سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو چوئيتاليهون (44) ڪتاب، ناول يار اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ناول جو ليکڪ محترم حيدر دريا زئور آهي.
هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، ليکڪ ۽ سنڌ پرست محترم آفتاب حسين کوهاري جي آهي جڏهن ته موسى پبليڪيشن حيدرآباد پاران هي ڪتاب ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي. لک ٿورا ڀاء آفتاب جا جنهن ڪتاب جي ڪاپي موڪلي ۽ مهربانيون سائين حيدر دريا جون جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني
ڪتاب مان ورتل ٽڪرو
“۽ اها حقيقت به تون چڱي طرح ڄاڻندو هوندي ته، حضرت آدم جو گناهه، حضرت آدم جي پيدائش کان چاليهه سال اڳي، اهو توريت ۾ لکجي چڪو هو ۽ حضرت آدم کي ان جو علم نه هو.
عشق ته ابليس به ڪيو، ته آدم به ڪيو ۽ غلطي به ابليس ۽ آدم ٻنهي ڄڻ ساڳي ڪئي، پر پوءِ هڪ نبي بڻيو ۽ ٻيو قيامت تائين ڪافر”
[QUOTE]
“امام تي جماعتي جو يقين نٿو رهي - انهيءَ ڪري جو، هو جيڪا قرات پڙهي ٿو، ان جي مطلب، معنيٰ جي کيس پوري خبر نٿي رهي- جمع جي خطبي ۾، صوفي شاعرن جا غزل پڙهو ٿا ۽ واعظ ۾ انهن کي ڪافر سڏيو ٿا- انهيءَ اڻپوري ۽ اڌوري نيت، اوهانکي پنهنجي سچي خدا جي دوستي کان پري رکيو آهي- ۽ اوهان انسان کي، خدا کان روز پري ڪندا وڃو.”
[/QUOTE]