سنڌ سلامت جي جهوني نثاراحمدناز جي نڪور شاعري

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏11 جولائي 2013۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    دوستو ڪافي ڏينهن کان سنڌ سلامت جي هن اڱڻ تي مونسان گڏ منهنجي نڪور شاعري به ڏسڻ لاءِ گُم آهي اڄ کوڙ ساري پنهنجي شاعري پاڻ سان گڏ پيش ڪري ٿو ڇڏيان، هي شاعري وقتن بوقتن فيس بُڪ تي پيش ڪندو رهيو آهيان، ۔
    بار ضميرَ جو هلڪو ڙي​
    وائي​
    نثاراحمدناز​
    بارَ دنيا جا ڀارِي ڀارِي!​
    بارُ ضميرَ جو هلڪو ڙي​
    سچائين جو ڏگرو نڪري،​
    ڪُوڙا تنهنجي سارِي سارِي!​
    بارَ دُنيا جا ڀارِي ڀارِي !​
    بارُ ضميرَ جو هلڪو ڙي۔​
    اڇِي اُجري هُوءَ جا نياڻِي،​
    جرڳي ۾ ٿِي ڪارِي ڪارِي!​
    بارَ دنيا جا ڀارِي ڀارِي !​
    بارُ ضميرَ جو هلڪو ڙي​
    ڪونجَ نه ايڏو ڪُرنائي لا،​
    سَرَ ته سمورا مارِي مارِي !​
    بارَ دُنيا جا ڀارِي ڀارِي!​
    بارُ ضميرَ جو هلڪو ڙي۔​
    مارئي تُنهنجا مارو ڀِي،​
    توکي سمجهن ڌارِي ڌارِي!​
    بارَ دُنيا جا ڀارِي ڀارِي !​
    بارُ ضمير جو هلڪو ڙي۔​
    ”ناز” اياڻا پيار ته تُنهنجو،​
    وارِي مُٺ ۾ وارِي وارِي !​
    بارَ دُنيا جا ڀارِي ڀارِي !​
    بارُ ضميرَ جو هلڪو ڙي۔​
    [​IMG]
    پرين هي ڪيڏو ستم ئي ته آهي ۔​
    آزاد نظم​
    نثاراحمدناز​
    پرين هي ڪيڏو،​
    ستم ئي ته آهي،​
    توهان جي به يادن تي پهرا لڳن ٿا،​
    اسان جي بدن ۾،​
    وسيل تُنهنجي خوشبو،​
    هتي هي ته نادان کُرچي ڪڍن ٿا،​
    اسان جي ڳچيءَ ۾ وجهي هي ته ڪپڙو،​
    تتل ڌوپ ۾ ۽ تتل ريت ۾ ،​
    اسان کي ٿا گهيلين اُگهاڙِيءَ پُٺيءَ سان،​
    کڻيو سنگريزا ،​
    هٿن ۾ هي ماڻهو،​
    سدائين اسان کي ٿا ٽياس ٽنگائين،​
    سموري وحشت جا بند ٽوڙي،​
    سدائين اسان کي ٿا گهاڻي پيڙهائن،​
    اسان جو ته بچپن امانت هو تُنهنجو،​
    اسان جي جوانيءَ ۾ تون پاڻ آهين،​
    اسان جي ته پوڙهپ ۾ پاڇو آ تُنهنجو،​
    اسان ۾ وسين پاڻ ويٺو،​
    ڏسين پاڻ ويٺو،​
    ڪڏهن ڀِي نه ٿيندي ڪا تُنهنجي پُڄاڻي،​
    نه مُنهنجي پُڄاڻي،​
    پنهنجو پيار هوندو اول کان آخر​
    ۽ ظاهر کان باطن،​
    اول کان آخر ۔۔۔۔۔۔!​
    ۽ ظاهر کان باطن۔۔۔۔۔!​
    [​IMG]
    ڪيڏا هي مڪروهه ماڻهو​
    وائي​
    نثاراحمدناز​
    ڪيڏا هي مڪروه ماڻهو
    ساڙين هرهر رُوح ماڻهو
    ڪيڏا هي مڪروهه ماڻهو
    حُسن جنين جوتاب تجلا
    ٽهڪِي نڪتا ٽُوهه ماڻهو
    ڪيڏا هي مڪروهه ماڻهو
    اندر ۾ ابليسَ سائين
    ٻاهر مُوسا نُوح ماڻهو.
    ڪيڏا هي مڪروهه ماڻهو
    سرگم ڪهڙا راڳ ڳايون
    پاسي ۾ بدرُوح ماڻهو
    ڪيڏا هي مڪروهه ماڻهو
    بيٺل پاڻِي “ناز” ٻو ڙِ ينِ
    کاڻا اهڙا کُوهه ماڻهو
    ڪيڏا هِي مڪروهه ماڻهو .
    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ”ناز” اياڻا پيار ته تُنهنجو،
    وارِي مُٺ ۾ وارِي وارِي !
    بارَ دُنيا جا ڀارِي ڀارِي !
    بارُ ضميرَ جو هلڪو ڙي۔
    خوبصورت شاعري ۔۔۔۔ گهڻن ڏينهن کانپوء واقعي سنڌ سلامت اوهان جي شاعري، اوهان جي خيالن جي اڏار ۽ نئين تخليقن سان مهڪي پيو آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مهربانيون مٺا محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت جو اڱڻ سدائين مهڪندو رهندو، ڪافي سارا دوست هن محبتي اڱڻ کي جرڪائڻ ۽ مهڪائڻ ۾ پيش پيش آهن۔ قرب توهان جا ادا
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    بيٺل پاڻِي “ناز” ٻو ڙِ ينِ
    کاڻا اهڙا کُوهه ماڻهو
    ڪيڏا هِي مڪروهه ماڻهو
    واھ سائين ناز صاحب! لاجواب۔۔۔ سدا سرها رهو۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو