سنڌ ۽ سنڌي قوميت

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ ۽ سنڌي قوميت
    نوٽ؛ دوستو، ”سنڌ جي ترقيءَ ۾ قومپرست تنظيمن جي ڪردار“ واري ڌاڳي ۾ هي ڪجه مڪالمه ٿيا هئا ... سنڌ سلامت جي محترم دوست بشير احمد جا ۽ هن ناچيز جا ... آءُ هنن سوالن جوابن کي الڳ سان هڪ ڌاڳي ۾ وجهي رهيو آهيان ... ان اميد سان ته ڪجهه ٻيا دوست به ان ڌاڳي ۾ پنهنجا موتي وجهندا ۽ اسانجي رهنمائي ڪندا ... بحث علمي آهي ... بحث براءِ بحث ناهي ... ڪار خئير آهي جي ڪو حصو وجهڻ چاهي ته ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ...
    ________________________________________
    مٺا دوست بشير صاحب، اوهانجا جواب پڙهيا جيتوڻيڪ انتهائي مختصر آهن پر تنهن هوندي به سٺي ڳالهه اها آهي ته اوهان جواب ڏنا، ٻي ڳالهه ته اوهانجي ڪجهه جوابن سان ڪيتري حد تائين متفق ٿبو ۽ ڪن ڳالهين جي ڇنڊڇاڻ ڪبي، پر هڪ ڳالهه ته مختصر جواب ان جاءِ ته ڏبا آهن جتان جان ڇڏائڻي هجي ... جي اوهان جان ڇڏائڻ چاهيو ٿا ته بيشڪ مختصر جواب ڏيندا ڪريو ...
    ________________________________________
    مهرباني جو اوهان پنهنجي سڃاڻپ جو ڏس پتو ڏنو، پر تعرف پڙهڻ کانپوءِ به ٻاڙ نه مئي، اوهان ماشاء الله ايم فل ڪريو پيا پر الائجي ڇا ۾ ... ؟ خاندان ڪهڙو آهي؟ ۽ ڀلا جڳ جهڙا ٿيا آهيو يا اڃان پاڻ بچائي پيا گهمو وغيره ... دوستي رکبي ته ڏيٺ ويٺ سان ڪبي باقي هر هٿ ملائڻ وارو دوست ته نه هوندو آهي نه!!!

    ٻي ڳالهه ته سنڌ سلامت جي دوستن طرفان اوهان سان دوستيءَ جو رشتو قائم ٿي چڪو آهي خوشيءَ جي ڳالهه آهي، سنڌ سلامت جا دوست انتهائي سلڇڻا ۽ سنڌ دوست آهن ... رب العالمين اوهانکي سٺن دوستن سان نوازي ... آمين
    ________________________________________
    مهربان دوست! سنڌ ۾ رهڻ وارا سڀ سنڌي نه ٿا ٿي سگهن، ۽ اهو قانون دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۽ ڪنهن به ملڪ ۾ رائج ناهي ته ڪو ڪم سانگي ڪنهن ملڪ ۾ رهي ته اهو ان ملڪ جو باشندو چورائبو، يا ڪو ماڻهو ڪنهن مصيبت يا جنگي حالتن مان نڪري اچي عارضي پناه وٺي4 ته اهو وطني ٿي ويندو،

    ٻن صورتن ۾ ڪو به ڪنهن قوم ۾ شامل ٿي سگهندو آهي، هڪ ته ان قوم جا قانون کيس اجازت ڏيندا هجن، ٻيو ته هو انهن قانونن کي پورو ڪندو هجي مثلن، هو ان قوم جي اڻ ٽٽ حصي ٿيڻ لئه دل وجان سان تيار هجي، هو ان قوم جي ٻولي، ثقافت ۽ ان قوم جي سياسي ۽ ملڪي مفادن سان ٻانهن ٻيلي هجي،

    منهنجو ڀاءُ تقريبن 45 کان 45 سال هت سعودي عرب ۾ رهيو آهي سندس سمورو اولاد هت پئدا ٿيو آهي، هت ئي تعليم حاصل ڪئي اٿن، پنهنجن والدين کان علاوه هو پاڻ ۾ به عربي ڳالهائيندا آهن، سندن دوستيون سعودي نوجوانن سان اٿن، کين سنڌ واپس هلڻ جي ڳالهه ٿيندي آهي ته چوندا آهن ”نه“ هو سعوديءَ ۾ ڄاوا آهن سعوديءَ ۾ ئي مرندا، پر اڄ به هتان جي حڪومت کين پنهنجو ڪرڻ لئه تيار ناهي، ۽ کين وطني هجڻ جي حقوق کان وانجها آهن ...

    ڪجهه مهينا اڳ، سعودي حڪومت اهڙي قسم جو اعلان ڪيو هو ته هو ڪجهه اهڙن ماڻهن کي وطني حق مهيا ڪندا جي گهڻي عرصي کان هت رهندا آيا آهن، انهن ۾ ٻين شرطن سان اول شرط اهو آهي ته هو... عربي پڙهي لکي ۽ سهي سهي ڳالهائي سگهندا هوندا ...

    دوست مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اوهان ڪهڙي منطق کان اها ڳالهه ڪئي ته بيشڪ هو سنڌي نه به ڳالهائيندا هجن ته به سنڌي آهن ؟؟؟ ٺيڪ آهي ڪو ٻي قوم مان اچي سنڌي ٿيو آهي ممڪن پنهنجي گهر ۾ اڃان اها ئي ٻولي ڳالهائيندو هجي پر جڏهن هو سنڌين سان وهنوار ڪندو ته کيس سنڌيءَ ۾ ئي ڪرڻو پوندو ...
    ٻوليءَ جي اهميت جا ڪئي مثال ڏئي سگهجن ٿا ۽ مونکي پورو يقين آهي ته اوهان ان کان واقف به هوندا ... هڪ گهر ۾ هڪ ئي خاندان جا ڀاتي مختلف ٻولين وارا ناهن هوندا ها ڪرائي جي عمارت ۾ رهڻ وارا ڪئي زبانن جا ماڻهون ٿي سگهنٿا ...

    اسانجا عرب سڳورا عرب ان ڪري آهن جو سندن ٻولي عربي آهي، انگريز، انگريز انڪري آهن جو هو انگريزي ڳالهائيندا آهن، فرانسيسي، جرمن، يا اسپينش، چيني مطلب ته دنيا جون سڀ قومون پنهنجين ٻولين سبب سڃاتيون وينديون آهن ... ٻوليءَ ڪنهن به قوم جو هڪ مضبوط ۽ سگهارو انگ هوندو آهي ...

    هڪ سنڌي محب وطن جي حيثيت سان آءُ دنيا جي سڀني قومن جي زبانن جو احترام ڪريانٿو ۽ انهن جي اهميت کان انڪار نٿو ڪريان ... پر منهنجي ملڪ جي پنهنجي ٻولي آهي ۽ ڪامل سٺي ۽ امير ٻولي آهي، سنڌي کي ئي سنڌ جي قومي ٻولي هجڻ کپي ۽ جيڪڏهن ڪو سنڌي سڏرائيندو ته کيس سنڌي ٻولي ڳالهائڻي پوندي ... معاف ڪجو ...

    مهرباني دوست جو اوهان هن سوال جو جواب مختصر ئي سهي پر سچائيءَ سان ڏنو آهي ... پاڪستان هڪ معاهدو آهي، جيڪو موجود قومن ۽ بنگالي قوم جا هن وقت آزاد آهي جي وچ ۾ ٿيو هو ... جنهنجو ڏينهن اڄ به پاڪستان جي ڏهاڙي جي نالي سان ملهايو ويندو آهي ... ۽ ان معاهدي واري جڳهه تي اڄ به مينار پاڪستان، شاهدي ڏئي رهيو آهي ... اسين سنڌين خلوص نيت سان پاڪستان ۾ شامل ٿيا هياسون، خلوص نيت سان بي گهر ٿيل مسلمان ڀائرن کي قبول ڪري شاميانه هڻي سندن آڌرڀاءَ ڪيو هو ... جڏهن ته پنجاب وارن صرف پنجاب کان ئي آيل مهاجر قبول ڪيا پر سنڌين ته هند جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيلن جو آڌرڀاءَ ڪيو ... ان اميد سان ته پاڪستان هڪ اسلامي ملڪ هوندو، جنهن ۾ سڀني قومن کي هڪ جيترا حق حاصل هوندا، جنهن ۾ اسين آزاديءَ سان پنهنجي قومي ترقيءَ جون منزلون طع ڪنداسون ... اسانجا وسيلا اسانتي خرچ ٿيندا ... انصاف ۽ عدل جون نهرون وهنديون ... وغيره وغيره

    پر افسوس منهنجا ڀاءُ، جو اهي سڀ خواب، خواب ئي رهجا ويا، نه اسلامي انصاف قائم ٿيو، نه ترقيءَ جا ڪي رنگ نظر آيا، نه ٻولي ۽ ثقافت جا ڪي واڌارا مليا، بلڪ هر روز هڪ نئون فتنو، هر روز هڪ نئون ظلم، هر روز اڳي کان به وڌ ڪوڙ ... هاڻ ته ڪوڙن مٿان ڪوڙ ڳالهائي ڳالهائي پاڪستان کي ڪوڙن، ظالمن، منافقن جو مسڪن ٺاهيو ويو آهي ... دنيا جا وڏي ۾ وڏا ظالم ۽ ڪوڙا اسانجي وچ ۾ ويهي اسانکان وڌيڪ خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن ... ؟

    ڀائڙا، ڪيترا سال ان معاهدي جو ڀرم قائم رکبو، دوستيون ۽ ڀائپيون به مسلسل ظلم ۽ ڪوڙ سبب ٽٽي وينديون آهن ... اوهانجو ڪو دوست، ساٿي، ڀاءُ يا اڃان به ويجهو ڪو رشتو اوهان سان مسلسل ڪوڙ ڳالهائي، اوهانکي مسلسل ٺڳيندو رهو، مسلسل ظلم ڪندو رهي ۽ اوهان کيس احساس به ڏياريندا رهو تنهن هوندي به هو پنهنجي روش برقرار رکي ته اوهان ڇا ڪندا ...... ؟

    ٻاهر ٻولي هنج جي اندر ڪارو ڪانءُ،
    اهڙو ٽلهو ٿانءُ ڀنڃي ڇونه ڀورا ڪجي.


    ڇا جيڪڏهن سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ وارا را جا ايجنٽ نه هجن. سچائيءَ سان سنڌ جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جي منزل طرف قدم وڌائن ... ته اوهانکي قبول هوندا ؟ ... سنڌ جا محب وطن ۽ اشراف سڀ ملي ڪري اها ڳالهه ڪن ته پاڪستان کي سڌاريو وڃي ۽ پوءِ به پاڪستان جي روش ساڳي برقرار هجي ته اوهانجي نظر ۾ سنڌين کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟

    []
    بلڪل ٺيڪ، قوميت صرف سڃاڻپ لئه آهي ... دين ناهي ... اسين به اهو ئي چئون ٿا ته دين اسانجو اسلام آهي ... ۽ سنڌ اسانجو ملڪ آهي ... اسان وطن جي حب کي ايمان جو جزو سمجهندي انجي خوشحالي لئه پاڻ پتوڙڻ چاهيون ٿا ... سنڌ اندر اسلامي معاشري کي قائم ڪرڻ چاهيون ٿا ... سنڌ اندر انصاف جي حڪومت هجي ... سنڌ جا وسيلا سنڌ واسين تي خرچ ٿين .... سنڌ جي ٻولي ۽ ثقافت جي حفاظت ڪئي وڃي ... دنيا جا جديد علم سنڌي زبان ۾ پڙهايا ۽ سيکاريا وڃن ... اسين انصاف جا طالبو آهيان، اسلام دشمن ناهيون ... اسين ته هن بيت ۾ ايمان رکونٿا ته ...

    اول الله عليــــــــم اعلا عــــــالم جو ڌــڻي،
    قـادر پنهنــــجي قدرت سين قائم آهي قديم،
    والــــــي واحـــد وحــــده، رازق رب رحيـــــــم،
    ســــو ســــاراه سچو ڌڻي چئي حمد حڪيم،
    ڪري پاڻ ڪريم جوڙئون جوڙ جهان جـي.

    اسانجو ايمان آهي ”ناهي ڪو معبود سواءِ هڪ الله جي ۽ محمد الله جو رسول آهي“ اسين چاهيون ٿا ته ان ڪلمي جي ڇانوَ ۾ اسين ترقي ڪريون ... بيشڪ ٻين مذهبن وارا جي اسان جا وطني آهن سي سنڌ ۾ رهن سندن پورا قومي حق به مليل هجن پر دين اسلام جي پيروي ۽ انجي واڌ ويجهه ۾ ڪا رڪاوٽ نه هجن ...


    ادا سائين، مون اوهان جي ان ڏسيل سائيٽ جو چڪر هنيو، جنهن مان ڪا خاص معلومات نه ملي ... بس صرف انگريزي لفظ نيشن طرف اشارو ٿيل آهي ....
    آءُ اوهانکي بين الاقوامي طور منڃيل ۽ قومن جي گڏيل اداري يو اين او پاران ڏسيل قوم جي تعريف ٻڌايانٿو ...
    قوم جا هٺيان اهم عنصر آهن ... جن سان ڪا قوم ٺهي ٿي ...
    1. جاگرافي (زمين)
    انسانن جي هڪ گروه وٽ تاريخي طور هڪ خطو هجي جنهن ۾ هو صدين کان پنهنجا مالڪاڻا حق رکندا هجن ...
    2. زبان (ٻولي)
    ان خطي ۾ رهندڙ ان انساني گروه وٽ هڪ ٻولي هجي جنهن سان هو پنهنجي زندگيءَ جو ڪار وهنوار ڪندا هجن ۽ هڪ ٻئي سان رابطي جو ڪم وٺندا هجن .. سندن سمورو ادب ان زبان ۾ موجود هجي ...
    3. ثقافت (ريتون ۽ رسمون)
    ان انساني گروهه جي رهڻ، اٿڻ، ويهڻ، پائڻ، کائڻ، ڳائڻ، وڄائڻ شادي ۽ غمي جون مخصوص ريتون سمون هجن، جن سان سڃاتا ويندا هجن ... مذهبي ۽ روحاني هم آهنگي پڻ ان عنصر کي وڌيڪ مصبوط ڪري ٿي ...
    4. تاريخ
    ان ڌرتيءَ تي رهندڙ ان انساني گروهه جي هڪ تاريخ هجي، جنهن ۾ سندن موجود ڪارنامه ۽ ناڪاميابيون، سورهيائون، بهادريون ۽ ادبي ڪتبا هجن ...
    5. اقتصاديات
    ان انساني گروه جي هڪ اقتصاديات هجي سندن ناڻي ۽ ڏيڻ وٺڻ جو نظام موجود هجي ... سندن آمدنيءَ جا وسيلا هجن، نقصان ۽ فائدي جا هڪ جيترا ڀاڱي ڀائيوار هجن ...

     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ ۽ سنڌي قوميت

    پيارا نثار ابڙا، جُڙيا هُجو، توهان جو هي سوالن جوابن وارو تفصيلي مقالو پڙهيم، ائين لڳو جيئن ڪو بهترين ليڪچرر پنهنجي شاگردن کي ليڪچر ڏيندو هُجي، توهان جي ان ليڪچر ۾ سنڌ ، سنڌ، سنڌ ۽ صرف سنڌ رچيل آهي، معاف ڪجو مان توهان کي ليڪچرر چئي ويس توهان ته ماشاالله هاڻي اسان جي سنڌ سلامت جا پروفيسر آهيو، پروفيسر به اُهي جيڪو هر سبجيڪٽ پڙهائيندو هُجي، لک لائق ادا توهان جا جو اهڙن ڀلن خوبصورت خيالن سان اسان کي نوازيو
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ ۽ سنڌي قوميت

    سائين مٺڙا! اهي اوهانجا وڏا وڙ آهن، ۽ وڏن واريون نظرون آهن جو همٿائيندا رهو ٿا ۔۔۔ باقي چوڻي آهي ته سچي ته بيٺو نچ، ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ، سچائي سان لکجي ۽ سچائي سان ڳالهائجي يا سچائي سان ڪو عمل ڪجي ته ستار ستر ڪندو آهي ۔۔۔ حقيقت ۾ جڏهن آ ڪجه به لکندو آهيان ته پنهنجي اندر جي سچائين کي گڏ ڪندو آهيان ۽ ڪجهه لکجي ويندو آهي ۔۔۔
    پاڻ عالم ته آهيون ڪونه ۽ وري سنڌ کان پري هجڻ ڪري ڪجهه ٻولي لکڻ ۾ مسئلو ۽ ڪجهه ڪتابن جي ڪمي آهي پر پو به مهرباني آهي انٽرنيٽ جي جو هٿ پير هڻي گهربل ڪجهه معلومات ملي ويندي آهي ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ ۽ سنڌي قوميت

    سائين قبلا سنڌي آهيون سنڌ جي ڳالهه ته سهڻي آهي ليڪن اوهان جي خيال ۾ ان اڳواڻي لاء جيڪي اسان جا سرواڻ آهن ڇا انهن ۾ اتفاق ٿيندو اگر ٿيندو ته ٿوري انتي روشني وجهندا اسان سڀ چاهيون ٿا ته اسان سنڌين کي حق ملن اسان جو غريب عوام سکيو ستابو ٿئي بد امني ختم ٿئي سنڌي سٻاجهڙا جهوپڙن ۾ سک جي ننڊ سمهن اها قسمت ڪڏهن ڏينهن ڏيکاريندي اسان سڀني سنڌين ۾ اهڙي سجاڳي ڪڏهن ايندي جو سڀئي ڪنهن هڪ مخلص ليڊر جي سليڪشن ۾ ڪامياب ٿينداسين ۔ اسان وٽ ته روز بروز سنڌين جو مختلف گروهن ۾ تقسيم ٿيڻ ڏٺو پيو وڃي انهن ۾ ڪجهه مخلص به هوندا ليڪن دعوي ته سڀني جي اخلاص واري آهي اوهان پنهنجي طرفان ٻڌايو ته انهن سڀني کي متفق ڪرڻ لاء ڪهڙو فلسفو ٿي سگهي ٿو۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ ۽ سنڌي قوميت

    ادا رحيم بخش: سنڌ جا سڀ قومپرست اڳواڻ هن وقت جدا جدا پارٽيون ٺاهي ويٺا آهن، ۽ اناپرستي جهڙي موذي مرض جو شڪار آهن، مٿان وري هر هڪ پاڻ کي سهي رستي تي سمجهي ٿو ۔۔۔جنهن سبب ويجهي ٿيڻ ۾ اڳڀرا نٿا ٿين ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته انهن سڀني اڳواڻن ۾ ڪو اهڙو اڳواڻ ناهي جو پوري قوم جو اعتماد حاصل ڪري سگهيو هجي يا وري جڳ مشهور هجي ۽ ٻي نمبر تي سندس ڪردار صاف ۽ ڀروسي جوڳو هجي ۔۔۔
    اهڙين حالتن پٽاندر سنڌ جي قومپرست سياست نڌڻڪي نظر اچي رهي آهي ۔۔۔پر انجو مقصد اهو ناهي ته اميدن جا ڏيئا گل ڪري ڇڏجن ۔۔۔ الله ۾ اميد آهي ته هڪ ڏينهن ڪو اهڙو مرد مجاهد پئدا ضرور ٿيندو جو پوري قوم جي ٻيڙي جي ڪپتاني جون واڳون سنڀاليندو ۽ پار وٺي ويندو ۔۔۔

    تازو جڏهن ڀيڻ بينظير سنڌ اچڻ جي تياري ڪري رهي هئي ته مونکي سندس جو چيل هڪ بيت مليو هو جنهنجو سنڌي ترجمو ڪري مون سنڌ سلامت تي ونڊ به ڪيو هو ۔۔۔ سچ پڇو ته اهو بيت پڙهي مون دعا گهري هئي ته الله تعالا ڪري ته ڀيڻ بينظير ان بيت جي سچائي ۾ اسانجي قوم جي نجات ڏيڻ واري ٿي پئي ۔۔۔۽ سنڌ ۾ به خوشحالي جو ڪو دور اچي پر افسوس ظالمن کيس وقت ئي نه ڏنو شايد کين خبر پئجي وئي هئي ته هن دفعي بينظير ملير جي مارئي ٿي واپس آئي آهي ۔۔۔!!! يا وري رب العالمين کي اڃان سنڌين کان امتحان وٺڻو آهي ۔۔۔ ؟؟؟ والله عالم ۔۔۔

    ڪجهه سال اڳ جڏهن مير مرتضا ڀٽو ملڪ شام کان واپس سنڌ اچي رهيو هو ته هُنَ هڪ انٽرويو ڏنو هو ۔۔۔مون اهو انٽرويو پڙهي دعا گهري هئي ته رب شايد سنڌين کي هڪ اهم اڳواڻ ۽ جنرل مهيا ڪرڻ وارو آهي پر افسوس، دشمنن کي خبر پئجي وئي هئي ته هو دودي ۽ دولهه جي روپ ۾ سنڌ واپس آيو آهي ۽ کيس شهيد ڪري ڇڏيو ۔۔۔ شايد اڃان سنڌين جو امتحان جاري ۽ ساري آهي ۔۔۔!!!

    وري به الله ۾ اميد آهي ته ڪو اهڙو اڳواڻ ضرور ايندو ۽ الله جي رحمت جوش ۾ ضرور ايندي ۔۔۔

    سائين منهنجا! اسان سڀني سنڌين جو اهو فرض آهي ته ان مطلق سوچ ڪريون ته ڪهڙو رستو اختيار ڪجي؟ اهو فرض صرف قومپرست ڌڙن جو ئي نه پر مذهبي تنظيمن جو پڻ آهي ته هو اڳتي اچن، سنڌ جي حقن جي ويڙه جي اڳواڻي پنهنجن هٿن ۾ کڻن ۽ پاڻ ملهائن ۔۔۔ ڪجهه ڏينهن اڳ مون هڪ مضمون موڪليو هو ” شاه جي ڪلام ۾ تنظيم سازي جو تصور“ اهو پڻ پڙهڻ جهڙو آهي ۔۔۔ جي اوهانکي وقت ملي ته پڙهي وٺجو ۽ ٻڌائجو ۔۔۔؟؟

    ڪنهن قوم جي آزادي وٺڻ ۾ ٻين سڀني شين سان ٽي عنصر ته انتهائي اهم آهن ۔۔۔
    نظريو:
    سنڌ کي ڪهڙي نظريو اپنائڻ گهرجي ۔۔۔ منهنجي خيال مطابق ته جي ايم سيد جو ڏنل نظريو سنڌ جي حقن جي ويڙه وڙهڻ ۾ ڪارآمد آهي:
    تنظيم:
    مضبوط تنظيم کان بغير ڪو به عمل پنهنجي منطقي منزل تي پهچي نه سگهندو آهي ۔۔۔ جيتوڻيڪ ڪئي تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن پر اڃان اهڙي ڪا به تنظيم نظر نٿي اچي جنهن ۾ اسين ايڏي وڏي اميد ڪري سگهون ۔۔۔قومپرست يا مذهبي تنظيمون سڀ پنهنجي پنهنجي خول ۾ آهن، قومي سوچ جو فقدان آهي ۔۔۔
    اڳواڻ:
    سنڌ وقت به وقت سٺا اڳواڻ پئدا ڪندي رهي آهي، پر افسوس جو کين وقت کان اڳ ماريو وڃي ٿو يا وري موجوده پاڪستان جي ورن وڪڙن واري سياست جي ور چڙهي وڃنٿا ۔۔۔مضبوط ۽ سٺي ڪردار واري اڳواڻ جو هجڻ انتهائي ضرور هوندو آهي ۔۔۔

    دعا ڪريو ته الله جو ڪو ٻانهو پنهنجو سر هٿ تي رکي نڪري پئي ۽ سنڌ جي خوشحالي جو سبب ٿئي ۔۔۔
    sindhsalamatsaathsal
     
  6. M Pariyal

    M Pariyal
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 اپريل 2010
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ ۽ سنڌي قوميت

    هي اقتباس نظر مان گذريو لکيو اٿن

    وري هن کي بـ پڙهو پو۽ بـ جيڪڏهن ڳالهـ واضع نـ ٿئي تـ سائين سڀني جي لاء ڪبي دعا تـ الله پاڪ ڪري تـ سنڌي ڪو سُک جو ساه پٽين .

    هڪ هنڌ تازه انگ اکر پڙهيم دل گهريو تـ ونڊ ڪجي ؛
    لکيل هو تـ سنڌ اندر مادري زبان جي حوالي سان 59.7 سيڪڙو سنڌي رهن ٿا، جڏهن اردو ڳالهائيندڙن جو سيڪڙو 21.1 آهي ، پنجابي ڳالهائيندڙ 7.0 سيڪڙو ، بلوچي 2.1 ، سرائيڪي 1،0 ۽ ٻيون گڏيل ٻولين ڳالهائيندڙن جو سيڪڙو 4.9 آهي . سائين آهي نـ مزي جي ڳالهـ .

    هڪ مير صاحب جي مينهن چوري ٿي وئي ، صبح ساڻ اوڙي پاڙي جي راڄن جا چڱان مڙس ۽ اوسي پاسي جا سڀ ماڻهون مير صاحب جن جي بنگلي تي گڏ ٿيا ۽ مير صاحب جن سان افسوس ڪرڻ لڳا تـ سائين چورن کي حيف هجي جو اوهان جي مينهن ڪاهي ويا آهن.
    ان مجموعي ۾ ڪو مسڪين طالب خير جيڪو هميشه مير صاحب جن کان خير وٺڻ لاء ايندو هو سو بـ ويٺو هو جڏهن سڀني ڳالهائي بس ڪئي تـ هن مير صاحب جن کي مخاطب ٿيندي عرض ڪيو تـ سائين هي جيڪي ڀتين تي ٽنگيل شينهن ، گينڊي ، هرڻ ، ڦاڙهي چيتي بگهڙ جون منڍيون آهن سي اصلي آهن . مير صاحب جن کان مينهن جي ڳالهـ تـ وئي وسري شروع ٿي ويو مجموعي وارن کي ٻڌائڻ تـ هي ببر شينهن جنهن جي سسي اوهان ڀت تي ڏسو ٿا ڏاڏا وڏي ماريو هو ۽ هن بندوق سان ماريو هو جيڪا ان جي هيٺان لٽڪيل آهي . وري ٻئي پاسي منهن ڪري چيائين هي شينهن ڏاڏا ماريو هو ، هي چيتو والد بزگوار ماريو هو ، هي ڦاڙهو ، سره ، هرڻ ، بگهڙ مون ۽ ڀاءَ وڏي ماريا هئا ، ۽ جنهن جنهن هٿيار سان ماريا هئا اُهي سڀ اسان يادگيري لاء ان شڪار جي هيٺان ٽنگي ڇڏيا آهن ، ڇو جو ماڻهون اسان کان پُڇندا آهن تـ سائين ڪهڙي هٿيار سان ماريا هئا.
    طالب خير فقير صاحب چيو سائين شاباس آهي اوهان کي جو هيترن هٿيارن پنهوارن هوندي چور اوهان جي مينهن ڪاهي ويا.
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ ۽ سنڌي قوميت

    مٺا دوست! اوهانجي ڏنل انگن اکرن ۾ مزي جي ڳالهه نه پر ڏک جي ڳالهه آهي ۔۔۔ جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته بس ايئن ئي ڌارين جي ڪاهه جاري ۽ ساري رهي ته اهو ڏينهن ويجهو آهي جڏهن سنڌي ڳالهائيندڙن جا انگ اکر گهٽ ۽ ڌارين جا وڌيڪ هوندا، جڏهن ته هاڻ به سنڌ جي حڪومت ۾ ڌارين جو تعداد تڪليفده آهي ۔۔۔ سوچ جو مقام آهي ۔۔۔

    بيشڪ ادا سائين اها ئي ته اسانجي به حالت آهي، سڀ ڪجهه هوندي سوندي به ڌاڙيل ڌاڙا هڻن پيا، اسانجي اکين آڏو سڀ ڪجهه کنيو پيا وڃن پر اسين آهيون جو اکيون بند ڪري ويٺا آهيون ۔۔۔ روئڻ جو مقام آهي ۽ بس ۔۔۔ الائجي ڪڏهن ڏونگر ڏوربا ۔۔۔ الائجي ڪڏهن صبح ٿيندو ۔۔۔؟؟؟

    دوست، اوهانجا موڪليل انگ اکر ۽ هي مختصر مذاحي قصو پڻ اکين کولڻ ڪافي آهي ۔۔۔:-bd
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو