو دين مٿن غالب ٿي رهندو. نه مڃڻ وارن جو انجام برو آهي. الله تعاليٰ ۽ بناوتي خدائن ۾ هي فرق آهي ته الله رزق ڏئي ٿو، وٺي نٿو. جڏهن ته غير الله پنهنجي پوڄارين کي رزق ڏيڻ بدران وٺڻ جا محتاج آهن.“
    الله تعاليٰ نبي ﷺ جن سان فرمائي ٿو ته: ”ڪافرن جي منهن موڙڻ کان پريشان نه ٿيو، بلڪه صبر ڪريو، الله تعاليٰ جي مدد توهان کي اچي پهچندي.“ ڪنهن جي اعمالن جو پڇاڻو ٻئي کان نه ٿيندو. هر شخص پنهنجي اعمال جو پاڻ ذميدار هوندو. ڪافرن کي پنهنجو انجام معلوم ٿي ويندو. الله تعاليٰ حشر جو ڏينهن برپا ڪندو. هو دانا ۽ باخبر آهي.“
    الله تعاليٰ سيدنا ابراهيم ؑ جي معرفت الاهي جو واقعو ٻڌائيندي ارشاد فرمائي ٿو ته: ”اي اهلِ قريش! جهڙي طرح توهين پنهنجي پيغمبرن کي ڪوڙو چوندا رهيا آهيو، اهڙي طرح ابراهيم ؑ جي قوم به ان جي منڪر هئي. اي ماڻهؤ! ان شخص کان وڏو ظالم ڪير هوندو، جيڪو الله تعاليٰ تي ڪوڙا بهتان هڻي ۽ اُن جي آيتن جي مقابلي ۾ سرڪشي ڪري؟ الله قيامت جو وعدو فرمايو آهي ۽ قيامت يقينًا اچڻ واري آهي. ظالم ڪڏهن فلاح حاصل ڪري نه سگهندا. الله تعاليٰ نبي ﷺ کي ارشاد فرمائي ٿو ته: ”ايمان آڻڻ وارن کي چئي ڇڏ. جيڪڏهن منڪرين الله تعاليٰ کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي پڪارين ته اُن جي معبودن کي گاريون نه ڏيو. ڪٿي ائين نه ٿي پوي جو جواب ۾ الله تي گستاخي ڪرڻ لڳن. الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو ته: ”اي محمد صلي الله عليه والسلم! چئي ڇڏ، مون کي منهنجي پروردگار سڌو رستو ڏيکاريو آهي. منهنجي نماز، منهنجي عبادت، منهنجو جيئڻ ۽ مرڻ، سڀ الله لاءِ ئي آهي، جنهن جو ڪو شريڪ ڪونهي.“ فرمايو ويو:
    1. الله تعاليٰ سان ڪو شريڪ نه ڪريو.
    2. والدين سان سهڻو سلوڪ ڪريو.
    3. پنهنجي اولاد کي مفلسي جي ڊپ کان قتل نه ڪريو.
    4. بي حيائي ۽ بي شرمي جي ڪمن جي ويجهو به نه وڃو.
    5. ڪنهن جي جان کي هلاڪ نه ڪريو، پر حق سان.
    6. ماپ تور ۾ پورو انصاف ڪريو.
    7. ڳالهه انصاف جي ڪريو، معاملو کڻي ويجهي رشتيداري جو ڇو نه هجي.
    8. يتيمن جي مال کي ويجهو نه وڃو.
    9. قول وقرار پورو ڪريو، کڻي الله سان هجي يا بندن سان هجي.
    شال الله تعاليٰ عمل جي توفيق ڏي. (آمين)

    اول نالو الله جو ، ڏيهن جو ڏاتار
    جو ڏيئي نه ڪري پچار، سٻاجهو سڀني کي سپرين
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,587
    ورتل پسنديدگيون:
    5,544
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ستين تراويح
    اڄ جي تراويح ۾ بيان اٺين سيپاري جي اڌ کان نائين سيپاري جي ٽن حصن جي تلاوت تي ٻڌل آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اي ماڻهؤ! پنهنجي رب کي ڇڏي ٻين سرپرستن جي پويان نه لڳو. قرآن جي پيروي ڪريو. قيامت جي ڏينهن انهن ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ضرور ٿيندي، جن ڏانهن پيغمبر موڪليا ويا آهن ۽ پيغمبرن کان به پڇيو ويندو ته توهان پنهنجو فرض ڪيتري قدر نڀايو ۽ انهن ماڻهن جي طرفان توهان کي ڪهڙي موٽ ملي؟ ماڻهن کي قيامت ۾ ميزان جي مرحلي مان ضرور گذرڻو پوندو.“
    ”اي انسانو! توهان کي زمين تي سڀ اختيار ڏئي آباد ڪيو ويو. توهان جي پيدائش جي وقت توهان کي فرشتن کان سجدو ڪرائي عزت بخشي سين ۽ توهان کي نعمتن سان مالا مال ڪيوسين، پر توهين گهٽ ئي شڪرگذار ٿيندا آهيو. اي بني آدم! الله جي مقرر ڪيل حد کان نه وڌو، الله حد کان وڌڻ وارن کي پسند نٿو ڪري. الله حرام ڪري ڇڏيا بي شرمي جا ڪم، ظاهر هجن يا لڪل. الله سان گڏ ڪنهن کي شريڪ ڪرڻ حرام آهي. الله جو نالو وٺي اهڙي ڳالهه ڪرڻ جنهن جو توهان کي علم نه هجي ته الله تعاليٰ اُها ڳالهه ارشاد فرمائي به آهي يا نه. الله تعاليٰ سان سرڪشي ڪرڻ وارن جو جنت ۾ داخل ٿيڻ ائين ناممڪن آهي، جيئن اُٺ جو سُئي جي ناڪي مان لنگهڻ. پر نيڪ عمل ڪرڻ وارن لاءِ جنت جي خوشخبري آهي. اي ماڻهؤ! توهين الله کي سڏيو خوف ۽ اميد سان الله تعاليٰ جي رحمت ماڻهن جي ويجهو آهي.“
    ان کان پوءِ الله ڪيترن ئي پيغمبرن ۽ انهن جي امتن جي حالتن ۽ واقعن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ماڻهن جي سرڪشي ۽ بد اعمالين جي ڪري انهن تي الله جي طرفان مٿن مختلف عذاب نازل ٿيندا هئا. انهن جو ذڪر ان ڪري فرمايو ويو آهي ته جيئن ماڻهو انهن مان نصيحت ۽ عبرت حاصل ڪن ۽ دعوت ورسالت قبول ڪري هدايت حاصل ڪن.
    هي عبرت انگيز واقعا ٻڌائڻ کان پوءِ الله تعاليٰ نبي صلي الله عليه والسم کي ارشاد فرمائي ٿو: ”اي نبي صلي الله عليه والسم ! ماڻهن کي ياد ڏيار ته پهرئين ڏينهن کان سڀني انسانن جي روحن کي جمع ڪري پڇيو ويو: ”ڇا مان توهان جو رب ناهيان؟“ ته سڀني جواب ڏنو: ”بيشڪ تون ئي اسان جو رب آهين. اسين سڀ انهيءَ جي شاهدي ڏيون ٿا.“ الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو ته: ”ڇا ماڻهو هاڻي انهيءَ اعلان کي ڀلجي ويا آهن جو شرڪ ۾ مبتلا ٿيا آهن؟“
    الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته: ”نفس پرستي جي ڪري ماڻهن جي حالت ان ڪُتي وانگر آهي، جنهن جي زبان لالچ جي ڪري ٻاهر لڙڪندي رهندي.“ اهڙن ماڻهن کي جهنم لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي، ڇوته انهن وٽ دل آهي پر سمجهن نٿا ، انهن وٽ اکيون آهن پر ڏسن نٿا ، انهن وٽ ڪن آهن پر ٻڌن نٿا. اُهي جانورن وانگر آهن، بلڪه انهن کان به ويل آهن. هي ئي اهي ماڻهو آهن، جيڪي غفلت ۾ پيل آهن.“
    الله تعاليٰ نبي صلي الله عليه والسم جن کي ارشاد فرمايو ته: جيڪڏهن منڪرين توهان کي جادوگر يا مجنون چون ته اوهين انهيءَ جي ڪا پرواهه نه ڪر. توهان اهو فرمايو ته آءٌ خوشخبري ٻڌائڻ وارو آهيان انهن ماڻهن کي، جن منهنجي ڳالهه مڃي.“ آخر ۾ نبي صلي الله عليه والسم کي تبليغ جي حڪمت خصوصيت سان ٻڌائي ويئي ته مخالفين جو مقابلو صبر ۽ تحمل سان ڪر ته جيئن جذبات جي ڪري ڪو اهڙو واقعو پيش نه اچي، جنهن سان تبليغ جي ڪمن ۾ رڪاوٽ پيدا نه ٿئي. الله تعاليٰ نبي صلي الله عليه والسم کي ارشاد فرمايو ته: ”تو نرمي ۽ درگذر جو طريقو اختيار ڪر ۽ جاهلن سان بحث نه ڪر. اي نبي صلي الله عليه والسم ! تو پنهنجي رب کي صبح وشام ياد ڪر ۽ عاجزي ڪر ۽ خوف سان دل ئي دل ۾ به ۽ هيڻي آواز سان پڻ.“
    شال الله پاڪ اسان کي اڄ جي ٻڌل ڪلام پاڪ جي هن بيان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
    ***
    اول نام الله جو، برڪت بي شمار
    سو ڏيئي نه ڪري پچار، سو سٻاجهو سپرين
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,733
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جزاڪ الله خير سائين۔۔۔
     
  13. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,587
    ورتل پسنديدگيون:
    5,544
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اٺين تراويح
    هيءَ تراويح نائين سيپاري جي ٽن حصن کان ڏهين سيپاري جي آخر جي تلاوت تي مشتمل آهي.
    سورة انفال ۾ مال غنيمت جي باري ۾ ارشاد باري تعاليٰ آهي: ”مالِ غنيمت جو پنجون حصو بيت المال ۾ جمع ڪيو وڃي. هي الله ۽ سندس رسول ﷺ جو حصو آهي، جيڪو مٽن مائٽن، يتيمن، مسڪينن ۽ مسافرن جي ڪم اچي. باقي پوري فوج ۾ تقسيم ڪيو وڃي.“
    الله تعاليٰ فرمائي ٿو: ”اي ايمان وارؤ! الله جي رسول جي حڪم جي خلافي نه ڪريو ۽ الله جي رسول جي آواز تي لبيڪ چئو، الله انسان ۽ سندس روح جي وچ ۾ آهي ۽ اسين سڀ انهيءَ جي طرف موٽي وڃڻ وارا آهيون.“ ان کان پوءِ الله تعاليٰ جهاد جي تلقين فرمائي ٿو. ”اي ايمان وارؤ! ڪفارن سان جنگ ڪريو، ايستائين جو فتنو باقي نه رهي. ها جيڪڏهن اُهي فتني کان مُڙي وڃن ته الله تعاليٰ عملن کي ڏسڻ وارو آهي. يقينًا الله تعاليٰ جي ويجها اُهي بدترين ماڻهو آهن، جيڪي ان کي مڃڻ کان انڪار ڪن ٿا.“
    ”اي نبي ! مؤمنن کي جهاد جي تلقين ڪر ۽ جيڪڏهن تنهنجو عزم پُختو آهي ۽ تون صابر به آهين ته تون پاڻ کان ڏهه دفعا وڌيڪ تعداد وارن دشمنن تي غالب رهندي. جنگ جي قيدين کي رڳو فديو حاصل ڪرڻ خاطر قيد ۾ رکڻ مناسب ڪونهي. وقت ۽ موقع جي تقاضا انهن جي هلاڪت ئي آهي ته انهن کي ختم ڪرڻ ئي بهتر آهي.“ ان کان پوءِ مهاجرن ۽ انصارن جي باري ۾ ارشاد ربي آهي ته: ”جن ايمان آندو ۽ الله جي راهه ۾ گهر ٻار ڇڏي هجرت جون تڪليفون رضا خوشيءَ سان برداشت ڪيون ۽ ٻي طرف انهن کي جنهن پناهه ڏني ۽ مدد ڪئي، اُهي ئي سچا مؤمن آهن. انهن جي لاءِ بخشش ۽ بهترين رزق آهي. مهاجر ۽ انصار پاڻ ۾ ڀائر آهن، مگر هڪ ٻئي جا وارث ڪونهن.“
    هاڻي سورة توبه شروع ٿئي ٿي.
    هن سورة کي شروع ڪرڻ وقت بسم الله نٿي پڙهي وڃي، ڇوته نبي ڪريم جو اُهو ئي طريقو آهي. هن سورة ۾ صلح حديبيھ جو ذڪر ڪيو ويو آهي ته: ”ڪافرن قريشن سان حسد جي نتيجي ۾ صلح حديبيه جو صلح نامو ٽوڙي ڇڏيو هو.“ الله تعاليٰ ارشاد فرمايو ته: ”الله جي رسول جي طرفان انهن مشرڪن جي ذميواري ختم ٿي وئي، جن معاهدو ٽوڙي ڇڏيو هو. حج اڪبر جي ڏينهن الله ۽ سندس رسول جي طرفان هي اعلان ڪيو ويو ته الله ۽ سندس رسول مشرڪن جي ذميواري کان آزاد آهن.“ ان کان پوءِ حڪم ٿيو ته مشرڪَ الله جي مسجدن جا مجاور نٿا ٿي سگهن. تنهن ڪري مشرڪن جو حرم شريف ۾ داخلو بند ڪيو ويو ۽ بيت الله جو اگهاڙو طواف ڪرڻ جي منع ڪئي ويئي. مسلمانن کي هدايت ڪئي وئي ته توهان جو پيءُ ۽ ڀاءُ ڪفر جي حالت ۾ هجن ته کين پنهنجو رفيق نه بڻايو. الله تعاليٰ نبي کي ارشاد فرمائن ٿا ته: ”جهاد جي سلسلي ۾ ماڻهن جو عذر قبول نه ڪيو وڃي، هي ڪوڙا آهن ۽ بهانا ڳولين ٿا.“
    اي نبي ! فاسق ۽ منافق جي قسمن تي اعتبار نه ڪريو. منافق مرد توڙي عورتون سڀ هڪ آهن. انهن کي جڏهن به موقعو ملندو، هو اوهان کي ڇڏي ڀڄي ويندا. انهن تي الله جي لعنت آهي. انهن جي نماز جنازه تائين جي منع ڪئي ويئي آهي. هن سورة ۾ زڪوات جا اٺ مصرف ٻڌايا ويا آهن، جيڪي هي آهن:
    (1) غريبن لاءِ
    (2) محتاجن لاءِ
    (3) نظامِ زڪوات ڪارنن جي لاءِ
    (4) اهي شخص جن جي دل وٺڻي آهي
    (5) غلامن جي آزادي لاءِ
    (6) قرضدار جي مدد لاءِ
    (7) الله جي واٽ ۾
    (8) مسافرن جي مدد جي لاءِ.
    ***
    اول نام الله جو، جو ڏيندڙ ڏيهه ساري
    ڏيئي نه پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,733
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جزاڪ الله خير سائين۔۔۔
     
  15. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,587
    ورتل پسنديدگيون:
    5,544
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    نائين تراويح
    اڄ جي تراويح يارهين سيپاري سان شروع ٿي ٻارهين سيپاري جي چوٿين جي تلاوت تي شامل آهي.
    الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو ته گهڻا ماڻهو زڪاة کي پنهنجي مٿي بار سمجهندا آهن ۽ نبي جي حق ۾ زماني جي گردش جو انتظار ڪري رهيا آهن ته جيئن موقعو ملندي ئي ڦري وڃن. اهڙن ماڻهن جو چڪر خود انهن تي حاوي آهي. الله تعاليٰ سڀ ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو. اُهي مهاجر ۽ انصار جن سڀني کان پهرئين اسلام جي دعوت قبول ڪئي ۽ نيڪ ماڻهو جيڪي سندن پويان آيا، الله تعاليٰ انهن سڀني تي راضي ٿيو ۽ انهن جي لاءِ جنت جي بشارت آهي. ان کان پوءِ مسجد ضرار جو بيان آهي، جنهن کي منافقن، مسلمانن ۾ ڦيٽارو وجهڻ لاءِ ٺاهيو هو. الله تعاليٰ انهيءَ جي مذمت ڪئي ۽ اها ڊاٺي وئي. انهيءَ کان پوءِ ٽن اصحابن جو ذڪر آهي، جيڪي جهاد ۾ ڄاڻي واڻي شريڪ نه ٿيا ۽ انهن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو هو. پنجاهه ڏينهن کان پوءِ الله رب العالمين انهن جي توبه قبول فرمائي.
    هاڻي سورة يونس ۾ فرمايو ويو آهي: قرآن حڪمت ۽ دانش جو ڪتاب آهي، هيءَ ڪا عجيب ڳالهه ڪونهي. اسان توهان منجهان ئي هڪ شخص کي هدايت جي لاءِ پيغمبر ٺاهي توهان جي وچ ۾ موڪليو. جيڪو شخص به سندس هدايت قبول ڪندو، ڇوٽڪارو نصيب ٿيندس. منڪرين جي حق ۾ ڪا سفارش ڪم نه ايندي.
    ان کان پوءِ الله تعاليٰ دوزخ کان ڊيڄاريو آهي ۽ جنت جي نعمتن جي خوشخبري ڏني آهي. ناشڪرن ماڻهن جو ذڪر ڪندي الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته: ”جڏهن مٿن ڪا مصيبت اچين ٿي ته اهي هر وقت الله تعاليٰ جي حضور گڙگڙائيندو آهن، پر جڏهن سندن مصيبت پري ٿي ويندي آهي، الله تعاليٰ انهن تي رحم فرمائيندو آهي ته اُهي ماڻهو ناشڪرا ٿي وڃن ٿا، ڄڻ انهن تي ڪو برو وقت آيو ئي ڪونه هو.“
    الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو ته: ”قرآن ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه ڪانهي، جيڪا الله جي وحي کان سواءِ ڪنهن پاڻ تصنيف ڪري ڇڏي هجي ۽ جيڪڏهن اي ماڻهؤ! توهان کي تِر برابر به شڪ آهي ته انهيءَ جهڙي هڪڙي سورة ٺاهي آڻيو ۽ پنهنجي لاءِ جنهن کي گهرو، سڏي وٺو. ڪڏهن به توهين ڪامياب نٿا ٿي سگهو. اي نبي ! توهان ماڻهن کي چئي ڇڏيو ته توهان وٽ توهان جي رب جي طرفان حق اچي ويو آهي. هاڻي جيڪو سڌي راهه اختيار ڪندو، انهيءَ جي سچائي انهيءَ جي لاءِ فلاح جو ڪارڻ ٿيندي ۽ جيڪي گمراهه آهن، انهن جي لاءِ گمراهي تباهي جو سبب ٿيندي. صبر ڪريو، ايستائين جو الله فيصلو ڪري ۽ الله ئي بهتر فيصلو ڪرڻ وارو آهي.“
    هاڻي سورة هود شروع ٿئي ٿي.
    سورة هود ۾ الله تعاليٰ ارشاد فرمايو آهي ته: ”قرآن مجيد هڪ حڪم ۽ هڪ نظام آهي ۽ انهيءَ جو نازل ڪرڻ وارو دانا ۽ باخبر آهي. ڪنهن غير الله جي بندگي نه ڪريو، بندگيءَ جي لائق صرف الله جي ذات ڪافي آهي ۽ الله جو نبي ، الله جي طرفان خبردار ڪرڻ وارو ۽ خوشخبري ڏيڻ وارو آهي.
    منڪرؤ! توهين پنهنجي ڪيئي جي معافي چاهيو ٿا ته الله جي طرف موٽي اچو، نه ته توهان کي خوفناڪ خوفناڪ عذاب جي تنبيهه ڪئي ٿي وڃين. زمين تي هلڻ وارا ڪي به جاندار اهڙا نه آهن، جن جو رزق الله جي ذمي نه هجي. ماڻهو ڏاڍا ناشڪرا آهن. پريشاني ۽ مايوسي جي حالت ۾ الله تي الزام هڻن ٿا ۽ جڏهن الله تعاليٰ پنهنجي نعمتن کي نوازي ٿو ته اڪڙجڻ لڳن ٿا ۽ مغرور ٿي وڃن ٿا.
    هن سورة ۾ به الله تعاليٰ منڪرن سان چيلنج ڪيو آهي. جيڪڏهن توهين سمجهو ٿا قرآن مجيد پاڻ مرادو ڪتاب آهي ته توهين به انهيءَ جهڙيون سورتون ٺاهي اچو ۽ (الله کان سواءِ) پنهنجي مددگار کي گڏ رکي اچو. يقينًا توهين ائين نٿا ڪري سگهو.
    شال الله پاڪ پنهنجي ڪلام پاڪ کي سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)

    اول نالو الله جو، ڏيندڙ ڏيهه ساري
    ڏيئي نه پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,587
    ورتل پسنديدگيون:
    5,544
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڏهين تراويح
    اڄ جو بيان ٻارهين سيپاري جي پهرين پاءُ کان تيرهين سيپاري جي اڌ جي تلاوت تي مشتمل آهي.
    الله تعاليٰ ماڻهن جي عبرت وٺڻ لاءِ سيدنا هود عليه اسلام ۽ ڪيترين ئي نافرمان امتن تي عذاب جي واقعن جو ذڪر فرمايو آهي. الله تعاليٰ پنهنجي نبي کي ارشاد فرمائي ٿو ته ”توهان جو رب جڏهن ڪنهن ظالم ڳوٺ جي پڪڙ ڪري ٿو ته واقعي انهيءَ جي گرفت ڏاڍي سخت ۽ دردناڪ هوندي آهي. اي نبي ! اسين جيڪي توهان کي پيغمبرن جا واقعا ٻڌايون ٿا ۽ اهڙي ريت توهان جي دلين کي مضبوط ڪندا آهيون، توهان کي ان طرح سان حقيقت کان آگاهي ملندي آهي ۽ ايمان آڻڻ وارن کي نصيحت ۽ بصيرت حاصل ٿئي ٿي.“
    هاڻي سورة يوسف جي شروعات ٿئي ٿي.
    نبي ، سيدنا يوسف عليه اسلام جي واقعي کان واقف نه هئا. يهودين بحيثيت نبي اوهان جو امتحان وٺڻ لاءِ هن قصي جي باري ۾ سوال ڪيو ۽ گمان ڪيو ته نبي نا واقفيت جي ڪري جواب نه ڏيئي سگهندو، پر الله تعاليٰ وحي جي ذريعي هي قصو نبي جي زبان مبارڪ تي جاري ڪري ڇڏيو. سيدنا يوسف عليه اسلام جو واقعو هن طرح آهي ان خواب ۾ ڏٺو ته يارنهن تارا، چنڊ ۽ سج مون کي سجدو ڪري رهيا آهن. سيدنا يوسف عليه اسلام جا سڳا ۽ ويڳا ڪل يارنهن ڀائر هئا. سج ۽ چنڊ مان مراد سندس ماءُ ۽ پيءُ هئا. سيدنا يعقوب عليه اسلام هي خواب ٻڌي کيس هدايت ڪئي ته هُو هي خواب پنهنجن ڀائرن کي نه ٻڌائي، نه ته هو سندس جاني دشمن ٿي ويندا. ويڳا ڀائر مٿس پهرئين کان ئي حسد ڪندا هئا. آخر هڪ ڏينهن ان کي هڪ انڌي کوهه ۾ وجهي ڇڏيو ۽ سندن والد سان اها ڳالهه ٻڌائي ڇڏي ته کيس گدڙ کائي ويا.
    قافلي وارن کوهه کان ڪڍي مصر جي حڪومت جي هڪ اعليٰ عملدار کي غلام جي حيثيت ۾ وڪيو. انهيءَ عملدار جي زال حضرت يوسف عليه اسلام تي موهجي ويئي ۽ کيس بدڪاريءَ ڏانهن مائل ڪرڻ لڳي. سيدنا يوسف عليه اسلام جي انڪار تي کيس قيد ڪيو ويو. قيد خاني ۾ ٻن قيدين سان ملاقات ٿي، جن جي خوابن جي تعبير حضرت يوسف عليه اسلام صحيح ٻڌائي. ان مان هڪ قيديءَ جي ذريعي بادشاهه تائين حضرت يوسف عيله اسلام جي قابليت جو اطلاع پهتو. بادشاهه کي به پنهنجي خواب جي تعبير گهربل هئي. سيدنا يوسف عليه اسلام ان خواب جي مشڪل به حل ڪري ڇڏي. پوءِ ڇا ٿيو، بادشاهه کانئس متاثر ٿي کيس پنهنجو وزيرِ خاص بڻايائين. عملي طرح سيدنا يوسف عليه اسلام مصر تي حڪومت ڪري رهيو هو. ان سال مصر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڏڪار پئجي ويو، پر مصر ۾ سيدنا يوسف عليه اسلام جي ٻڌايل تدبير مطابق اناج جمع ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري ڀر پاسي جي ملڪن مان ماڻهو اناج لاءِ مصر اچي رهيا هئا. ان ۾ سيدنا يوسف عليه اسلام جا ڀاءُ پڻ مصر ۾ اناج وٺڻ خاطر اچي نڪتا. حضرت يوسف عليه اسلام پنهنجن ڀائرن کي سڃاڻي ورتو. ٻئي ڀيري سيدنا يوسف عليه اسلام جي سڳي ڀاءُ بن يامين کي گهرايو ويو، جنهن کي سيدنا يوسف عليه اسلام هڪ اٽڪل سان روڪي ورتو. باقي سندس ٻيا ڀاءُ اناج وٺي واپس موٽي ويا. پوءِ سيدنا يعقوب عليه اسلام پنهنجي ڪٽنب سان گڏ مصر ۾ اچي پنهنجي پٽ سيدنا يوسف عليه اسلام سان مليو ۽ سڀني گڏجي کيس سجدو ڪيو ۽ اهڙي طرح خواب جي تعبير پوري ٿي.
    الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو ته انبياء عليهم السلام جا اُهي واقعا سمجهه وارن لاءِ وڏي عبرت آهن ۽ قرآن جي اندر درج ٿيل اُهي واقعا مؤمنن لاءِ باعثِ هدايت ورحمت آهن.
    ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ماڻهن جي سرڪشي جي باوجود اسين انهن کان درگذر ڪندا آهيون، حالانڪه اسان سخت عذاب به ڏيڻ وارا آهيون. الله کي ٻانهن جي عملن جي مڪمل خبر آهي. هو هڪ هڪ ڳورهاري جي پيٽ کان واقف آهي ته ان ۾ ڇا بڻجندو آهي ۽ ڇا ڪمي پيشي هوندي آهي. الله تعاليٰ هن نموني سندس، قدرت سان آگاهه فرمائيندو آهي ته الله ڪنهن قوم جي حالت نٿو بدلي، جيستائين اُها قوم پنهنجي حآلتن ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪوشش نٿي ڪري.
    اي انسانو! برائي کي ڀلائيءَ سان پري ڪريو، آخرت جون نعمتون توهان لاءِ آهن.
    الله تعاليٰ شال اسان کي ان تي عمل جي توفيق ڏي. (آمين)

    اول نالو الله جو، مٺو موچارو
    سخي سونهارو، ترس وند تمام گهڻو
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,587
    ورتل پسنديدگيون:
    5,544
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    يارهين تراويح
    هيءَ تراويح تيرهين سيپاري جي اڌ کان چوڏهين سيپاري جي ٽئين حصي جي تلاوت تي مشتمل آهي.
    ارشاد باري تعاليٰ آهي ته ڪافرن تي سندن ڪرتوتن جي ڪري ڪا نه ڪا آفت ايندي رهندي ۽ اُهو سلسلو قيامت تائين جاري رهندو.
    منڪرين وڏيون اٽڪلون ڪندا، پر اصل فيصلو ڪندڙ تدبير الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي ۽ ان کي حساب وٺندي دير ڪونه لڳندي آهي.
    هن کان پوءِ سورة ابراهيم شروع ٿئي ٿي.
    ارشاد باري تعاليٰ آهي: ”اي نبي ! منهنجي جن ٻانهن ايمان آندو آهي، انهن کي چئي ڇڏ ته نماز قائم ڪن، الله جي راهه ۾ پنهنجي مال مان خرچ ڪن. ان کان پهرئين جو اُهو ڏينهن اچي وڃي جڏهن نه وڪڻڻ ۽ وٺڻ ۽ نه ئي دوست نوازي هلندي.“
    ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اي انسانو! مون جيڪو رزق توهان کي ڏنو آهي ۽ سج ۽ چنڊ، سمنڊ ۽ درياء، رات ۽ ڏينهن جو جيڪو سلسلو توهان لاءِ قائم ڪيو آهي ۽ اُهو سڀ ڪجهه جيڪو گهريو، پر حقيقت ۾ انسان وڏو بي انصاف ۽ ناشڪرو آهي. قرآن سڀني انسانن لاءِ هڪ پيغام آهي. ان لاءِ ماڻهو ٻڌي وٺن ته اَللّٰهُ وَحْدَهٗ لَا شَرِيْکَ آهي ۽ اُهو ئي معبود حقيقي آهي. اي عقل رکڻ وارؤ! نصيحت وٺو.
    ان کان پوءِ سورة حجر شروع ٿئي ٿي.
    هن سورة ۾ الله تعاليٰ اُنهن ماڻهن کي تنبيهه فرمايو آهي، جيڪي نبي جي دعوتِ دين ۽ اسلام جو مذاق ڪن ٿا ۽ نبي تي ديوانگي جي تهمت هڻن ٿا.
    الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو ته: ”اي منڪرؤ! توهان کي معلوم هئڻ گهرجي ته قرآن الله جو ذڪر آهي، جيڪو هُن پنهنجي نبي تي نازل ڪيو ۽ اُهو ان جو پاڻ محافظ ۽ سنڀال ڪندڙ آهي.“
    الله تعاليٰ نبي کي تسلي ڏيندي چوي ٿو ته اوهين منڪرين جي ڳالهين سان دل برداشته نه ٿيو ۽ انهن جي ڌمڪين جو اثر نه وٺو. جيڪي ماڻهو ڀٽڪيل آهن، اُهي ابليس جا پيروڪار آهن ۽ اُهي ئي جهنمي ٿيندا.
    اي نبي ! ٻڌائي ڇڏ ماڻهن کي ته الله تعاليٰ رحيم ۽ درگذر فرمائڻ وارو آهي، پر سندن عذاب سخت ۽ دردناڪ پڻ آهي.“
    ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اي نبي ! اسان کي خبر آهي ته اوهان کي مڪي جي ڪفارن جون ڳالهيون اڻ وڻندڙ لڳن ٿيون ۽ اوهان کي تڪليف ٿئي ٿي ته اي نبي ! انهيءَ جو علاج هي آهي ته اوهان پنهنجي رب جي حمد وتسبيح ۾ مصروف رهو ۽ سندس عبادت وبندگي ۾ وقت گذاريو.“
    ان کان پوءِ سورة نحل شروع ٿئي ٿي.
    ارشادِ باري تعاليٰ آهي ته: ”اي مشرڪؤ! الله تعاليٰ جي ذات پاڪ توهان جي شرڪ کان مٿانهين آهي. نادانؤ! توهين عذاب گهري رهيا آهيو. ياد رکو، اُهو وقت هاڻي پري ڪونهي، جڏهن توهين پنهنجي سرڪشي ۽ بداعمالي جي سزا چکندؤ. توهين ناشڪرا آهيو، حالانڪه توهين پنهنجي رب جي نعمتن کي اکين سان ڏسو ٿا. ان توهان جي آرام لاءِ، توهان جي رزق لاءِ، توهان جي پوشاڪ لاءِ، توهان جي باربرداري (بار ڍوئڻ) لاءِ اهڙيون شيون ۽ جانور پيدا ڪيا آهن، غور ڪرڻ وارن لاءِ ان ۾ الله تعاليٰ جون وڏيون نشانيون آهن.“
    اي مشرڪؤ! ٿورڙو گهمي ڦري ڏسو! نه مڃڻ وارن جو ڪهڙو انجام ٿيو. انهن جون بستيون الله تعاليٰ ڪهڙي طرح اٿلائي ڇڏيون.
    الله تعاليٰ جڏهن ڪنهن شيءِ لاءِ چاهي ٿو ته هو ٿي پوندي آهي.
    انهيءَ کان پوءِ الله ڌيئرن سان ڪيل بدسلوڪين جي باري ۾ مشرڪين کي دڙڪو ڏئي ٿو ته جڏهن ڇوڪري پيدا ٿئي ٿي ته ذلت محسوس ڪريو ٿا ۽ ان کي شرم جي وچان دفن ڪري ڇڏيو ٿا. توهين گمراهه ۽ سنگدل آهيو. انهيءَ گمراهيءَ سان گڏ ديده دليري سان فرشتن کي الله جون ڌيئون قرار ڏيو ٿا ۽ هيءَ نهايت جهالت ۽ شرڪ جي ڳالهه آهي.
    شال الله پاڪ قرآن مجيد جي هن پيغام سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
    ***
    اول نالو الله جو، مٺو موچارو
    سخي سونهارو، ترس مند تمام گهڻو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,587
    ورتل پسنديدگيون:
    5,544
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ٻارهين تراويح
    اڄ جو بيان چوڏهين سيپاري جي چوٿين حصي کان پندرهين سيپاري جي آخر تائين جي تلاوت تي ٻڌل آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اي مسلمانؤ! جڏهن توهين قرآن جي تلاوت شروع ڪريو ته شيطان کان بچڻ لاءِ الله جي پناهه گهرندا ڪريو. اي نبي ! توهان ماڻهن کي دعوت دين مبين نهايت حڪمت ۽ بهترين طريقي سان ڏيندا رهو ۽ مخالفن جي حرڪتن سان رنج نه ٿيندا ڪريو. الله توهان جو حامي ۽ مددگار آهي.“
    هن کان پوءِ سورة بني اسرائيل شروع ٿئي ٿي.
    الله تعاليٰ نبي کي معراج جو شرف بخشيو ۽ اتي ان کي پنهنجي قدرت جا وڏا وڏا مشاهدا ڪرايا.
    هي پهريون موقعو هو، جنهن تي پنج وقت نماز ٽائيم ۽ پابنديءَ سان فرض ٿي. هن سورة مبارڪ ۾ الله تعاليٰ چوڏهن نڪتا به عطا فرمايا، جن سان مسلمان معاشري جي مهذب ترين تشڪيل عمل ۾ آئي.
    1. عبادت صرف الله جي ڪريو.
    2. والدين سان سهڻو سلوڪ ڪريو.
    3. مٽن، مائٽن، مسڪينن ۽ مسافرن کي انهن جا حق ڏيو.
    4. فضول خرچي نه ڪريو.
    5. جيڪڏهن ڪنهن جي حاجت پوري نه ڪري سگهو ته کيس نرميءَ سان جواب ڏيو.
    6. نه ڪنجوسي ڪريو، نه فضول خرچي ڪريو، اعتدال جي راهه اختيار ڪريو.
    7. پنهنجي اولاد کي مفلسي جي خوف کان قتل نه ڪريو.
    8. زنا جي ويجها نه وڃو.
    9. بغير ڪنهن قانوني جواز جي ڪنهن کي قتل نه ڪريو.
    10. قانوني حدن کان ٻاهر يتيمن جي مال جي ويجهو نه وڃو.
    11. قول وقرار جي پابندي ڪريو. ماپ تور ۾ گهاٽي واڌي هرگز نه ڪريو.
    12. جنهن شيءِ جو توهان کي علم ڪونهي، ان جي پويان نه پئو.
    13. غرور ۽ تڪبر جي چال نه هلو.
    هي حڪمت جون ڳالهيون جيڪي الله تعاليٰ پنهنجي نبي تي وحي ذريعي فرمايون. ارشاد باري تعاليٰ آهي: ”حق اچي ويو، باطل مٽجي ويو.“ اي نبي ! منهنجي ٻانهن کي چئي ڇڏ ته ڳالهه اُها ڪريو، جيڪا بهتر ۽ پسنديده هجي. نبي تي تهجد ان موقعي تي فرض ٿي.
    هن کان پوءِ سورة ڪهف شروع ٿئي ٿي.
    هن سورة ۾ اصحابِ ڪهف ۽ ملاقات خضر وموسيٰ ؐ جو ذڪر آهي.
    قصو ذو القرنين انشاء الله پوءِ بيان ٿيندو.
    اصحابِ ڪهف جو واقعو هي آهي ته ڪجهه نوجوان پنهنجي مشرڪ ۽ الله کان باغي معاشري کان تنگ ٿي، بستي کان نڪري ٻاهر بيٺا ۽ جبلن جي هڪ غار ۾ پناهه ورتائون. الله تعاليٰ انهن تي ڊگهي ننڊ طاري ڪري ڇڏي ۽ غار جي منهن تي سندن ڪتو حفاظت ڪندو رهيو.
    ڪيترن سالن کان پوءِ ظالم ۽ جابر حڪومت تبديل ٿي چڪي هئي ۽ معاشرو بدلجي ويو هو. الله تعاليٰ انهن کي ننڊ مان سجاڳ ڪيو ۽ غاز جي ٻاهر وارين حالتن کان کين واقف ڪيو، جنهن کان پوءِ اُنهيءَ غار ۾ مٿن موت طاري ڪئي هئي. هاڻي اُهي قيامت جي ڏينهن اٿاريا ويندا.
    ان کان پوءِ سيدنا موسيٰ ۽ سيدنا خضر عليه اسلام جي ملاقات جو ذڪر آهي. دنيا جو نظام الله تعاليٰ جي جنهن مشيت تحت هلي رهيو آهي، انهيءَ جون ڪجهه نشانيون موسيٰ عليه اسلام کي ڏيکاريون ويون. سيدنا خضر سٺين ۽ ڀلين ٻيڙين کي ناڪاره ڪري ڇڏيو هو. پوءِ سُٺي، ڀلي راند روند ڪندڙ ڇوڪري کي قتل ڪري ڇڏيائين ۽ ڪجهه ناشڪرن، گهٽ ذهين خلق ماڻهو جي ڪِريل ديوارن کي ٽيڪ ڏين ٿا. موسيٰ عليه اسلام کان اُهي ڳالهيون برداشت نه ٿي رهيون هيون، ان ڪري اعتراض ڪندا رهيا. سيدنا خضر عليه اسلام خدائي مشيت انهن تي ظاهر ڪري ٿو ته الله جي طرف کان هن عمل غيبي ۾ ان جو انجام خير آهي، شر ناهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته اسان قرآن ۾ ماڻهن کي طرح طرح سان سمجهايو، پر انسان ڏاڍو جهيڙي ڪرڻ وارو آهي. الله جي طرفان جيڪا هدايت وٽن ايندي آهي، انهيءَ تي وڙهن ٿا ۽ مڃڻ کان انڪار ڪن ٿا. قرآن ۾ ٺيڪ ٺيڪ ۽ سڌيون ڳالهيون آهن. عقل رکڻ وارا ۽ آيتن تي غور ڪرڻ وارا هدايت حاصل ڪندا.
    الله شال عمل جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
    ***
    اول نالو الله جو، جو ڏيندڙ ڏيهه ساري
    ڏيئي نه پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,587
    ورتل پسنديدگيون:
    5,544
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    تيرهين تراويح
    اڄ جو بيان سورهين سيپاري کان شروع ٿي سترهين سيپاري جي چوٿين حصي جي تلاوت تي مشتمل آهي. سورة الڪهف ۾ ٽيون واقعو ذوالقرنين بادشاهه جو آهي. هُو وڏو اقتدار وارو ۽ وسيع سلطنت جو والي هو، پر ان سان گڏ هُو نيڪ ۽ عادل پڻ هو. هن جي دار الحڪومت (گادي واري هنڌ) ۾ ياجوج ۽ ماجوج جون قومون فساد ڪندڙ ۽ بدنام هيون. هُن انهن کي روڪڻ لاءِ حد بندي طور تي هڪ ڀت لوهه ۽ ٽامي جي ملاوت سان تعمير ڪرائي، پر ماڻهن کي خبردار پڻ ڪيو ته هيءَ ڀت الله جي رحمت سان مضبوط آهي پر هي فاني شيءِ ورنگ هيءَ به فاني ٿيڻ واري آهي. انهيءَ ڪري نيڪ عمل ڪريو ۽ بندگي ۾ الله سان ڪنهن ٻئي کي شريڪ نه ڪريو.
    مريم سورة سيدنا زڪريا عليه اسلام جي ذڪر سان شروع ٿئي ٿي. الله ٻڍائپ جي عمر ۾ کيس اولاد عطا ڪيو. ان جو پٽ سيدنا يحييٰ عليه اسلام ڏاڍو رحمدل، نرم دل ۽ زبردست فيصلي قوت جو مالڪ هو.
    پوءِ مريم عليها السلام جنهن کي بغير مرد جي معجزاني طور تي حضرت عيسيٰ عليه اسلام جي پيدائش جو ذڪر آهي ۽ ٻين پيغمبرن جو به ذڪر فرمايو ويو آهي. مقصد هي ته سڀ انبياء هڪ ئي دين کڻي آيا هئا. اُهو ئي دين، جيڪو نبي کڻي تشريف فرما ٿيا، پر نبين جي وڃڻ کان پوءِ امتن پنهنجي اندر بگاڙ پيدا ڪيا ۽ مشرڪ بڻجي ويا. هي الله تعاليٰ جي شان ڪونهي جو ڪنهن کي پنهنجو پٽ بڻائي، هيءَ انتهائي گمراهيءَ واري ڳالهه آهي ۽ الله جي عذاب کي دعوت ڏئي ٿي.
    ”اي نبي ! توهان انهن سرڪش قومن جو نالو نشان ڪٿي ڏسو ٿا، جن کي بداعمالين جي عيوض هلاڪ ڪيو ويو؟ انهيءَ لاءِ منڪرين کي اسان جي عذاب کان ڊيڄاريو.“
    هن کان پوءِ سورة طھ شروع ٿئي ٿي.
    ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اي نبي ! قرآن ان ڪري ناهي نازل ڪيو ويو جو اوهين پريشاني ۾ پئجي وڃو ۽ نه ئي هي چيو ويو آهي ته نه مڃڻ وارن کي مڃائي ڇڏيو. قرآن ته بس هڪ نصيحت ۽ ياد ڏيارڻ وارو هڪ ڪتاب آهي. جنهن جي دل ۾ الله جو خوف هجي ۽ جيڪو الله جي پڪڙ کان بچڻ چاهي، اُهي سڌا ٿي وڃن، قرآن زمين ۽ آسمان جي مالڪ جو ڪلام آهي.“
    هن کان پوءِ سيدنا موسيٰ عليه اسلام جو پورو واقعو پيدائش ۽ معجزاڻي پرورش، عطائي پيغمبري، معجزا، فرعون سان مباحثو، جادوگرن سان مقابلو، بني اسرائيل سان مصر مان گڏ وٺي نڪرڻ، فرعون جي لشڪر جو سمنڊ ۾ غرق ٿي وڃڻ ۽ الله تعاليٰ جي احسانن جي باوجود به بني اسرائيل جو گمراهه ٿي وڃڻ جو ذڪر فرمايو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو نصيحت وٺن. جيڪو هن هدايت کان منهن موڙيندو، قيامت جي ڏينهن سخت ويل ۾ مبتلا هوندو. هي دڙڪو آهي منڪرن جي لاءِ، شايد کين هوش اچي وڃي.
    هن کان پوءِ سورة انبياء شروع ٿئي ٿي.
    ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”منڪرَ سخت غلط فهميءَ ۾ وڪوڙيل آهن. بشر رسول نٿو ٿي سگهي ۽ اُها ئي سندن ڀُل آهي ته هو قرآن کي پاڻ مرادو تصنيف ۽ ڪلام سمجهن ٿا.“
    ”اي نبي ! اسان توهان کان پهريائين به انسان کي ئي رسول بنائي موڪليو هو ۽ مٿن وحي نازل ڪيو آهي. جن قومن پنهنجن نبين کي ڪوڙو سمجهيو، انهن کي اسان هلاڪ ڪري ڇڏيو. هيءَ زندگي هرگز راند ڪونهي. جيڪڏهن زمين ۽ آسمان ۾ الله کان سواءِ ٻيو ڪو معبود هجي ها ته ڪائنات جو نظام ڦٽي وڃي ها. منڪر غور نٿا ڪن، جز ۽ ڪل ڪائنات جو خالق صرف الله تعاليٰ آهي ۽ هر جاندار کي موت جو مزو چکڻو آهي. اسان ڪنهن انسان کي هميشگي ناهي بخشي.
    الله عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)

    اول نالو الله جو، جو برڪت بي شمار
    ڏيهن جو ڏاتار، سو سٻاجهو سپرين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,587
    ورتل پسنديدگيون:
    5,544
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    چوڏهين تراويح
    اڄ جو بيان سترهين سيپاري جي چوٿين حصي کان شروع ٿي ارڙهين سيپاري جي اڌ تائين جي تلاوت تي ٻڌل آهي.
    سورة انبياء جي باقي آيتن ۾ الله تعاليٰ جناب ابراهيم عليه اسلام کان عيسيٰ عليه اسلام تائين جي ڪيترن پيغمبرن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ پوءِ نبي جو ذڪر مبارڪ انهيءَ خاص وصف سان گڏ ڪيو آهي ته: ”اي نبي ! اسان توکي سڄي جهانن لاءِ رحمت بڻائي موڪليو.“
    هن کان پوءِ سورة حج ۾ مشرڪن کي الله جي غضٻ کان ڊيڄاريو ويو آهي ته پنهنجي ضد ۽ هوڏ کان رڪجي وڃن. پوءِ ڪمزور مسلمانن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته پنهنجي ايمان ۽ اعمال ۾ پختگي پيدا ڪريو، نه ته بي يقيني سان توهان جي دنيا ۽ آخرت ٻئي برباد ٿي وينديون، جيڪو پڌرو خسارو آهي. هن کان پوءِ اهلِ ايمان کي مخاطب ٿي چيو ويو آهي ته هاڻي توهان جو نالو مسلم آهي ۽ توهان جو اُهوئي نالو حضرت ابراهيم عليه اسلام جي امت ۾ به هو.
    مسلمانن کي حج جا احڪام ڏنا ويا ۽ هي ارشاد فرمايو ته: ”جيڪا اوهين قرباني ڏيو ٿا، ان جو رت ۽ گوشت اسان تائين نٿو پهچي. اسان وٽ ته توهان جي تقوى ۽ پرهيزگاري ٿي پهچي.“
    هن کان پوءِ سورة مؤمنون شروع ٿئي ٿي.
    ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”عبادت جي ادائيگي دل جي خلوص سان ڪندا ڪريو ۽ بي حيائي جي ڪمن کان پري رهو. اها ئي دنيا ۽ آخرت جي فلاح جي راهه آهي. ڇوٽڪارو رسول جي اتباع (تابعداري) ۾ آهي. اهلِ ايمان غرور ۽ وڏائي سان پنهنجن عملن کي ضائع نٿا ڪن. انهن جا دل ان ڪري ڊڄن ٿا ته انهن کي پنهنجي رب جي طرف موٽڻو آهي. اُهي نيڪي جا ڪم ڪن ٿا.“
    ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اسان ڪنهن شخص تي ان جي همت کان وڌيڪ بار نٿا وجهون. اي نبي ! مخالفين پنهنجي حرڪتن کي ڇڏڻ وارا ڪونه آهن، ايتري تائين جو کين موت اچي وڃي. تنهنڪري ان وقت پڇتائڻ شروع ڪندا، پر هي آخرت وقت ۾ پڇتائڻ سندن ڪنهن ڪم جو ناهي.“
    هن کان پوءِ سورة نور شروع ٿئي ٿي.
    هن سورة ۾ مسلمان معاشري جا اخلاقي اقدار بيان ڪيا ويا آهن ۽ معاشرتي ضرورتن جي لاءِ اخلاقي ۽ قانوني ضابطه بيان ڪيا ويا آهن. ارشاد باري تعاليٰ آهي:
    1. زنا جي سزا خواهه مرد هجي يا عورت، سؤ ڪوڙا لڳائڻ آهن.
    2. بدڪارن خواهه مرد هجي يا عورت، انهن سان مقاطعه (بائيڪاٽ) ڪيو وڃي ۽ انهن سان نڪاح به نه ڪيو وڃي.
    3. زنا جو الزام هڻڻ واري ۽ ثبوت نه پيش ڪرڻ واري کي 80 ڪوڙا آهن.
    4. زال ۽ مرد مان جيڪڏهن ڪو هڪ ٻئي تي بدڪاري جو الزام مڙهي ۽ ثبوت پيش نه ڪري ته چار ڀيرا الله جو قسم کڻي ته جي هو/هوءَ سچو/سچي آهي ۽ پنجين ڀيري چوي ته جيڪڏهن هو/ هوءَ ڪوڙو/ ڪوڙي آهي ته ان تي الله جي لعنت هجي.
    5. نيڪ مرد نيڪ عورتن جي لاءِ ۽ نيڪ عورتون نيڪ مردن لاءِ آهن. اهڙي طرح خبيث مردن ۽ خبيث عورتن سان گڏ آهن ته جيڪي فحش ڳالهيون مشهور ڪن ته اُهي سزا جا حقدار آهن.
    6. جيستائين ڏوهاري جي خلاف ثبوت نه ملي، تيستائين کيس بي گناهه سمجهيو وڃي.
    7. بنا اجازت جي هڪٻئي جي گهرن اندر داخل نه ٿيڻ گهرجي.
    8. عورتون هار سينگار ڪري نامحرمن جي سامهون نه اچن ۽ انهن کي پنهنجي ڇاتي ڍڪڻ گهرجي.
    9. اسلام ۾ ڇڙائي واري زندگي ناپسند آهي.
    10. مرد ۽ عورتون هڪٻئي کي گهوري نه ڏسن ۽ نه ئي هڪ ٻئي ڏانهن جهاڻن
    11. اڪيلائي جي وقت گهرن جي اندر، ڪمري جي اندر وڏا ته ڇا پر ننڍا به داخل نه ٿين.
    12. عزيز رشتيدارن، دوستن، احباب ۽ ڀروسي جهڙا ڪجهه ماڻهو جن ۾ اپاهج ۽ معذور به شامل آهن، جيڪڏهن کائڻ جي شيءِ بغير اجازت جي کائي وٺن ته ان جو شمار چوري ۽ خيانت ۾ نه ٿيندو.
    اول نالو الله جو، جو برڪت بي شمار
    ڏيهن جو ڏاتار، سو سٻاجهو سپرين
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو