حضرت شاه عبدالطيف ڀٽائي (ڀٽ جو گهوٽ)

'سنڌي شاعري' فورم ۾ جهاندادسمون طرفان آندل موضوعَ ‏30 جنوري 2010۔

  1. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    سلام، افسوس جي ڳالهه آهي، اڄ اسانجي نامور صوفي شاعر، حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو ڏهاڙو آهي ۽ ڪنهن به هڪ دوست ڪو ٿريڊ نه ڏنو ۔۔۔ خئير۔۔۔۔

    سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين۔
    لطيف جو ڏهاڙو مبارڪ هجي...

    شاه عبدالطيف ڀٽائي
    [​IMG]
    Shah Abdul Latif Bhittai (1689–1752) (Sindhi:
    شاھ عبدالطيف ڀٽائيِ، صوفي مڪتبه فڪر جو مفڪر ۽ ولي هو، ۽ کيس سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان وڏي ۽ عظيم شاعر جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو.
    هن سنڌ جي هالا شهر جي ويجهو ڀٽ تي پنهنجو مسڪن قائم ڪيو، جنهنکي اڄ ڀٽ شاه جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
    سندس چيل ڪلام کي شاه جو رسالو چيو وڃي ٿو.
    سندس مقبرو ڀٽ شاه ۾ آهي، جت روزاني هزارن جي تعداد ماڻهون زيارت ڪرڻ اچنٿا.
    . . .
    [​IMG]
    شاه عبدالطيف ڀٽائي
    1689 ۾ پئدا ٿيا، سندن جاءِ پئدائش آهي، ڳوٺ هالا حويلي شهر هالا ضلع حيدرآباد.
    .سندس والد جو نالو شاه حبيب هو، سندس ڏاڏي جو نالو سيد عبدالقدوس شاه هو.
    [​IMG]
    سنڌ جو مفڪر
    سنڌ جو شان
    سندس پورو نالو شاه
    شاه عبدالطيف ڀٽائي
    ڄم جي تاريخ
    22 فبروري 1689ع

    وصال جو سال 1752ع
    مڪتبه فڪر؛
    اسلامي صوفي ازم
    صوفي شاعري ۽ موسيقي کي پسند ڪندا هئا
    هڪ تار وارو تنبورو سندس جي ايجاد آهي ...
    سندس ايمان هو ...
    اڪ قصر در لک
    ڪوڙين سندس ڳڙکيون
    جيڏانهن ڪريان پرک
    تيڏانهن سڄڻ سامهون

    جيئي سنڌ جيئي لطيف
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: Hazrat Shah Abdul Latif Bhitai - (Bhitt Jo Ghot)

    مهرباني دوست، جهانداد، اڄ تو واقعي اسانجي ڪنگ هجڻ وارو فرض نڀايو ۽ اسان سڀني کي پوئتي ڇڏي ويا ۔۔۔ اوهانکي به لطيف ڏهاڙو مبارڪ هجي ۔۔۔ ۽ اميد ته لطيف سڳوري جون گهريل دعائون جلد پوريون ٿينديون ۽ مارئي قيد مان آزاد ٿيندي ۔۔۔
    الله تعالا اوهانکي وڏي ڄمار ڏي ۔۔۔
    منهنجي طرفان سنڌ سلامت ۽ سنڌي قوم کي لطيف جو ڏهاڙو مبارڪ هجي ۔۔۔
     
  3. محمد مگسي

    محمد مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: Hazrat Shah Abdul Latif Bhitai - (Bhitt Jo Ghot)

    بهترين محنت ۽ شيئرنگ تي جس لهڻو
     
  4. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: Hazrat Shah Abdul Latif Bhitai - (Bhitt Jo Ghot)

    مهرباني دوستو دل سان مهرباني
     
  5. عبدالستارچنا

    عبدالستارچنا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    224
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    پاٽ شريف, ضلعو دادو سنڌ
    جواب: Hazrat Shah Abdul Latif Bhitai - (Bhitt Jo Ghot)

    محترم دوستو مون خاڪسار طرفان به سنڌ امڙ جيجل کي ۽ سنڌ سلامت جي سڄي سنگت سميت
    سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ڀائرن کي لاکيڻي لطيف حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو 266 هون عُرس مبارڪ هجي۔
    ان سان گڏوگڏ اوهان پرين پيارن دوستن کي اهو پڻ ٻڌائيندو هلان ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو شاھ جي رسالي جو پنجابي ۽ فِرينچ زبانن ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي۔ پنجابي زبان ۾ شاھ جي رسالي کي ترجمو ڪندڙ شڪيل احمد طاهري نالي همراه آهي جيڪو پنجاب صوبي سان تعلق رکي ٿو۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    سڄي سنگت کي هڪ دفعو ٻيهر لاکيڻي لطيف جي ڏهاڙي جون لک لک واڌايون

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: Hazrat Shah Abdul Latif Bhitai - (Bhitt Jo Ghot)

    سائين جهانداد سائين عبدالستار پيارا اوهان جون مهربانيون جو اوهان سهڻي لطيف جي ڏهاڙي جي يادگيري ڏياري شال فڪرِ لطيف اسان جي زندگي ۾ سمائجي وڃي ۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: Hazrat Shah Abdul Latif Bhitai - (Bhitt Jo Ghot)

    مٺا جهانداد ۽ عبدالستار مهرباني توهان جِي پيارا دوستو توهان ٻنهي لطيف سائين جي ڏهاڙي سان هي زبردست ونڊ ڪئي مطلب ته سنڌ سلامت جي سڀني دوستن ونڊ ڪئي، ان ۾ افسوس جي ڪهڙي ڳالهه آهي ته ڪنهن به ان ڏيهاڙي کي ياد نه ڪيو، مٺا لطيف سائين جو ڏهاڙو هر سنڌيءَ کي ياد آهي، شڪر الحمد الله توهان پنهنجو ناتو نڀايو۔۔۔۔۔ ۽ سنڌ سلامت جي اصل مقصد کي ٿورو اڳڀرو وڌايو۔۔۔۔۔۔۔ٻه ته ٻارهن، ظاهر آهي جوت سان جوت جلندي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان کي شابس آهي ۔۔۔۔۔۔۔ جو سُهڻي لطيف جي ڏهاڙي سان هي بهترين ونڊ موڪلي ساري سنڌ سلامت کي جڳمڳ جڳمڳ روشن ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو