خوشين جو راز

'مقالا' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    خوشين جو راز
    هڪ ڏينهن هڪ دوست ٻي دوست کان پڇيو؛
    يار! اهو ته ٻڌاءِ ته تون هر روز ايترو خوش ڪيئن رهندو آهين ... تون سگهارو نظر ايندو آهين ۽ ڪڏهن به هار نه مڃيندو آهين ...؟
    ٻي دوست پنهنجين چمڪندڙ اکين سان جواب ڏنو ... ” مونکي ان راز جي خبر آهي“
    اهو ڪهڙو راز آهي“ پهرين دوست پڇيو
    ”آءُ توکي اهو راز ٻڌايان ٿو پر ان شرط تي ته تون سڀني پنهنجن عزيزن ۽ دوستن سان ونڊ ڪندي ...“
    ”آءُ پنهنجو پاڻ کي خوش رکڻ لئه ٻيو ڪجهه به نه ڪندو آهيان بس صبح سان اٿندي ئي پنهنجو پاڻ کي الله جي حوالي ڪندو آهيان ۽ مونکي پورو ڀروسو هوندو آهي ته الله تعالا مونکي خوش به رکندو ۽ منهنجن ڪمن ۾ آساني پئدا ڪندو ۽ برائيءَ کان بچائيندو ۽ جڏهن ڪڏهن مونکي زندگيءَ ۾ ڪنهن شئي جي ضرورت ٿيندي آهي ته آءُ الله تي توڪل ڪندو آهيان ۽ پڪي اميد رکندو آهيان ته هو پنهنجي ذات جي حيثيت سان منهنجي مدد ڪندو ...
    زندگيءَ جي تجربي مان معلوم ٿيو آهي ته مونکي ايتري جي ضرورت نه هوندي آهي جيتري جي خواهش آءُ ڪندو آهيان ... رب العالمين ڪڏهن به مونکي مايوس ناهي ڪيو ۽ زندگيءَ جي انهن تجربن سبب آءُ خوش رهندو آهيان ... مايوس ناهيان ٿيندو ...“
    سوال ڪندڙ دوست سوچ ۾ پئجي ويو؛
    ٻي دوست سندس سوچ کي ٽوڙيندي چيو!
    اهو ته تمام سولو آهي،
    ڇا آءُ ان وقت گهڻو خوش ٿيو هيس جڏهن نئون گهر ورتو هيم ...؟ ”نه“
    يا
    ان وقت خوش ٿيو هيس، جڏهن وڌيڪ پگهار واري نوڪري ملي هيم ... ”نه“
    يا وري
    ان وقت خوش ٿيندو آهيان جڏهن عبادت ڪندو آهيان، پنهجن ٻارڙن سان کيڏندو آهيان، کاڌو پنهنجن گهر وارن سان گڏ کائيندو آهيان، رات جو کين آکاڻيون ٻڌائيندو آهيان ... ” ها“
    هائو اهي ئي الله جا ننڍڙا ننڍڙا تحفا آهن، جن سان خوش رهي سگهجي ٿو ...
    هاڻ خبر پئي ته آءُ ڇو خوش رهندو آهيان ... !!!
    اسين ماڻهن تي اهو بار نٿا رکي سگهون ته هو اسانکي خوش رکن، صرف الله جي ذات پنهنجي علم ۽ بي انتها ڏاهپ سان ئي اهو ڪم ڪري ٿي ...
    ” الله تي اعتماد ڪريو“
    هر عمل ۾ هر ڪم ۾ الله کي اڳيان رکو، ۽ پڪ ڄاڻو ته انجي ذات ضرور اوهانجي رهنمائي ڪندي ۽ اوهانجي عملن جو ثمر اوهانکي پهچائيندي، اوهانجي ڪاميابيءَ جو راز صرف ۽ صرف الله تي پڪي ايمان ۾ آهي ...
    ايمان جي پڪن ماڻهن کي نه خوف نه نقصان ...
    ايمان جي پختگي ۽ الله جي شڪرگذاري واري هٿيار سان زندگيءَ جا معرڪا فتح ٿي ويندا آهن ...
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: خوشين جو راز

    بيشڪ رب سائين تي پُختو ڀروسو ۽ ايمان ئي اسان جي ڪاميابيءَ جِي پهرين ۽ آخري سيڙهي آهي، باقي رب سائين پنهنجي نيڪ ٻانهن کان امتحان به وٺندو آهي، ۽ اهي امتحان به اهڙا جو امتحان ڏيندڙ نيڪ ٻانهي کي سسي به رب سائين جي حضور ۾ پيش ڪرڻي پئجي ويندي آهي۔۔۔۔۔۔ بس اهو نيڪ ٻانهو ناحق جي بٺِي ۾ سڙي پچي ، رک ٿِي هن ڪوڙي دنيا کي پُٺي ڏيکاري هن دنيا مان لڏي هن دنيا کي ڇڏي، پوءِ حق جو پروانو ٿي، نڪري نروار ٿيندو آهي، ۽ ڪامياب قرار ڏنو ويندو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس ادا نثار ڪنهن اردو واري شاعر چيو آهي ته

    الله هي الله ڪيا ڪرو، دُک نه ڪسي ڪو ديا ڪرو،
    جو دنيا ڪا مالڪ هي نام اُسي ڪا ليا ڪرو۔۔۔۔۔۔​
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: خوشين جو راز

    بيشڪ سائين

    جڏهن انهن ڳالهين تي عمل ڪجي ته پو۽ سبحان الله ٿئي وڃي

    جزاڪ الله سائين
     
  4. عبدالستارچنا

    عبدالستارچنا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    224
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    پاٽ شريف, ضلعو دادو سنڌ
    جواب: خوشين جو راز

    قابل احترام سائين نثار ابڙو صاحب
    اسلام عليڪم
    قبله سائين بيشڪ رب پاڪ جي ذات تي پختو يقين ئي اسان لاءِ راه نجات آهي۔
    حقيقت ۾ جيڪڏهن اسان به اِن راز تي پنهنجي زندگيءَ ۾ عمل پيرا ٿيون ته اسانجي زندگي به خوشين سان مالا مال ٿي پوي، باقي محترم سائين نثار ناز جن جي ؓؓؓؓؓؓڳالھ وانگر ته رب سائين پنهنجي نيڪ ٻانهن کان امتحان به وٺندو آهي۔
    سائين نثار ابڙو صاحب ماشاالله توهانجي هر تحرير جيان هيءَ تحرير به تمام سبق آميز آهي۔

    جزاڪ الله سائين۔
    shal judy hujeen​
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: خوشين جو راز

    دوست ناز! بيشڪ آدم امتحان ۾ آهي ۔۔۔ پر ان امتحان مان سرهو ٿيڻ لئه
    عاشق زهر پياڪ، وهه ڏسي وهسن گهڻو۔
    ڪڙي ۽ قاتل جا، هميشه هيراڪ،
    توڙي چڪن چاڪ ته به آهه نه سلن عام سين۔

    پر هڪ ڳالهه چئبي ته آدم جي ان امتحان ۾ ڪامياب ٿيڻ لئه ڏنل هڪ ڪورس آهي ” قرآن الفرقان“ ۽ انجو هڪ استاد آهي محمد صلي الله عليه وسلم، سو جي انهن ٻنهي جي مدد وٺبي ته ٻيڙا پار
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو