1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 45000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 45,000
    28000
  2. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  3. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

مڪمل خلاصه تراويح..............

'رمضان المبارڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏11 جولائي 2013۔

  1. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,695
    ورتل پسنديدگيون:
    3,859
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”عبادت جي ادائيگي دل جي خلوص سان ڪندا ڪريو ۽ بي حيائي جي ڪمن کان پري رهو. اها ئي دنيا ۽ آخرت جي فلاح جي راهه آهي. ڇوٽڪارو رسول جي اتباع (تابعداري) ۾ آهي. اهلِ ايمان غرور ۽ وڏائي سان پنهنجن عملن کي ضائع نٿا ڪن. انهن جا دل ان ڪري ڊڄن ٿا ته انهن کي پنهنجي رب جي طرف موٽڻو آهي. اُهي نيڪي جا ڪم ڪن ٿا.“

    بيشڪ الله جي بندگي ۽ ان جي سهڻي حبيب صلي الله عليه وسلم جي اطاعت ۽ ان جي محبت ۾ ئي اسان جو ڇوٽڪارو آهي۔۔سبحان الله۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,569
    ورتل پسنديدگيون:
    5,481
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پندرهين تراويح
    هيءَ تراويح ارڙهين سيپاري جي اڌ کان اوڻيهين سيپاري جي ٽين حصي جي تلاوت تي مشتمل آهي. منافقن نبي جن کي تڪليف رسائڻ لاءِ ام المؤمنين سيده عائشه صديقه رضي الله تعالى عنها تي الزام تراشي ڪئي هئي، جنهن جي الله تعاليٰ سورة النور ۾ ترديد ڪري ڇڏي ۽ بيهوده بڪواس ڪرڻ وارن تي ملامت فرمائي ۽ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن توهين مؤمن آهيو ته آئينده اهڙي حرڪت نه ڪجو. الله تعاليٰ زمينن ۽ آسمانن جو نور آهي ۽ مؤمن ته اُهو ئي آهي، جيڪو الله تعاليٰ جي نور کي پنهنجي لاءِ رهنمائي سمجهي ۽ دل سان رسول جي پيروي ڪري. رسول جي مخالفت توهان کي ڪنهن فتني ۾ گرفتار ڪري سگهي ٿي.
    الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته: ”اي نبي ! تنهنجو رب تنهنجي مدد لاءِ ڪافي آهي. تون ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏ ته آءٌ توهان کان دين جي تبليغ جي ڪا مزدوري (اجرت) ڪونه ٿو وٺان. منهنجي اجرت ته بس اها آهي ته توهان سڌو رستو اختيار ڪريو ۽ اهڙا نيڪ ٻانها ٿيو، جيڪي زمين تي نيڪ چال هلن ٿا. جهالت جي ڪمن کان بچن ٿا ۽ ڪو جاهل سندن منهن پوندو آهي ته سلام ڪري جدا ٿي ويندا آهن. مؤمنن لاءِ اعليٰ اجر مقرر آهي ۽ نه مڃيندڙن کي اهڙي سخت سزا ملندي جو جان ڇڏائڻ مشڪل ٿي پوندن.“
    هن کان پوءِ سورة الشعراء شروع ٿئي ٿي.
    ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اي نبي ! جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو ايمان نه آڻين ته توهين انهن جي غم ۾ جان جوکي ۾ نه وجهو. بيشڪ اسين اهڙيون نشانيون نازل ڪري سگهون ٿا، جن جي سامهون منافقن جا ڪنڌ جهڪي ويندا، پر ڇاڪاڻ ته هي ماڻهو حق کي ٿڏو هڻي چڪا آهن، انهيءَ لاءِ کين پنهنجي ڪيئي جي سزا عنقريب ملي ويندي.“
    هن کان پوءِ الله تعاليٰ حضرت موسيٰ عليه اسلام ۽ ڪيترن ئي ٻين نبين جي واقعن جو ذڪر فرمايو آهي ۽ هر واقعي ۾ هدايت حاصل ڪرڻ وارن لاءِ نشانيون آهن. پر منڪر! گهڻو ڪري نه ٿا مڃين. انهن کي جلد ئي انهيءَ ڳالهه جي خبر پئجي ويندي، جنهن جو اُهي مذاق ڪن ٿا. اُهي قرآن حڪيم کي ڇو نه ٿا ڏسن، جيڪو سندن ئي زبان ۾ نازل ڪيو ويو آهي؟ ڇا توهان کي نبي ۽ سندن ساٿي اهڙا ئي نظر اچن ٿا، جهڙا شاعر ۽ انهن جا ساٿي هوندا آهن؟ ڇا واقعي قرآن مجيد توهان کي ڪنهن شاعر جو ڪلام لڳي ٿو؟ شاعرن جي پيروي ته ڀٽڪيل ماڻهو ڪندا آهن. اي ماڻهؤ! ڇا توهان نٿا ڏسو شاعر هِتي هُتي ڀٽڪندا رهندا آهن. جيڪي چوندا آهن، اُهو ڪندا ناهن.“
    الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته: ”قرآن مجيد جي هدايت ۽ بشارت ايمان آڻڻ وارن لاءِ آهي. جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ آخرت تي پورو يقين رکن ٿا، بنا ڪنهن شڪ جي قرآن مجيد هڪ حڪيم وعليم هستي جي طرفان نازل ڪيو ويو. اسان منڪرن جا اعمال انهن جي پنهنجي نظرن ۾ وڻندڙ ڪندا آهيون، جيئن اُهي گڏيل جهالت ۾ وڪوڙيل ۽ هميشه خساري ۾ رهن ۽ آخرت ۾ هرگز نجات نه حاصل ڪري سگهن.“
    ***
    اول نالو الله جو، جو برڪت بي شمار
    سو ڏيهن جو ڏاتار، سو سٻاجهو سپرين
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,569
    ورتل پسنديدگيون:
    5,481
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سورهين تراويح
    اڄ جي تراويح جو بيان اوڻيهين سيپاري جي ٽن حصن کان وٺي ويهين سيپاري جي آخر تائين جي تلاوت تي ٻڌل آهي. سورة نمل ۾ الله تعاليٰ تفصيل سان سيدنا سليمان عليه اسلام جو بيان ڪيو آهي. الله تعاليٰ کيس جانورن جي ٻولين جي سمجهه عطا ڪئي ۽ جنات، انسانن ۽ پکين تي پورو قابو عطا ڪيو هو. انهيءَ واقعي ۾ سمجهڻ وارن لاءِ الله جي قدرت جون وڏيون نشانيون آهن.
    ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اي نبي ! ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏ ته الله کان سواءِ زمين ۽ آسمان ۾ ڪنهن کي به غيب جو علم ناهي ۽ هيءَ ڳالهه صرف الله جي علم ۾ آهي ته ماڻهن کي ڪڏهن اٿاريو ويندو. ڪافرن جي دل مان آخرت جو يقين ختم ٿي ويو آهي ۽ هي حقيقت جي باري ۾ شڪ ۾ وڪوڙيل آهي. بنا ڪنهن شڪ جي الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو ته اهڙن ماڻهن جي سينن ۾ ڇا لڪل آهي.“
    هن کان پوءِ سورة قصص شروع ٿئي ٿي، جنهن ۾ سيدنا موسيٰ عليه اسلام جي بعثت ۽ فرعون جي هلاڪت جو پورو واقعو ۽ پوءِ قارون جي بي پايان دولت، انهيءَ جو غرور ۽ تڪبر ۽ پوءِ انهيءَ جو پنهنجي دولت سميت زمين ۾ غرق ٿي وڃڻ جو ذڪر ڪيو الله تعاليٰ نبي جن کي ارشاد فرمائين ٿا ته: ”اسان هي معاملو اوهان کي ان ڪري ڏيئي رهيا آهيون ته اوهان نافرمانن کي خبردار ڪريو ته هو هوش ۾ اچي وڃن ۽ ايمان آڻين، نه ته بد اعمالين جي ڪري ضرور ڪنهن وبال ۾ گرفتار ٿي ويندا.
    ”اي نبي ! اوهان منڪرن کان پڇو ته انهن ڪڏهن هن حقيقت تي غور ڪيو آهي ته الله انهن تي هميشه لاءِ ڪاري رات جي اونداهي طاري ڪري ڇڏي ته ڪير آهي الله کان سواءِ، جيڪو کين انهيءَ اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ڏانهن وٺي وڃي؟ هيءَ الله تعاليٰ جي رحمت آهي جو ان ڏينهن ۽ رات ٺاهيا، انهيءَ لاءِ ته ڏينهن ۾ رزق جي ڳولا ڪن ۽ رات جو سڪون حاصل ڪن ۽ پنهنجي رب جا شڪر گذار بڻجن. اي نبي ! ماڻهن جي هدايت جو ڪم جاري رکو ۽ مخالفن جي مزاحمت جو فڪر نه ڪريو. دنيا جي هر شيءِ فاني آهي، صرف الله جي ذات کان سواءِ. هن جي فرمان روائي هر جڳهه آهي. سڀني کي انهيءَ ڏانهن موٽڻو آهي.“
    هن کان پوءِ سورة عنڪبوت شروع ٿئي ٿي. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”ڇا اُهي ماڻهو انهيءَ خوش فهميءَ ۾ پيل آهن، انهن کي صرف هي چئي ڇڏيو ويندو ته اُهي ايمان آڻي چڪا آهن. اسان سندن آزمائش نه ڪنداسين؟ ماڻهو توهان تي جيڪو سخت وقت اچي ٿو، دراصل اُهو توهان جي صبر وتحمل جو امتحان آهي. اهڙي ريت اهلِ ايمان ڄاڻي وٺن ۽ ڪوڙن کي به سڃاڻي وٺن. هي سچ آهي ته اسان توکي ماءُ ۽ پيءُ سان سٺو سلوڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، پر هُو توهان کي شرڪ ڪرڻ تي مجبور ڪن ۽ توهان جي ايمان ۾ خلل وجهن ته انهن جو چوڻ نه وٺو. ڪافر، مؤمنن کي چون ٿا ته اسان جي طريقن جي پيروي ڪريو، اسين توهان کي گناهن کان بچائينداسين. اُهي ڪوڙا آهن، ڪوبه ڪنهن جو وزن ڪونه کڻندو.“
    هن کان پوءِ سيدنا نوح عليه اسلام جو واقعو بيان ڪيو ويو آهي. اهو نوَ سؤ سالن تائين پنهنجي قوم جي وچ ۾ پيغمبري جا فرض نڀائيندو رهيو، پر قوم نافرمان هئي. آخرڪار طوفان جي عذاب ۾ مبتلا ٿي هلاڪ ٿيا.
    هن کان پوءِ سيدنا ابراهيمعليه اسلام، سيدنا لوط عليه اسلام ۽ سيدنا شعيب عليه اسلام جي قومن جي هلاڪت جو ذڪر آهي. انهن جي گمراهين، بداعمالين ۽ فحش حرڪتن جي ڪري الله تعاليٰ جو عذاب نازل ٿيو ۽ اُهو انهن جي هلاڪت جو سبب بڻيو. انهن واقعن ۾ عقل رکڻ وارن لاءِ هدايت آهي. سڀني کي اُنهيءَ جي طرف موٽڻو آهي. انصاف جي لاءِ ميزان قائم ڪئي ويندي ۽ ڪنهن به شخص جي ٿوري به حق تلفي نه ٿيندي.
    الله، ڪلام جي هن پيغام کي سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)

    اول نالو الله جو، مٺو موچارو
    سخي سونهارو، ترس مند تمام گهڻو
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,695
    ورتل پسنديدگيون:
    3,859
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سبحان الله۔۔بيشڪ الله جو ڪلام سچو آهي۔۔الله پاڪ ان کي سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري۔ آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,569
    ورتل پسنديدگيون:
    5,481
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سترهين تراويح
    اڄ جو بيان ايڪيهين سيپاري جي تلاوت تي مشتمل آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي: ”اي نبي ! تلاوت قرآن مجيد جي ڪندا ڪريو ۽ نماز قائم ڪريو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته نماز فحش ڳالهين ۽ خراب ڪمن کان روڪي ٿي. اهلِ ڪتاب سان مباحثو ڪرڻ مهل خوش اسلوبي اختيار ڪريو، ته جيئن اوهان جي ڳالهه انهن ماڻهن جي دل ۾ ويهي رهي ۽ انهن کي چؤ ته اي اهلِ ڪتاب! اسين جهڙي ريت پنهنجي ڪتاب تي ايمان رکون ٿا، اهڙي ريت توهان جي ڪتابن تي به ايمان رکون ٿا. اسان جو ۽ اوهان جو معبود هڪ آهي. اي نبي ! توهان ته پڙهيل لکيل نه آهيو، پوءِ اُهي ماڻهو ڇو شڪ ۾ پيل آهن ته قرآن مجيد اوهان پاڻ تصنيف ڪيو آهي؟ قرآن ته وحي جي ذريعي نازل ٿيل الله جو ڪتاب آهي.“
    ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اي منهنجا بندؤ! جن ايمان آندو آهي، منهنجي زمين تمام وسيع آهي. ڊڄڻ ۽ خوف ڪرڻ جي ڪا ڳالهه ڪانهي. جتي چاهيو اُتي وڃي منهنجي بندگي ڪري سگهو ٿا. آخرڪار توهان کي موٽي اسان ڏانهن ئي اچڻو آهي.“
    هن کان پوءِ سورة روم شروع ٿئي ٿي. ارشاد رباني آهي ته: ”جيڪڏهن اُن وقت ايران جي خلاف جنگ ۾ رومين کي هار ٿي ويئي آهي، پر ڪجهه سالن اندر اُهي وري غالب ٿي ويندا ۽ مسلمانن کي خوشي نصيب ٿيندي. ان کان پوءِ الله تعاليٰ پنهنجي تمام گهڻين نشانين جو ذڪر ڪيو آهي، جن تي غور ڪري انسان توحيدِ الاهي جو قائل ٿي وڃي ٿو. الله تعاليٰ جو دين سڌو ۽ صحيح آهي، ان ۾ ڪا هير ڦير ناهي. پر گهڻا ماڻهو اُها ڳالهه نٿا سمجهن. اي نبي ! نه مڃڻ وارن کي خواهه ڪيئن به سمجهايو، اُهو مڃڻ وارا ڪونه آهن. انهن جي دلين ۾ جهالت جون مُهرون لڳل آهن.“
    هن کان پوءِ سورة لقمان شروع ٿئي ٿي. ارشادِ رباني آهي ته: ”اسان لقمان کي دانائي ڏني هئي، جو اُهو اسان جو ٻانهو هيو ۽ جيڪو به شخص شڪر ادا ڪري ٿو، اُهو پنهنجو ئي فائدو ڪري ٿو، ڇوته الله تعاليٰ ناشڪر بندن جي ناشڪريءَ کان بي نياز آهي. لقمان پاڻ به شرڪ کان پاڪ هيو ۽ پنهنجي اولاد کي به ان لعنت کان بچايائين.
    انسانو! الله تعاليٰ جي غضب کان ڊڄو. بچو حساب جي ڏينهن کان جڏهن پيءُ پنهنجي پٽ جي مدد نه ڪري سگهندو. تڪبر جي چال نه هلو ۽ ماڻهن سان منهن ڦيري نه ڳالهايو. نرمي سان گفتگو ڪريو، ڇوته آوازن ۾ خراب آواز گڏهه جو آهي.“
    هن کان پوءِ سورة سجده شروع ٿئي ٿي. ارشادِ باري تعاليٰ آهي ته: ”هيءَ ڪهڙي عجيب ڳالهه آهي ته اسان هن وسيع ڪائنات کي تخليق ڪرڻ جي قدرت رکون ٿا، پر قرآن کي (بقول منڪرين) نازل نٿا ڪري سگهون. سچ ته هي آهي ته ماڻهو جهالت جي ڪري الله تعاليٰ جي نشانين جا منڪر ٿي وڃن ٿا. ڪيترا ظالم آهن اُهي ته توهان انهن کان منهن موڙي ڇڏيو. اهڙن ماڻهن کان ضرور بدلو ورتو ويندو.“
    هن کان پوءِ سورة احزاب شروع ٿئي ٿي. ارشاد رباني آهي ته: ”اسان ڪنهن به شخص جي بدن ۾ ٻه دل نه رکيا آهن ۽ نه ئي ڪنهن جي زال کي ماءُ جو درجو ڏنو آهي ۽ نه ئي ويڳا پٽ حقيقي پٽن جي برابر آهن. ويڳا پُٽ پنهنجي اصلي پيءُ جي نسبت سان سڃاتا وڃڻ گهرجن.
    نبي جون زالون امت جون مائرون آهن. انهن سان نڪاح حرام آهي. جيڪو شخص جهاد کان ۽ موت جي خوف کان ڀڄي ٿو ته اُهو ايمان کان خالي آهي. الله تعاليٰ سندس عملن کي ضايع ڪري ڇڏيندو. زندگي ڪجهه ڏينهن جي آهي ۽ موت جي ڪنهن کي ڪا خبر ناهي. اي ماڻهؤ! الله تعاليٰ جو رسول توهان لاءِ بهترين نمونو آهي. ان جي پيروي ڪريو.سچو مؤمن الله ۽ آخرت تي پورو يقين رکي ٿو.“

    اول نالو الله جو، جو ڏيندڙ ڏيهه ساري
    ڏيئي نه پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,695
    ورتل پسنديدگيون:
    3,859
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    اي ماڻهؤ! الله تعاليٰ جو رسول توهان لاءِ بهترين نمونو آهي. ان جي پيروي ڪريو.سچو مؤمن الله ۽ آخرت تي پورو يقين رکي ٿو.“
    سبحان الله۔۔اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته اسان جي سموري ڀلائي ان سهڻي محمد صلي الله عليه وسلم جي پيروي ڪرڻ ۾ ئي آهي، الله جي ذات ۽ آخرت جي ڏهاڙي تي ويساهه تڏهن ئي پختو ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان ان سهڻي حبيب صلي الله عليه وسلم سان محبت جو اظهار ڪندا سين۔ الله تعالي ا اسان کي پنهنجي حبيب صلي الله عليه وسلم جي صدقي قرآن پاڪ کي صحيح نموني سان پڙهڻ ۽ ان کي سمجهڻ ۽ ان جي ڳاليهن تي عمل ڪرڻ جي سگهه عطا ڪري۔۔آمين اهڙي ريت جئين مان اڄ قرآن جي تلاوت ڪندي سوره الحج تي پهتس ته ان کي پڙهندي لڱ ڪانڊارجي ويا۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,569
    ورتل پسنديدگيون:
    5,481
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ارڙهين تراويح
    اڄ جو بيان ٻاويهين سيپاري جي تلاوت تي مشتمل آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اي نبي جون زالون! توهان جو مرتبو عام عورتن کان مٿي آهي. ڳالهه سڌي ڪريو ۽ زيب وزينت جي نمائش نه ڪريو.“ پوءِ عام ماڻهن کي خطاب لاءِ ارشاد ٿيو آهي ته: ”اي ماڻهؤ! محمد ( ) مردن مان ڪنهن جو پيءُ ڪونهي. پر هُو الله جو آخري نبي آهي. ان کان پوءِ ڪوبه نبي نه ايندو. اسان، پنهنجي نبي کي هدايت جو ٻرندڙ ڏيئو ڪري موڪليو آهي ۽ اسان ۽ اسان جا فرشتا انهيءَ تي درود موڪلين ٿا. اي ايمان وارؤ! توهين به ان تي درود ۽ سلام موڪليو.“ هن کان پوءِ نڪاح، عدت ۽ پردي جا حڪم نازل ڪري منافقن تي لعنت فرمائي وئي آهي.
    هن کان پوءِ سورة سبا شروع ٿئي ٿي. ”الله تعاليٰ جي ذات پاڪ ۽ هر تعريف جي لائق آهي. اُهو داناءِ ۽ باخبر آهي. منڪرن جي دليل جهالت تي ٻڌل آهي. انهن جي ايمان نه آڻڻ جي ڪري مٿن الله جو عذاب ڇو نٿو نازل ٿئي. اي نبي ! خبردار ڪريو. الله جو عذاب انهن تي اچي رهندو. اُهي ڀٽڪيل آهن. اسان چاهيون ته انهن کي گذريل عذاب ۾ ورتل امتن وانگر زمين جي اندر غڙق ڪري ڇڏيون ۽ انهن تي پٿر جا مينهن وسائي ڇڏيون. ايمان وارن لاءِ ان ۾ الله جون نشانيون آهن.“
    ان کان گذريل نبين جي ذڪر جي باري ۾ الله تعاليٰ جو ارشاد ٿيو آهي: ”اسان داؤد عليه اسلام لاءِ لوهه، ميڻ جيئان نرم ڪري ڇڏيو هو. اُهو پنهنجي لاءِ سامان تيار ڪري ۽ جبلن ۽ پکين کي ان جي تابع ڪري ڇڏيو هو. اهڙي طرح سليمان عليه اسلام لاءِ ٽامي جو چشمو بڻايوسين ۽ جنات کي انهن جي تابع ڪري ڇڏيو. آل سبا تي ان جي ناشڪري ۽ ڪفران جي بدلي ۾ عذاب نازل ڪيو ۽ انهن کي سيلاب سان هلاڪ ڪيوسين.“
    ان کان پوءِ سورة فاطر شروع ٿئي ٿي. ارشاد رباني آهي: ”اسان فرشتن کي پنهنجو پيغام رسائيندڙ مقرر ڪيو آهي. اسان جنهن تي رحمت جا دروازا کولي ڇڏيا، انهن کي ڪو بند ڪونه ٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي انهن کي ڪوئي کولي سگهي ٿو. انسانو! توهين شيطان جي ڪوڙي دولاب کان بچو. اُهو توهان کي توهان جا براعمل خوش نما ڪري ڏيکاري ٿو. يقينًا هو توهان جو پڌرو دشمن آهي. توهين به ان کي پنهنجو دشمن ئي سمجهو. انسانو! توهين جيڪو منهنجي مال مان خرچ ڪريو ٿا، الله تعاليٰ توهان کي ان جو پرو پورو اجر ڏئي ٿو، بلڪه ان کان به گهڻو ڏيندو. الله تعاليٰ غني ۽ تعريف جي لائق آهي. ها، بيشڪ توهين الله جا محتاج آهيو. الله کي هر شيءِ تي قدرت آهي. جيڪڏهن اُهو ماڻهن کي پنهنجي بداعمالين جي ڪري سزا جي گرفت ڪري ها ته روءِ زمين تي ڪو ساهه وارو زنده باقي نه رهي ها، پر اهو پنهنجن بندن کي هڪ مقرر وقت تائين جي مهلت ڏئي ٿو.“
    هن کان پوءِ سورة يسين شروع ٿئي ٿي. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اي نبي ! اسان توکي پيغمبر بڻائي موڪليو آهي ۽ توهان تي قرآن ان ڪري نازل ڪيو ويو آهي ته توهين ماڻهن کي هدايت پهچايو. ڪجهه انهن مان اهڙا آهن، جن جي عقل تي پردا چڙهيل آهن ۽ انهن کي نصيحت ڪرڻ، نه ڪرڻ برابر آهي. اُهي الله جي عذاب جا مستحق ٿي چڪا آهن.
    نصيحت ۽ هدايت کان ته اُهي فائدو حاصل ڪن ٿا، جيڪي بغير ڏسڻ جي الله کي مڃين ٿا ۽ انهن جي پيروي ڪن ٿا. جيڪي پنهنجي خدمت جو صلو نٿا گهرن.“
    شال الله پاڪ اسان کي قرآن مجيد جي هن (بنيادي) پيغام تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)

    اول نالو الله جو، مٺو موچارو
    سخي سونهارو، ترس مند تمام گهڻو
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,569
    ورتل پسنديدگيون:
    5,481
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اوڻيهين تراويح
    اڄ جي هيءَ تلاوت ٽيويهين سيپاري جي متعلق آهي. ارشاد رباني آهي ته: ”اي نبي ! ماڻهن جي هيءَ حالت افسوس جوڳي آهي جو انهن وٽ پيغمبر اچي ٿو ته هي ان تي ٺٺوليون ٿا ڪن ۽ ان کي ڪوڙو ٿا ڪوٺين. اهي ڇو ٿا وسارين ته هن کان پهرئين ڪيتريون ئي نافرمان امتون هلاڪ ٿي ويون آهن. هڪ ڏينهن سڀني کي الله جي سامهون پيش ٿيڻو آهي. هن کان پوءِ الله تعاليٰ پنهنجي ڪيترين ئي نشانين جو ذڪر ڪيو آهي. آخرت جي عذاب کان ڊيڄاريو آهي ۽ نيڪ ماڻهن کي جنت جي عيش وآرام جي خوشخبري ڏني آهي. پاڪ آهي اُها ذات جنهن جي قبضي ۾ قدرت جي هر شيءِ جو اختيار آهي ۽ سڀني کي انهيءَ ڏانهن موٽڻو آهي.“
    هن کان پوءِ سورة صافات شروع ٿئي ٿي. الله تعاليٰ قسم کڻي ارشد فرمائي ٿو: ”سڄي ڪائنات جو مالڪ ۽ مختيار اُهو ئي آهي ۽ ان جو نظامِ ڪائنات شيطان جي هٿ چراند کان محفوظ آهي. قيامت جي ڏينهن منڪرين پنهنجن ساٿين سان گڏ دوزخ جي باهه جو ٻارڻ ٿيندا. ڏوهن جي اُها ئي سزا آهي. ان کان پوءِ حضرت ابراهيم عليه اسلام جي پٽ اسماعيل عليه اسلام جي قرباني جو بيان آهي. هي الله جي طرفان امتحان هو، جنهن ۾ پيءُ ۽ پُٽ ٻئي ڪامياب ٿيا. الله تعاليٰ هڪ ذبح ٿيندڙ ڀهرو عيوض ڏيئي حضرت اسماعيل عليه اسلام کي بچائي ورتو ۽ سيدنا ابراهيم عليه اسلام جي هيءَ سنت هميشه جي لاءِ قائم ڪري ڇڏي.
    پوءِ يونس عليه اسلام جو واقعو آهي. هو الله جي اجازت کان سواءِ بستي (واهڻ) وارن کان خفا ٿي دريا جي سفر تي هليو ويو هو. هڪ وڏي مڇي کيس ڳڙڪائي وئي. پوءِ مڇي جي پيٽ ۾ سندس توبهه الله جي بارگاهه ۾ اگهامي ويئي ۽ مڇي کيس آڻي خشڪيءَ تي ٿڪي ڇڏيو.
    هن کان پوءِ سورة ص شروع ٿئي ٿي. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”مڪي جا مشرڪ تڪبر ۽ ضد ۾ وڪوڙيل هئا ته انهن حق کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڳالهيون ٺاهيندي هڪ ئي ڀيري نبي وٽان اٿي هليا ويا.“ ارشاد ٿيو ته ان ۾ تعجب جي ڪهڙي ڳالهه آهي جو اسان انهن منجهان ئي هڪ پيغمبر انهن جي هدايت لاءِ موڪليو. ڇا منڪرين نٿا سمجهن ته انهن کان اڳ اسان ڪيترين نافرمان قومن کي انهن جي حرڪتن جي ڪري هلاڪ ڪري چڪا آهيون. اي نبي ! جيڪي اڻوڻندڙ ڳالهيون هي منڪر ٺاهين ٿا، تن تي صبر ڪر.“
    پوءِ داؤد عليه اسلام جو واقعو بيان فرمايو ويو آهي. ان کي الله تعاليٰ بهترين فيصلو ڪرڻ جي قوت بخشي هئي. اُنهن رڍن جي باري ۾ هڪ تنازعي جو فيصلو ڪيو هو، پر هي الله جي طرفان سندن امتحان هو. اُن جو فيصلو ڪندي ئي کين احساس ٿي ويو. فورًا سجدي ۾ ڪِري توبه ڪئي جيڪا الله تعاليٰ قبول ڪئي. پوءِ ايوب عليه اسلام جي سخت بيماري ۽ اُن تي صبر جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح ٻين ڪيترن ئي پيغمبرن جا واقعا بيان ڪيا ويا آهن.
    آخر ۾ الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو ته: ”شيطان کي اسان قيامت تائين مهلت ڏيئي ڇڏي آهي. اُهو ڀٽڪائيندو ضرور، پر الله جا خاص ٻانها سندس فريب ۾ ڪونه ايندا.“
    هن کان پوءِ سورة زمر شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي ته: ”الله تعاليٰ اهڙن ماڻهن کي هدايت نٿو ڏئي، جيڪي ڪوڙا ۽ ڪافر آهن. الله سائين ڪنهن کي پنهنجو پٽ نٿو بڻائي. اُهو واحد ۽ غالب آهي. هُو ماڻهن جي ڪفر کان بي نياز آهي. ها اُن کي شڪرگذار ٻانها پسند آهن. هر ماڻهو پنهنجو حساب ڏيندو ۽ ڪنهن ٻئي جو بار نه کڻندو. سڀني کي الله ڏانهن موٽڻو آهي. قرآن نصيحت ۽ هدايت لاءِ نازل ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ اهڙا مضمون بيان ڪيا ويا آهن، جن ۾ ذري جيتري به ڏنگائي ڪونهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو سڌي راهه تي اچن ۽ پنهنجي بري انجام کان بچن.“
    شال الله سائين اسان کي قرآن پاڪ جي هن هدايت واري پيغام تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)

    اول نالو الله جو، جو ڏيندڙ ڏيهه ساري
    ڏيئي نه پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,569
    ورتل پسنديدگيون:
    5,481
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ويهين تراويح
    اڄ جو بيان چوويهين سيپاري جي تلاوت تي ٻڌل آهي. ارشادِ رباني آهي ته: ”ظالم اُهي ماڻهو آهن، جيڪي حق ڳالهه کي ڪوڙو سمجهن ٿا ۽ اهڙن ماڻهن جو ٺڪاڻو جهنم آهي ۽ حق جي تصديق ڪرڻ وارن جو انعام الله وٽ آهي. پنهنجي نيڪ ٻانهن لاءِ الله جي مدد ڪافي آهي.
    الله تعاليٰ قرآن سڀني انسانن جي هدايت لاءِ نازل ڪيو آهي. جيڪو سڌي واٽ وٺندو، اهو پنهنجي فائدي لاءِ ڪندو، جيڪو ڀٽڪي ويندو، انهيءَ جي ڀٽڪڻ جو وبال هن پاڻ تي ئي هوندو. پيغمبر جي ان جي مٿي ڪابه ذميواري ناهي.
    ڇا ماڻهو نٿا ڄاڻن ته رزق ۾ ڪشادگي سڀ الله جي طرفان آهي. منڪرين! هاڻ توبهه ڪريو ۽ الله تعاليٰ جا فرمانبردار ٻانها بڻجي وڃو. الله ته غفور رحيم آهي. ان جي رحمت کان مايوس نه ٿيو.“
    هن کان پوءِ سورة مؤمن شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي ته: ”قرآن جي آيتن تي ڪافر جهيڙو ڪن ٿا، مسلمانن کي انهن جي وقتي شان وشوڪت جي فريب ۾ نه اچڻ کپي. ڪافر آخرڪار اسان جي گرفت ۾ ايندا ۽ جهنم جو ٻارڻ ٿيندا. اي مسلمانؤ! توهان الله کي پڪاريو ۽ شرڪ کان بچندا رهو، کڻي توهان جا اهي عمل ڪافرن کي ڪيترا ئي بُرا ڇو نه لڳن. الله تعاليٰ پنهنجا پيغمبر ان ڪري موڪلي ٿو ته ماڻهو خبردار ٿين ۽ ڏاڍي (قيامت جي) ڏينهن کان ڊڄن ۽ جنهن ڏينهن تي ڪيل ڪمن کي کولي بيان ڪيو ويندو. اهو انصاف جو ڏينهن هوندو ۽ هر شخص کي پنهنجي ڪيئي (عمل) جو بدلو ملندو. ڪنهن سان ڪوبه ظلم ڪونه ٿيندو. اتي نافرمانن جو نه ڪو دوست هوندو، نه ڪو شفاعت ڪرڻ وارو. الله جو فيصلو بي لاگ هوندو.“
    ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اسان پنهنجن پيغمبرن کي به ۽ ان تي ايمان آڻڻ وارن کي هن دنيا ۾ بدلو ڏيون ٿا ۽ قيامت جي ڏينهن پڻ انهن جي مدد ڪنداسين. ان ڪري بهتر اهو ئي آهي. اي ماڻهؤ! الله جي پناهه گهرو. ياد رکو! انڌو ۽ ڏسڻ وارا برابر نٿا ٿي سگهن. اهڙي طرح ايماندار ۽ بدڪار به برابر نٿا ٿي سگهن. پر ماڻهو گهٽ ئي سمجهن ٿا. الله جون نشانيون هن ڪائنات ۾ هر طرف پکڙيل آهن. اي ماڻهؤ! آخر توهان ڪهڙين ڪهڙين نشانين کي ڪوڙو سمجهندا؟ ياد رکو! الله جو قانون آهي، ڪافر سدائين خساري ۾ رهندا.“
    هن کان پوءِ سورة حم السجده شروع ٿئي ٿي. ارشاد باري تعاليٰ آهي: ”سمجهه وارن لاءِ قرآن مجيد سٺن اعمالن جي خوشخبري ۽ بري اعمال کان ڊيڄارڻ وارو ڪتاب آهي.
    اي نبي ! ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏ ته آءٌ توهان جهڙو ئي بشر آهيان، پر فرق هي آهي ته مون تي الله جي طرفان وحي نازل فرمائي وڃي ٿي، جنهن جي ذريعي آءٌ توهان کي هدايت ڪريان ٿو ته الله هڪ آهي، هن جو ڪو شريڪ نه بڻايو ۽ انهيءَ تي ايمان آڻيو. پنهنجن برن عمل جي توبهه ڪريو ۽ آخرت تي پورو يقين رکو، جتي حساب واري ڏينهن توهان جي جسم جا سڀ عضوا توهان جي سٺن ۽ خراب عملن جي گواهي ڏيندا.
    اي مسلمانؤ! جيڪڏهن شيطان توهان کي برائي ڏانهن اُڪسائي ته توهين الله جي پناهه گهري وٺندا ڪريو. اهو سڀ ڪجهه ٻڌندو ۽ ڄاڻندو آهي. عبادت جي لائق صرف هن جي ذات پاڪ آهي.
    شال الله پاڪ پنهنجي موڪليل هدايت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
    ***
    اول نالو الله جو، ڏيندڙ ڏيهه ساري
    ڏيئي نه پچاري، ترس وند تمام گهڻو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,569
    ورتل پسنديدگيون:
    5,481
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ايڪيهين تراويح
    اڄ جو بيان پنجويهين سيپاري جي تلاوت تي مشتمل آهي. ارشادِ باري تعاليٰ آهي ته: ”قيامت ڪڏهن ايندي؟ ان جو علم صرف الله تعاليٰ کي آهي. انسان ڪيترو نه ناشڪرو آهي جو جڏهن الله پنهنجين نعمتن سان کيس نوازي ٿو ته اُهو غرور ڪري اڪڙجي هلڻ لڳي ٿو ۽ جڏهن مٿن ڪا مصيبت اچي ڪڙڪندي آهي ته ڊگهيون ڊگهيون دعائون گهرڻ لڳندا آهن. جيڪي ماڻهو قيامت برپا ٿيڻ ۾ شڪ ڪن ٿا، اهي حقيقي ۾ سمجهي وٺن ته الله هر شيءِ تي قادر آهي.“
    هن کان پوءِ سورة شوريٰ شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي ته: ”ان ۾ تعجب جي ڪا ڳالهه ڪانهي. اسين وحي جي ذريعي پيغمبرن کي پنهنجي ڪتاب جو علم عطا ڪريون ٿا. توهين شڪ ڪريو ٿا ۽ شڪ ۾ پيل آهيو ته اي مشرڪؤ! توهان جو گناهه ايتري قدر وڏو آهي، جو جيڪڏهن آسمان توهان تي ڦاٽي پوي، ته به پري ڪونهي. منڪرين خبردار رهن ته انهن جو ٺڪاڻو دوزخ آهي، جتي انهن جو ڪو مددگار نه هوندو. اي نبي ! (مڪي جي قريشن کي) چؤ ته دين جي تبليغ جي ڪم ۾ توهان کان ڪا اجرت ڪونه ٿو گهران، البته مائٽي جو حق ضرور گهران ٿو (جيئن ستايو نه وڃان). ڀلائي ڪرڻ وارن لاءِ ڀلائيءَ جو اجر الله جي ذمي آهي.
    جيڪو شخص صبر ڪري ۽ درگذر سان ڪم ڪري ته هيءَ وڏي حوصلي جي ڳالهه آهي. ڪنهن بشر جو اهو رتبو ڪونهي جو الله جي آمهون سامهون ڳالهائي. الله ته وحي جي ذريعي يا پردي جي اوٽ ۾ ڳالهائي ٿو.“
    هن کان پوءِ سورة زخرف شروع ٿئي ٿي. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”مشرڪ انهيءَ غلط فهميءَ ۾ پيل آهن ته انهن جي شرارتن جي ڪري وحي جو نزول رڪجي ويندو، پر الله تعاليٰ شرارت پسندن جي فتنن جي ڪري نه ڪڏهن پيغمبر موڪلڻ بند ڪيا آهن، نه ئي ڪڏهن وحي جو نزول روڪيو ويو آهي. پر اٽلندو فتنو پکيڙڻ وارن کي هلاڪ ڪيو ويو آهي. الله جو نه ڪو اولاد آهي، نه ئي هن ڪائنات ۾ جدا جدا رب آهن، نه ئي هن کان سواءِ ڪو هتي شفاعت ڪرڻ وارو آهي. جيڪو ڄاڻي ٻجهي گمراهين جي عذاب کان بچائي وٺي، الله تعاليٰ پاڪ آهي انهن سڀني جاهلن وارين نسبتن کان، جيڪي هي نادان ماڻهو انهيءَ جي طرف منسوب ڪن ٿا.“
    هن کان پوءِ سورة دخان شروع ٿئي ٿي. ارشاد رباني آهي ته: ”قرآن مجيد کي اسان مبارڪ رات ۾ نازل ڪيو. هيءَ اهڙي رات آهي، جنهن ۾ هر حڪم جي ڳالهه، حڪمتاڻا فيصلا صادر ڪيا وڃن ٿا. قرآن ٻڌڻ ۽ سمجهڻ ۾ الله جي رحمت آهي، بشرط هي ته ماڻهو ان تي ڪامل يقين رکندا هجن. هر طرف الله جي بادشاهي آهي. زندگي ۽ موت الله جي طرفان آهي، پر ماڻهو شڪ ۾ پيل آهن. انهن ماڻهن کي پنهنجي بداعمالين جي ڪري هاڻي جڏهن ته عذاب نازل ٿيو ته هو دانهون ۽ ڪوڪون ڪن ٿا، پر جيڪڏهن عذاب ختم ڪيو وڃي ته اُهي ايمان نه آڻيندا.“
    الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته: ”اُهي ماڻهو ضدي آهن، جڏهن عذاب ٽري وڃي ٿو ته ڪفر ڪرڻ لڳن ٿا. هي عذاب مان سبق وٺڻ وارا ڪونهن. فيصلي جي لاءِ قيامت جو ڏينهن مقرر آهي، جتي گناهگارن جي لاءِ ٿوهر جو وڻ عذاب هوندو ۽ ٽهڪندڙ پاڻي کين ملندو.“
    ان کان پوءِ سورة جاثيھ شروع ٿئي ٿي. الله ڪائنات، عالم ۾ پنهنجي قدرت جي ڪيترين ئي نشانين جو ذڪر فرمايو آهي. انسانن ۽ جانورن جي تخليق، ڏينهن ۽ رات جو اڀرڻ ۽ لهڻ، زمين جي قوت، هوائن جي رخ جو تبديل ٿيڻ، دريائن تي قابو، انهن ۾ ٻيڙيون هلائڻ ۽ جيڪو ڪجهه زمين ۾ آهي، انهيءَ سڀ کي انسان جي ڪم تي مامور ڪرڻ الله جي قدرت جون پڌريون نشانيون آهن. شرط اهو آهي ته ماڻهو ان تي غور ڪن. سڀ تعريف الله جي آهي، جيڪو زمين ۽ آسمان جو مالڪ آهي ۽ اُهو غالب آهي ۽ اُهو ئي داناءُ آهي، پوري ڪائنات جي ڪبريائي انهيءَ جي لاءِ مخصوص آهي.“
    شال الله پاڪ پنهنجي هن موڪليل ڪلام جي هدايت نصيب فرمائي. (آمين)

    اول نالو الله جو، جو ڏيهن جو ڏاتار
    جو ڏيئي نه ڪري پچار، سٻاجهو سڀن پرين
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,695
    ورتل پسنديدگيون:
    3,859
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    هن کان پوءِ سورة دخان شروع ٿئي ٿي. ارشاد رباني آهي ته: ”قرآن مجيد کي اسان مبارڪ رات ۾ نازل ڪيو. هيءَ اهڙي رات آهي، جنهن ۾ هر حڪم جي ڳالهه، حڪمتاڻا فيصلا صادر ڪيا وڃن ٿا. قرآن ٻڌڻ ۽ سمجهڻ ۾ الله جي رحمت آهي،۔۔سبحان الله

    علم جي ڄاڻو وڏن عالمن هن (مبارڪ رات) مان شب براءَت جي رات جو مطلب ورتو آهي۔۔يعني اها رات وڏي مبارڪ ۽ برڪتن واري رات آهي جنهن رات ۾ تمام معامله نبيريا ويندا آهن، ۽ فيصلل صادر ڪيا ويندا آهن ۽ ان ئي رات قرآن پاڪ کي لوح محفوظ طرف نازل ڪيو ويو۔۔ان کان پوءِ وري شب قدر جي رات اچي ٿي جنهن بابرڪت رات ۾ وري قرآن پاڪ کي لوح محفوظ کان آسمانن طرف نازل ڪيو ويو، جتان الله پاڪ جي حڪم سان حضرت جبرئيل عليه السلام ٿورو ٿورو ڪري اسان جي سهڻي نبي مٺي مير مُرسل صلي الله عليه وآله وسلم طرف وحي ڪيو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,569
    ورتل پسنديدگيون:
    5,481
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ٻاويهين تراويح
    اڄ جو بيان ڇويهين سيپاري جي باري ۾ آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اسان ڪائنات عالمَ کي هڪ مقرر وقت لاءِ تخليق ڪيو آهي. نظامِ ڪائنات اسان جو حڪيماڻو نظام آهي، پر ڪافر حق کي ڪوڙو سڏڻ کان باز نٿا اچن.“
    ارشادِ رباني آهي ته: ”اسان انسانن کي والدين سان سٺو سلوڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سندس ماءُ کيس حمل کان وٺي پيدائش تائين ۽ پيدائش کان وڏي ٿيڻ تائين ڪيترين تڪليفون سهي پالي ٿي، ايتري تائين جو هو وڃي جواني تي پهچي ٿو. جيڪڏهن هو سڌي راهه اختيار ڪري، الله جي نعمتن جو شڪرگذار ٿي ان جي فرمانبردارن ۾ شامل ٿئي ٿو ته الله سندس نيڪ اعمال قبول فرمائي سندس ڪمزورين کي معاف ڪري ڇڏي ٿو. جڏهن نافرمان اولاد ماءُ پيءُ سان جهڙيندو آهي ته اهڙن ماڻهن تي عذاب جو فيصلو لاڳو ٿي ويندو آهي.“
    هن کان پوءِ الله تعاليٰ جنن جو واقعو بيان فرمايو آهي، جڏهن انهن نبي جي زبان مبارڪ تان تلاوت ٻڌي پنهنجي قوم کي خوشخبري ٻڌائي.
    هن کان پوءِ سورة محمد شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿئي ٿو: ”انهن ماڻهن جا اعمال برباد ٿي وڃن ٿا. جيڪي پاڻ به ڪفر ۾ پيل آهن ۽ ٻين کي به الله جي راهه کان روڪين ٿا، جڏهن ته ايمان آڻڻ وارن ۽ دين جي هدايت تي عمل ڪرڻ وارن جي حالت الله سڌاريندو آهي.“
    پوءِ جهاد جي باري ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته: ”ڪافرن سان مقابلو ٿي وڃي ته انهيءَ وقت تائين کين قتل ڪيو وڃي، جيسين تائين اُهي هٿيار ڦٽا نه ڪن. حقيقت اها آهي ته جيڪي ماڻهو ايمان آڻڻ ۽ هدايت حاصل ڪرڻ کان پوءِ جهاد کان پري ڀڄن ٿا، اُهي شيطان جا ڀٽڪايل آهن، ڇوته شيطان ماڻهن جي بُرن عملن کي ڏاڍو خوش نما ڪري ڏيکاريندو آهي ۽ انهن کي ڊگهي عمر جو دوکو ڏيندو آهي. آخرڪار سندن عمل ناس ڪيا وڃن ٿا.“ ارشاد ٿيو آهي ته: ”قرآن جي آيتن تي غور ڪريو، توهان جي دل ودماغ روشن ٿي ويندا.“
    هن کان پوءِ سورة فتح شروع ٿئي ٿي. هن سورة ۾ الله تعاليٰ صلح حديبيھ جي مسلمانن لاءِ هڪ وڏي فتح جو ارشاد فرمايو آهي. :”جن ماڻهن نبي جي هٿ تي بيعت ڪئي، دراصل الله جي بيعت آهي. البته وعدو ٽوڙڻ وارا ۽ جهاد کان منهن موڙڻ وارا عذاب جا حقدار آهن. ها! معذورن کي معافي آهي. محمد الله جا رسول آهن ۽ ان جا ساٿي پاڻ ۾ نهايت رحم دل ۽ ڪافرن جي باري ۾ نهايت سخت آهن.“
    هن کان پوءِ سورة حجرن شروع ٿئي ٿي. هيءَ سورة مبارڪ اخلاق جي باري ۾ آحي. مسلمانن کي مجلس جا آداب و خوش گفتاري جي تهذيب سکاري وئي آهي. خاص طور تي هدايت فرمائي وئي آهي ته نبي جي مجلس ۽ نبي جي حجرات جي آداب جو پورو پورو لحاظ رکيو وڃي، نه ته نيڪ اعمالن جي ضائع ٿيڻ جو پڻ خطرو آهي. اهڙي طرح مؤمنن کي هڪٻئي جي معاملن ۾ به تهذيب، اخلاق، نيڪ دلي، خير انديشي ۽ خوش گوئي سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. غيبت (گلا) کي مردار کائڻ سان تشبيهه ڏني وئي آهي. پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ ڪوٺيو ويو آهي
    هن کان پوءِ سورة ق شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي ته: ”اسان توهان جي شهه رڳ کان به وڌيڪ ويجها آهيون ۽ اسان توهان جا عمل نامه لکڻ لاءِ ٻه فرشتا مقرر ڪري ڇڏيا آهن ۽ عمل نامه حساب واري ڏينهن پيش ٿيندا.“
    هن کان پوءِ سورة الذاريات شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي ته: ”قيامت ضرور برپا ٿيندي ۽ ڪافرن کي پنهنجي ڪئي جي سزا ملندي. پرهيزگار ماڻهو جنت جي نعمتن مان لطف اندوز ٿيندا. اهلِ ايمان رات جو ٿورو حصو سمهن ٿا ۽ اوقاتِ سحر ۾ الله جي بخشش طلب ڪن ٿا ۽ پنهنجي مال مان گهرڻ وارن ۽ نه گهرڻ وارن ٻنهي جي مدد ڪن ٿا.“ هن کان پوءِ پيغمبرن جا واقعا مختصر طرح بيان فرمايا ويا آهن.“
    الله پاڪ اسان کي قرآن حڪيم جي هن سربستي احوال ٻڌڻ کان پوءِ عمل جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)

    اول نالو الله جو، جو ڏيندڙ ڏيهه ساري
    ڏيئي نه پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,569
    ورتل پسنديدگيون:
    5,481
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ٽيويهين تراويح
    هي بيان ستاويهين سيپاري جي تلاوت تي مشتمل آهي. ارشادِ رباني آهي ته: ”اسان جنن ۽ انسانن کي ان لاءِ پيدا ڪيو آهي ته اسان جي بندگي ڪن. اسين سڀني کي رزق ڏيڻ وارا آهيون ۽ ڪنهن کان به رزق جا طالب ناهيون.“
    هن کان پوءِ سورة طور شروع ٿئي ٿي. منڪرين کي قيامت جي باري ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته اُهو اهڙو سخت وقت هوندو جو زمين ۽ آسمان ڏڪي رهيا هوندا، جبل اُنَ جيئان اڏامي رهيا هوندا، ڪافرن کي دوزخ جي طرف ڌڪيو ويندو. اُهو ڏينهن نه مڃيندڙن لاءِ سخت عذاب جو ڏينهن هوندو. نادان (بي سمجهه) نصيحت ڪرڻ وارن ۽ پيغام پهچائڻ وارن پيغمبرن کي ڏک رسائين ٿا ۽ انهن جي باري ۾ بي بنياد ڳالهيون ڪن ٿا. دراصل منڪرين فطرتًا آهن ئي شرير. اي نبي ! اوهان صبر ڪريو، اسين اوهان سان گڏ آهيون.
    هن کان پوءِ سورة نجم شروع ٿئي ٿي. الله تعاليٰ نبي جي معراج جو واقعو بيان فرمائي ٿو ته پوري سفر ۾ اوهين نه ڪٿي ڀليا ۽ نه ڀٽڪيا. اوهين تجلين جي ايتري ويجهو رهيا، جو صرف ٻه گز فاصلو رهيل هو. بلڪه ان کان به گهٽ. جڏهن الله پنهنجي بندي کي وحي پهچايو جيڪي وحي پهچائڻو هو. الله تعاليٰ ڪامل قدرت جي نشانين جو اهڙي ريت مشاهدو ڪرايو ڪيو جو پاڻ سڳورن جي اک هيڏانهن نه وري، نه ڀٽڪي.
    ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اي ماڻهؤ! توهان معراج جي سفر جي صداقت تي پنهنجي پيغمبر سان وڙهو ٿا. ياد رکو ته اوهان جو پيغمبر اُهي ئي ڳالهيون پهچائي ٿو، جيڪي اسين کيس وحي ۾ فرمايون ٿا. هو پنهنجي نفس جي خواهش مطابق پنهنجي منهن مان ڪا ڳالهه نٿا ڪڍن. دل جون ڳالهيون گهڙڻ ڪافرن جي عادت آهي. اسان جو پيغمبر وهم ۽ گمان تي نٿو هلي.“
    هن کان پوءِ سورة قمر ۾ شق قمر(چنڊ جي چيرجڻ) جو ذڪر فرمايو ويو آهي ۽ هن واقعي کي ڪافرن جي شڪست جي نشاني ٻڌائي وئي آهي. اُهي نبي کي جادوگر سمجهن ٿا ۽ اُهي پنهنجي روش کي مٽائڻ وارا ڪونهن. سگهوئي اُهي هار کائي پُٺي ڏئي ڀڄي ويندا.
    ان کان پوءِ سورة رحمان شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو ته: ”اي انسان! مون توکي پيدا ڪيو ۽ توکي ڳالهائڻ سيکاريو ۽ سج ۽ چنڊ کي تنهنجي فائدي لاءِ بڻايو. ايتري وسيع دنيا تنهنجي جدوجهد جي لاءِ خلقي سين. ڇا خشڪي، ڇا پاڻي سڀ تنهنجا تابعدار ڪياسين. هر قسم جي نعمت تنهنجي لاءِ مهيا ڪئي سين. ته اي انسان! ڇا تنهنجو هي طريقو نه رهيو آهي جو تون پنهنجي رب جي نعمتن کان انڪار ڪرين ٿو ۽ ناشڪري ڪري، پنهنجي رب جي احسانن کي وساري ويٺين؟ پڪ سان اهڙن ماڻهن جي لاءِ جهنم جي باهه ۽ ٽهڪندڙ گرم پاڻي آهي.“
    هن سورة ۾ الله تعاليٰ پنهنجون نعمتون جيڪي ٻانهن کي ڏنيون آهن، اُهي ڳڻائي فرمائي ٿو ته توهان رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار يا ناشڪري ڪندا؟
    هن کان پوءِ سورة واقعھ شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو ته: ”قيامت برپا ٿيڻ ۾ ڪو شڪ ڪونهي. انهيءَ ڏينهن سندن نيڪن جا اعمال نامه انهن جي ساڄي هٿ ۾ ڏنا ويندا. برن ماڻهن جا عمل ناما سندن کٻي هٿ ۾ ڏنا ويندا. بد اعمالن جي عذاب لاءِ ٿوهر جو زهريلو وڻ ۽ ٽهڪندڙ گرم پاڻي هوندو. ڪوڙو سمجهڻ وارا خيال رکن ته قرآن مجيد الله جي وڏي نعمت آهي ۽ اُن جو رتبو بلند وبالا آهي. اُهو لوح محفوظ ۾ درج آهي.“
    هن کان پوءِ سورة حديد شروع ٿئي ٿي. ارشاد رباني آهي ته: ”ڪائنات عالم ۾ جيتري به مخلوق آهي، اُها الله تعاليٰ جي تسبيح بيان ڪري ٿي. الله تعاليٰ غالب ۽ دانا آهي. اي مسلمانؤ! خرچ ڪرڻ ۾ بخل نه ڪريو، الله جي راهه ۾ ڏيڻ گويا الله کي قرض ڏيڻ آهي، جيڪو توهان کي ڏهه دفعا وڌيڪ ڏيئي واپس ٿو ڪري. نيڪ ماڻهو نه نقصان ۾ هاءِ گهوڙا ڪن ٿا ۽ نه ئي فائدي جي حالت ۾ آڪڙ ۽ وڏائي ڪن ٿا. انهن ئي ماڻهن ۾ پنهنجي اعتبار جي حساب سان صديق ۽ شهيد به ٿيندا آهن. اهلِ ڪتاب چٽيءَ ريت سمجهي وٺن ته فضل وڪرم صرف الله جي اختيار ۾ آهي. هُو جنهن کي جيترو گهري، عطا فرمائي ڇڏي.“
    شال الله پاڪ قرآن پاڪ جي هن هدايت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
    ***
    اول نالو الله جو، مٺو موچارو
    سخي سونهارو، ترس وند تمام گهڻو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,695
    ورتل پسنديدگيون:
    3,859
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    هن کان پوءِ سورة نجم شروع ٿئي ٿي. الله تعاليٰ نبي جي معراج جو واقعو بيان فرمائي ٿو ته پوري سفر ۾ اوهين نه ڪٿي ڀليا ۽ نه ڀٽڪيا. اوهين تجلين جي ايتري ويجهو رهيا، جو صرف ٻه گز فاصلو رهيل هو. بلڪه ان کان به گهٽ. جڏهن الله پنهنجي بندي کي وحي پهچايو جيڪي وحي پهچائڻو هو. الله تعاليٰ ڪامل قدرت جي نشانين جو اهڙي ريت مشاهدو ڪرايو ڪيو جو پاڻ سڳورن جي اک هيڏانهن نه وري، نه ڀٽڪي.
    ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اي ماڻهؤ! توهان معراج جي سفر جي صداقت تي پنهنجي پيغمبر سان وڙهو ٿا. ياد رکو ته اوهان جو پيغمبر اُهي ئي ڳالهيون پهچائي ٿو، جيڪي اسين کيس وحي ۾ فرمايون ٿا. هو پنهنجي نفس جي خواهش مطابق پنهنجي منهن مان ڪا ڳالهه نٿا ڪڍن. دل جون ڳالهيون گهڙڻ ڪافرن جي عادت آهي. اسان جو پيغمبر وهم ۽ گمان تي نٿو هلي.“

    سبحان الله

    هن کان پوءِ سورة واقعھ شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو ته: ”قيامت برپا ٿيڻ ۾ ڪو شڪ ڪونهي. انهيءَ ڏينهن سندن نيڪن جا اعمال نامه انهن جي ساڄي هٿ ۾ ڏنا ويندا. برن ماڻهن جا عمل ناما سندن کٻي هٿ ۾ ڏنا ويندا. بد اعمالن جي عذاب لاءِ ٿوهر جو زهريلو وڻ ۽ ٽهڪندڙ گرم پاڻي هوندو. ڪوڙو سمجهڻ وارا خيال رکن ته قرآن مجيد الله جي وڏي نعمت آهي ۽ اُن جو رتبو بلند وبالا آهي. اُهو لوح محفوظ ۾ درج آهي.“


    هن کان پوءِ سورة حديد شروع ٿئي ٿي. ارشاد رباني آهي ته: ”ڪائنات عالم ۾ جيتري به مخلوق آهي، اُها الله تعاليٰ جي تسبيح بيان ڪري ٿي. الله تعاليٰ غالب ۽ دانا آهي. اي مسلمانؤ! خرچ ڪرڻ ۾ بخل نه ڪريو، الله جي راهه ۾ ڏيڻ گويا الله کي قرض ڏيڻ آهي، جيڪو توهان کي ڏهه دفعا وڌيڪ ڏيئي واپس ٿو ڪري. نيڪ ماڻهو نه نقصان ۾ هاءِ گهوڙا ڪن ٿا ۽ نه ئي فائدي جي حالت ۾ آڪڙ ۽ وڏائي ڪن ٿا. انهن ئي ماڻهن ۾ پنهنجي اعتبار جي حساب سان صديق ۽ شهيد به ٿيندا آهن. اهلِ ڪتاب چٽيءَ ريت سمجهي وٺن ته فضل وڪرم صرف الله جي اختيار ۾ آهي. هُو جنهن کي جيترو گهري، عطا فرمائي ڇڏي.“

    ارشاد ٿيو آهي ته: ”قرآن جي آيتن تي غور ڪريو، توهان جي دل ودماغ روشن ٿي ويندا.“ (سوره محمد)

    سبحان الله۔۔دل تي ڇانيل ڪارا ڪڪر ڇٽجي وڃن ٿا جڏهن قرآن پاڪ کي کولي بيان ڪيو ٿو وڃي ۽ ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي ته واقعي قرآن پاڪ ۾ هڪ وڏي ڪشش سمايل آهي جو دل تي اثر انداز ٿي وڃي ٿو۔ اهو هڪ الله جو وڏو معجزو آهي جو جيڪي انسان قرآن پاڪ تي غور ڪن ٿا انهن جون دليون ۽ دماغ روشن ٿي وڃن ٿا۔۔بيشڪ الله جو ڪلام سچو آهي۔۔رب تعالي ا اوهان کي هن نيڪ ڪم جي تمام وڏو اجر عطا ڪري۔ آمين۔۔ اوهين قرآن پاڪ جي آيتن جو اهڙو بهترين ۽ آسان خلاصو پيش ڪري اسان اٻوجهن جون دليون مونجهارن مان آزاد ڪرايو ٿا۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,569
    ورتل پسنديدگيون:
    5,481
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    چوويهين تراويح
    اڄ جو هي بيان اٺاويهين سيپاري جي تلاوت تي ٻڌل آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”زالن کي ماءُ چئي سڏڻ ڏاڍي اڻ وڻندڙ ڳالهه آهي. جيستائين هن جو مقرر ڪيل ڪفارو نه ادا ڪيو وڃي، زال مڙس تي حرام آهي. ان جو ڪفارو هڪ ٻانهي يا ٻانهو آزاد ڪرڻ يا ٻه مهينا لاڳيتا روزا رکڻ يا سٺ مسڪينن کي کاڌو کارائڻ آهي.“ هن کان پوءِ مجلس جي آداب جي تعليم ڏنل آهي ته: ”پنهنجي سرگروشين ۾ پيغمبرن جي مخالفت، گناهه ۽ ڏاڍائي جون ڳالهيون نه ڪريو. ڪنن ۾ ڦُسُ ڦُس ڪرڻ شيطاني فعل آهي. محفل جي شروع ۽ ختم ٿيڻ جي ادب جو لحاظ رکيو وڃي.“
    هن کان پوءِ سورة حشر شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي ته: ”سچا ۽ ايماندار ماڻهو اُهي آهن، جيڪي پنهنجي پيغمبر ۽ الله جي راهه ۾ هجرت ڪرڻ وارن جي مدد ڪن ٿا، جڏهن ته پاڻ به حاجتمند هوندا آحن ۽ انهيءَ جي دستگيري تي پنهنجي دل سوڙهي نٿا ڪن ۽ ان جي برخلاف منافق ماڻهو شيطان جهڙي فطرت جو مظاهرو ڪن ٿا. پهرئين برن عملن تي اڀارين ٿا ۽ پوءِ اُهو چئي جدا ٿي وڃن ٿا ته: اي گمراهؤ! هاڻي توهان جو اسان سان ڪو به واسطو ڪونهي. توهين ڄاڻو ۽ توهان جا اعمال. اي انسانؤ! قرآن کان نصيحت حاصل ڪريو، جيڪڏهن هي صحيفو ڪنهن جبل تي نازل ٿئي ها ته هو به الله جي خوف کان ذرو ذرو ٿي وڃي ها.“
    هن کان پوءِ سورة ممتحنه شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي ته: هاڻي ڳجهن واسطن ۽ لاڳاپن ذريعي رابطو نه رکو. اُهي دين جا دشمن آهن، ڪڏهن به توهان جا دوست نٿا ٿي سگهن. ڪافرن تي اعتبار ڪرڻ غلط آهي، ڇوته اُهي توهان جي ٻيهر ڪافر بڻجڻ ۾ دلچي رکن ٿا. پاڪ صاف مؤمن عورتون جيڪر هجرت ڪري اچن ته آزمائش کان پوءِ انهن کي پنهنجي معاشري ۾ داخل ڪري ڇڏيو، نه ته اهي ڪافرن کي واپس موٽائي ڏيو.“
    هن کان پوءِ سورة صف شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي ته: ”مؤمنؤ! توهين اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا چئو، جيڪي ڪيون ناهن. الله اهڙين ڳالهين تي سخت ناراض ٿئي ٿو. توهين اهڙي ڳالهه چئو ٿا، جيڪا ڪريو نٿا. الله جا محبوب بندا اُهي آهن، جيڪي سيهي جي ديوار جيئان ڄمي جهاد تي ثابت قدم رهن ٿا.“ پوءِ ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪا عيسيٰ عليه اسلام، نبي جي ظهور قدسي ۽ سندن اسم مبارڪ ”احمد“ جي باري ۾ ڏنل آهي. الله تعاليٰ مؤمنن کي يقين ڏياري ٿو ته ڪافر الله جي ڏيئي جي روشني ڦوڪ ڏيئي اجهائي نٿا سگهن. مؤمنؤ! سگهوئي توهان کي فتح نصيب ٿيندي.
    هن کان پوءِ سورة جمعھ شروع ٿئي ٿي. ارشاد رباني آهي ته: ”اي مؤمنؤ! جمعھ جي ٻانگ ٻڌڻ کان پوءِ نماز ۾ مشغول ٿي وڃو، پوءِ زمين ۾ پکڙجي وڃو. الله بهترين رزق ڏيڻ وارو آهي.“
    هن کان پوءِ سورة منافقون شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي ته: ”اي نبي ! منافقن کان هوشيار رهجانءِ. انهن جي ظاهر ۽ باطن ۾ فرق آهي ۽ هي ڪوڙا قسم کڻِ پنهنجي ايمان جو يقين ڏيارين ٿا، ڇاڪاڻ ته اُهي ايمان کان خالي آهن.“
    هن کان پوءِ سورة تغابن شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي ته: ”الله تعاليٰ توهان سڀني کي پيدا فرمايو، پوءِ توهان مان ڪو ڪافر آهي، ڪو مؤمن. توهان جي اولاد ۾ به توهان جا دشمن آهن، تنهن ڪري انهن کان بچندا رهو. ها، پر اُهي سڌي راهه تي اچي وڃن ته کين معاف ڪري ڇڏيو. بيشڪ توهان جو مال ۽ اولاد آزمائش آهن.“
    ان کان پوءِ سورة طلاق شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي ته: ”جيڪڏهن عورتن کي طلاق ڏيڻي آهي ته پاڪ ٿيڻ جي حالت ۾ انهن کي طلاق ڏيو ۽ عدت جي ڏينهن جو حساب رکو. عدت جي اندر انهن جو ٻاهر نڪرڻ بي حيائي آهي. عدت جي مدت ٽي مهينا آهن ۽ حامله عورتن جي عدت حمل ٿيڻ (ٻار ڄمڻ) تائين آهي. جيڪڏهن اها عورت حامله هجي ته کيس ٻار ڄمڻ تائين جو خرچ ڀري ڏيڻو پوندو.“
    پوءِ سورة تحريم شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي ته: ”اي نبي ! پنهنجين زالن جي خاطر الله جي نعمتن کي نه ٽاريو ۽ اهڙو وعدو ڪرڻ قسم جي برابر هوندو، جنهن جو ڪفارو ادا ڪرڻو پوندو.“ اهڙي طرح پيغمبر جي زالن کي هدايت فرمائي وئي ته: ”جيڪڏهن پيغمبر کي ڪو تڪليف رسائڻ جي ڪوشش ڪري ته پيغمبر جي مدد لاءِ الله ۽ جبرائيل ۽ نيڪ ڪردار مسلمان ۽ فرشتا موجود آهن.“
    شال الله پاڪ عمل ڪرڻ جي توفيق ڏي. (آمين)
    ***
    اول نالو الله جو، جو ڏيهن جو ڏاتار
    ڏيئي نه پچاري پار، سٻاجهو سڀن کي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,569
    ورتل پسنديدگيون:
    5,481
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پنجويهين تراويح
    هي بيان اوڻيهين سيپاري جي باري ۾ آهي. سورة الملڪ ۾ ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اسان بيشمار نعمتون انسان کي عطا ڪيون آهن. جيڪر اسين واپس وٺون ته ڪير آهي اُهو جيڪو هي نعمتون ٻيهر آڻي ڏيندو. ان لاءِ انسانو! رب العالمين تي ڀروسو ڪريو.“
    پوءِ سورة قلم ۾ فرمايو ويو ته: ”اي نبي ! اوهان تي الله جو گهڻو فضل وڪرم آهي جو هُن اوهان کي اخلاق جي اعليٰ درجي تي فائز ڪيو آهي. اوهان پنهنجي رب جي حڪم ۾ انتظار ۾ صبر ڪريو ۽ يونس عليه اسلام وانگر (قوم جي انڪار تي بي صبرا) نه ٿيو.“
    پوءِ سورة الحاقھ ۾ ارشاد ٿئي ٿو: ”قرآن ڪريم برحق ۽ ڪامل يقين ڪتاب آهي. هي ڪتاب نه ڪنهن شاعر جو ڪلام، نه ئي ڪنهن جي پاڻ مرادي تصنيف آهي، پر گهٽ ئي ماڻهو ايمان آڻين ٿا.“
    پوءِ سورة معارف ۾ ارشاد فرمايو ويو ته: ”انسان نهايت ئي گهٽ همت پيدا ٿيو آهي. تڪليف ۾ بي چين ٿيو وڃي ۽ آسائش ۾ بخيل. جيڪي ماڻهو مال کي سانڍي سانڍي ڍير ڪري رکن ٿا ۽ اُهي الله جي راهه ۾ خرچ نٿا ڪن، اُهي آخرت جي عذاب کان بي پرواهه نه رهن، جڏهن ته الله جي عذاب جي باهه سندن کل ساڙي ڇڏيندي.“
    ان کان پوءِ سورة نوح ۾ ارشاد ٿيو آهي ته: ”نوح عليه اسلام پنهنجي قوم کي هدايت ڪئي، پر بد اعمال ماڻهن نه نصيحت حاصل ڪئي، نه ئي نوح عليه اسلام کي ڪوڙو چوڻ کان رُڪيا. آخرڪار انهن پنهنجي قوم جي حق ۾ بد دعا ڪئي ۽ ماڻهو هڪ سخت طوفان جي وڪڙ ۾ اچي ويا. ايمان وارن کان سواءِ پوري قوم غرق ٿي ويئي.“
    پوءِ سورة جن شروع ٿئي ٿي، جنهن ۾ جنن جي هڪ جماعت جو ذڪر فرمايو ويو آهي، جن قرآن مجيد ٻڌي چيو: ”قرآن ته ڀلائيءَ جو رستو ٿو ڏيکاري.“ جنات قرآن تي ايمان آڻي رب العالمين جي توحيد جو اقرار ڪيو. ارشادِ رباني آهي ته: ”غيب جو علم ته صرف الله کي آهي. ها، هو جنهن پيغمبر کي چاهي ٿو ته ان تي غيب جون ڳالهيون وحي جي ذريعي نازل ڪري ٿو.“
    پوءِ سورة مزمل ۾ نبي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته: ”چادر ويڙهيندڙ! اڌ رات گهٽ وڌ عبادت ڪندا ڪريو ۽ تلاوت ترسي ترسي ڪندا ڪريو. رات جي عبادت تزڪيه نفس جو وڏو ذريعو آهي ۽ هيءَ عبادت مقبول بارگاهه ٿئي ٿي. نماز، زڪوات ۽ خيرات جاري رکو. جيڪو نيڪ عمل اڳتي موڪليو ويندو، اُهو آخرت ۾ ڪم ايندو.“
    پوءِ سورة مدثر ۾ نبي کي چادر ويڙهڻ وارو چئي خطاب فرمايو ويو ته: ”اُٿي ۽ تبليغ جو ڪم شروع ڪر ۽ پنهنجي رب جي بزرگي ۽ ڪبريائي بيان ڪر. پنهنجن ڪپڙن کي پاڪ رک ۽ ناپاڪي کان بچ. احسان ڪري انهيءَ جي بدلي جي خواهش نه ڪر ۽ صبر کان ڪم وٺ. قرآن بيشڪ نصيحت جو ڪتاب آهي. صرف اُهي ئي ماڻهو ان مان هدايت حاصل ڪن ٿا، جن کي الله هدايت جي توفيق عطا فرمائي ٿو.“
    هن کان پوءِ سورة قيامة ۾ ارشاد ٿيو ته: ”اي نبي ! جڏهن اوهان تي وحي جو نزول ٿئي ٿو ته اوهين ان کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ورجائڻ ۾ مشغول نه ٿي وڃو، پور غور سام ٻڌندا ڪريو. قرآن اوهان جي حافظي ۾ محفوظ رکڻ اسان جي ذميداري آهي.“
    پوءِ سورة الدهر ۾ ارشاد ٿيو ته: ”اسان انسان تخليق ڪري کيس سٺي ۽ خراب جي تعمير ڏني. هاڻي هو چاهي شڪرگذار بندو ٿئي، چاهي ناشڪرو رهي. ڪافرن لاءِ جهنم جو عذاب ۽ نيڪوڪارن لاءِ بهشت جو ابدي عيش آهي. نيڪ ماڻهو باوجود پاڻ حاجتمند ٿيڻ جي، فقيرن، يتيمن ۽ قيدين کي کاڌو کارائين ٿا. اهو سڀ ڪجهه هي الله کي راضي رکڻ لاءِ ڪن ٿا ۽ ڪنهن جي بدلي ۽ شڪرگذاري لاءِ نٿا ڪن.“
    ان کان پوءِ سورة مرسلات ۾ ارشاد ٿيو ته: قيامت برپا ٿي رهندي. اُهو فيصلي جو ڏينهن هوندو. ڪوڙو سمجهڻ وارا چپ به نه چوري سگهندا. بس جيڪو چاهي الله جو فرمانبردار بندو (ٻانهو) ٿئي ۽ جيڪو بدبختي ۾ پيل آهي، اُھو نافرماني ۾ ڦاٿل رهي. هر شخص کي پنهنجي اعمال جو صلو ملندو.“
    الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي.
    ***
    اول نالو الله جو، ڏيندڙ ڏيهه ساري
    ڏيئي نه پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,569
    ورتل پسنديدگيون:
    5,481
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڇويهين تراويح
    اڄ جو هي بيان ٽيهين سيپاري جي اڌ تائين جي تلاوت تي ٻڌل آهي. هن اڌ سيپاري ۾ يارهن سورتون آهن، جيڪي سورة نباء کان شروع ٿي سورة غاشيھ تي ختم ٿين ٿيون. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”منڪرن ۽ ڪوڙن چوڻ وارن لاءِ دوزخ جو عذاب تيار آهي. صور ڦوڪيو ويندو ته آسمان ۾ ٻه رستي ٺهي پوندا، جنهن مان ماڻهن جا ميڙ گذري حشر جي ميدان ۾ جمع ٿيندا. اعمال نامه پيش ٿيندا ۽ سزا وجزا جو فيصلو ٿيندو.
    قيامت جي ڏينهن جي ڊگهائي کي ڏسي ماڻهو دنيا جي زندگي کي صرف هڪ پهر جي مدت جو خيال ڪندا. قيامت جي ڏينهن جون دهشتون ماڻهن جي دلين کي ڏڪائي وجهنديون. ان ڏينهن انسان پنهنجي ڪمن کي ياد ڪري پڇتائيندو، ڇوته دوزخ ڏسڻ وارن کي سامهون ڪري ڏيکاريو ويندو. اي نبي ! مالدار ۽ صاحبِ اقتدار ماڻهو بي پرواهه هجن ٿا. انهيءَ لاءِ انهن ۾ نصيحت قبول ڪرڻ جي صلاحيت گهٽ هوندي آهي. اهڙن ماڻهن جي مقابلي ۾ غريب ۽ مسڪين ماڻهو جلدي نصيحت حاصل ڪري وٺن ٿا. ان ڪري اي نبي ! توهان ڊڄڻ وارن جي طرف وڌيڪ توجه ڏيو ته اُهي پاڪيزگي حاصل ڪري وٺن. جنهن ڏينهن قيامت جو گوڙ ٿيندو، انهيءَ ڏينهن ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، ڀيڻ، زالون ۽ ٻار ڪوبه ڪنهن جي ڪم ڪونه ايندو. هرڪو پنهنجي فڪر ۾ لڳل هوندو. نيڪوڪار خوش ۽ بدڪارن جا منهن ڪارا ٿي رهيا هوندا.“
    ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”قرآن، فرشته عالي مقام جي زبان جو ڪلام آهي، هي شيطان مردود جو ڪلام ڪونهي. اي انسانو! توهان ڪيڏانهن ڀٽڪي رهيا آهيو؟ توهان کي سڌي واٽ اختيار ڪرڻ گهرجي، نه ته قيامت جي دهشت کان توهين نجات نٿا حاصل ڪري سگهو. توهان کي ڇا خبر ته قيامت جي دهشت ڇا آهي؟ ٻڌو! اُن ڏينهن آسمان ڦاٽي پوندو، قبرون اکيڙيون وينديون، تارا ڇڻي پوندا ۽ سمنڊ سڀ هڪ ٿي ويندا. هر ماڻهو جا ڪرتوت سامهون ايندا. جزا وارو ڏينهن ڏاڍو سخت هوندو. ان ڏينهن ڪوبه ماڻهو ڪنهن جو ڀلو نه ڪري سگهندو.“ ارشاد ٿيو ته: ماپ تور ۾ گهٽ وڌ ڪرڻ وارن لاءِ سخت عذاب آهي.
    اي انسانو! ان ڏينهن کان ڊڄو. قيامت جي ڏينهن سڀ اٿاريا ويندا ۽ توهان جي اعمال جو لکيل دفتر توهان جي سامهون هوندو ۽ بد اعمالين جي نتيجي ۾ اوهين دوزخ ۾ داخل ڪيا ويندؤ ۽ انهيءَ ڏينهن مؤمن، ڪافرن تان کلندا.“ ارشاد ٿيو ته: ”قيامت جي ڏينهن آسمان ڦاٽي پوندو ۽ زمين برپٽ ميدان وانگر ٿي ويندي ۽ مُردن کي زمين کان ٻاهر ڪڍيو ويندو. هر طرف حڪم جي پاسداري ٿي رهي هوندي. نيڪ ماڻهن جو حساب ڪتاب آسانيءَ سان ٿي ويندو، جڏهن ته بدڪار دوزخ ۾ داخل ٿيندا. اُهي دنيا جي زندگيءَ کي سمجهندا هئا ته رب العالمين ڏانهن واپس ناهي ورڻو.“ ارشاد ٿيو: ”جن ماڻهن مؤمن مردن ۽ عورتن تي ظلم ڪيو ۽ توبهه به نه ڪئي، اُهي دوزخ جي عذاب جو مزا چکندا.
    قرآن کي نه مڃيندڙؤ! قرآن هڪ عظيم الشان ڪتاب آهي ۽ اُهو لوح محفوظ تي لکيل آهي. هي قرآن حق ۽ باطل کي جدا ڪرڻ وارو آهي. اي باطل برستؤ! توهان کي ٿورڙي مهلت آهي، تمام ٿوري.“
    ارشاد ٿيو ته: ”اي نبي ! پنهنجي رب جليل جي تسبيح بيان ڪريو ۽ يقين رکو، اسين توهان کي اهڙي ريت قرآن پڙهائينداسين جو توهان هرگز ڀلي نه سگهندا. توهان دين جي تبليغ ۾ لڳل رهو، اسان توهان لاءِ آسانيون پيدا ڪري ڇڏينداسين. اسان جي ڪبريائي جي منڪرن کي چؤ ته اسان جي تخليق جي طرف ڇو نٿا ڏسو؟ اسان ڪيڏو نه عجيب جانور اُٺ پيدا ڪيو، آسمانن کي ڪيڏو بلند ٺاهيو، جبل کي ڪيئن بيهاريو ۽ زمين کي هڪ فرش وانگر وڇايوسين. اوهان نصيحت ڪندا رهو، اوهان جي ذميداري آهي. حساب وٺڻ اسان جو ڪم آهي.
    شال الله پاڪ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)

    اول نالو الله جو، جو ڏيندڙ ڏيهه ساري
    ڏيئي نه پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,569
    ورتل پسنديدگيون:
    5,481
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    آخري تراويح
    اڄ جي تراويح جو بيان 26 سورتن جي تلاوت تي مشتمل آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي: ”انسانو! توهان مال ۽ دولت جي لالچ ۾ اهڙي طرح مبتلا آهيو جو ميراث جو مال تائين هضم ڪري وڃون ٿا. نه توهين يتيمن جي مدد ڪريو ٿا، نه ئي مسڪينن جي. بيشڪ توهان جو پروردگار توهان جي تاڙ ۾ آهي. اسان انسان کي جسماني صحت سان گڏ اهڙي صحيح سمجهه به عطا فرمائي آهي جو هو بدي کان بچي سگهي ٿو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪري سگهي ٿو. ته جنهن ضمير کي پاڪ رکيو، انهيءَ فلاح ماڻي ۽ جنهن نفس جي پيروي ڪئي، اُهو خساري ۾ رهيو.“
    ارشاد ٿيو ته: ”خيرات ۽ صدقا الله جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ ڏيڻ گهرجن پر نه احسان ڪرڻ ۽ صلو وٺڻ لاءِ. بي لوث دستگيري جي توفيق الله تعاليٰ ڏئي ٿو ۽ بخيل و بي پرواهه ماڻهن لاءِ آخرت جو عذاب آهي. اي نبي ! اسين سگهوئي اوهان تي اهڙي نعمت ڪنداسين جو اوهين خوش ٿي ويندا. جيڪڏهن نعمت جي عطا ۾ دير آهي ته ان ۾ اوهين اُنهيءَ غلط فهميءَ ۾ نه پئو، اسان توهان کي وساري ڇڏيو آهي ڇا؟ اسان ڪمزوريءَ جي حالت ۾ اوهان جي دستگيري ڪونه ڪئي آهي ڇا؟ اسان اوهان کي روشن ضميري نه عطا ڪئي؟ اوهان جي پريشانين کي پري ڪيوسين ۽ اوهان جو ذڪر بلند ڪيوسين. مشڪلن سان گڏ آسانيون به ٿين ٿيون. اوهين فڪر نه ڪريو ۽ پنهنجي رب جي طرف متوجهه رهو.“
    هن کان پوءِ ارشاد ٿئي ٿو ته: ”اسان انسان کي بهتر شڪل ۾ پيدا ڪيو. بد اعمالن جي ڪري هو آهستي آهستي ڪرندو ويو، پستي جي حالت ڏانهن هليو ويو. پر نيڪ ماڻهن لاءِ الله وٽ وڏو اجر آهي.“
    ان کان پوءِ سورة العلق جي پهرئين کان پنجين آيت غارِ حرا ۾ نبي تي نازل ٿيڻ وري پهرئين وحي جي ذڪر تي ٻڌل آهي. ارشاد ٿيو ته: ”اي محمد ! اوهان پنهنجي رب جو نالو وٺي پڙهو، جنهن ڪائنات کي پيدا ڪيو، علم عطا ڪري انسان کي ڳالهيون سيکاريون، جيڪي هو ڪونه ڄاڻندو هو. پر دولت جو نشو هن کي انڌي گهوڙي تي سوار ڪري سرڪش بڻائي وجهي ٿو. جيڪڏهن هي نه مُڙيو ته اسين ان کي وارن مان جهلي ڇڪينداسين.“
    ارشاد ٿيو ته: ”اسان قرآن مجيد کي شب قدر ۾ نازل ڪرڻ شروع ڪيوسين. هيءَ اهڙي برڪت واري رات آهي، جيڪا هزار مهينن کان بهتر آهي. هن رات ۾ فرشتا الله جو حڪم کڻي لهن ٿا ۽ انهن جون برڪتون صبح ٿيڻ تائين جاري رهن ٿيون.“
    ارشاد ٿيو: جيڪي ماڻهو حاضر آهن يعني اهل ڪتاب ۽ مشرڪ، اُهي سڀني کان بدتر مخلوق آهن ۽ هميشه دوزخ ۾ رهندا. اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪندا رهيا، اُهي خلقت کان بهتر آهن ۽ اُهي هميشه جنت ۾ رهندا. اها بهترين خلق آهي، جن سان الله راضي ۽ هو الله سان راضي آهن.
    حساب واري ڏينهن اسين اهڙي نموني انصاف ڪنداسين جو نه ڪنهن جي ذري برابر نيڪي ضائع ٿيندي، نه ڪنهن جي ذره برابر بُرائي لڪندي. دراصل انسان ناشڪرو به آهي ۽ پنهنجين ڪمزورين کان واقف به، پر مال جي محبت ان کي بي پرواهه بڻائي ڇڏي ٿي. ماڻهؤ! قيامت جي دهشت کان ڊڄو. توهين اندازو نٿا ڪري سگهو ته دوزخ جي شعلا ڪڍندڙ باهه جو عذاب ڪهڙو هوندو؟ دولت جي خوشي اوهان کي الله کان پري ڪري ڇڏيو آهي. قيامت جي ڏينهن توهان کان تمام نعمتن جي پڇا ڳاڇا ٿيندي ۽ اوهين ضرور دوزخ کي ڏسندا سواءِ نيڪ ماڻهن جي، انسان عام طور تي خساري ۾ رهي ٿو. ارشاد ٿيو آهي ته: چغل خور ۽ بخيل کي ضرور ڀڙڪندڙ باهه ۾ اڇلايو ويندو. ڇا توهان ڏٺو ڪونه ڪافر بادشاهه ابرهه خانه ڪعبه تي هاٿين سان حملو ڪيو ته الله پنهنجي پکين جي وسيلي پٿريون وسائي انهيءَ تمام لشڪر کي تباهه وبرباد ڪري ڇڏيو. اي اهلِ قريش! هاڻي جڏهن اسان توهان جي تجارتي رستي تي امن قائم ڪري ڇڏيو ته توهان کي شڪرگذار بڻجي فرمانبرداري ڪرڻ گهرجي.
    ارشاد ٿيو: يتيمن ۽ مسڪينن کي نندڻ وارا رياڪار، بدبخت آهن. اُهي نماز جي غرض ۽ غايت کان خالي رهن ٿا.
    اي محمد ! توهان دشمنن جي طعنن (مهڻن) جو اثر نه وٺو. دشمن جو اولاد ئي گمنام ٿي ويندو. اوهان نماز قائم ڪريو ۽ قرباني ڏيو. حوضِ ڪوثر اسان جو اوهان لاءِ عطيو آهي.
    ان کان پوءِ سورة ڪافرون ۾ الله ڪافرن ۽ مؤمنن جون واٽون الڳ الڳ ٿو ڪري ڇڏي، جيئن هڪ ٻئي کان ڇٽل ۽ جدا رهن.
    سورة نصر ۾ (مڪي جي فتح کان پوءِ) دين اسلام جو ذڪر فرمائي حمد رب جليل جي هدايت فرمائي. سورة لهب ۾ ابو لهب ۽ سندس زال تي الله تعاليٰ لعنت ڪئي. انهن ٻنهي نبي کي گهڻو ستايو هو. ٻئي جهنم ۾ ويندا. ان کان پوءِ سورة اخلاص ۾ ارشاد ٿيو ته اعلان ڪري ڇڏيو ته بس الله يڪتا آهي، اُهو بي نياز آهي. نه هن جو ڪو اولاد آهي، نه هو ڪنهن جو اولاد آهي ۽ نه ئي سندس ڪو همسر آهي.
    پوءِ سورة فلق ۽ سورة الناس ۾ حاسدن جي حسد ۽ شرپسندن جي شر، جادو ۽ شيطاني وسوسن کان بچڻ لاءِ الله دعا سيکاري آهي ته توهان الله جي پناهه گهرندا ڪريو، جيئن محفوظ ۽ مامون رهو.
    شال الله پاڪ ڪلام پاڪ جي هن سربستي احوال کي سمجهڻ ۽ انهيءَ تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,695
    ورتل پسنديدگيون:
    3,859
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سبحان الله۔۔نهايت ئي سولي ۽ سهڻي طريقي سان سموري قرآن پاڪ جو خلاصو پيش ڪيو ويو جيڪو يقينن اسان جي علم جي واڌاري ۽ اسان جي هدايت لاءِ ڪافي آهي۔۔الله پاڪ ان مهربان دوست کي جنهن هي خلاصو تيار ڪيو ان کي اجر عظيم عطا ڪري، ۽ الله پاڪ سنڌ سلامت جي سهڻي بانيڪار دوست رشيد سمون صاحب کي نيڪ اجر عطا ڪري، ۽ سنڌ سلامت جي سمورن پڙهندڙن کي الله پاڪ پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي۔ الله پاڪ اسان سڀني کي هن ڀلاري مهيني ۾ وڌ ۾ وڌ قرآن پاڪ پڙهڻ جي سگهه عطا ڪري۔۔باقي ڪجهه ڏينهن ئي بچيا آهن انهن ڏينهن کي ضايع نه ڪجو وڌ کان وڌ نيڪي ڪمائڻ جا گس ڳوليو ۽ الله جي ذات جو قرب ۽ ان جي سهڻي حبيب صلي الله عليه وآله وسلم جي شفقت حاصل ڪيو۔۔ آمين ثم آمين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,363
    ورتل پسنديدگيون:
    26,800
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جزاڪ الله ۔۔۔ اوهان جو سهڻو ونڊ، جنهن سان اوهان خوب ملهايو ۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو